Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:19 - Muslim Sindhi Bible

19 ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 خداوند، لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ خود تنهنجي شرارت توکي سيکت ڏيندي، ۽ تنهنجون ڪوتاهيون توکي ملامت ڪنديون: تنهن ڪري ڄاڻ ۽ ڏس، تہ تو جو خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ توکي منهنجو ڊپ ڪونهي، سو اها هڪڙي خراب ۽ ڪَرڙي ڳالهہ آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:19
40 Iomraidhean Croise  

الياس ورندي ڏيئي کيس چيو تہ ”مون اسرائيل کي نہ آزاريو آهي. پر تو ۽ تنهنجي پيءُ عمريءَ جي گھراڻي اسرائيل کي آزاريو آهي. تو خداوند جي حڪمن کي مڃڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ بعل ديوتا جي پٺيان لڳو آهين.


تڏهن سمعياہ نبي يهوداہ جي اڳواڻن ۽ رحبعام وٽ آيو جيڪي سيساق جي خوف کان ڀڄي يروشلم ۾ اچي گڏ ٿيا هئا. هن کين چيو تہ ”خداوند فرمائي ٿو تہ ’جيئن اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي تيئن هاڻي مون بہ اوهان کي سيساق جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.‘“


سو ادومي اڄ ڏينهن تائين يهوداہ ملڪ کان باغي رهندا ٿا اچن. يهورام جي ئي ڏينهن ۾ لبناہ شهر وارا بہ باغي ٿي ويا. اهو انهيءَ ڪري ٿيو جو يهورام خداوند پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا کي ڇڏي ڏنو هو.


جيئن تہ اڃا هو بادشاهہ سان ڳالهائي رهيو هو تہ بادشاهہ وچ ۾ چيس تہ ”ڇا مون تو کي پنهنجو صلاحڪار بڻايو آهي؟ هاڻي بس ڪر تہ مارائي نہ ڇڏيانءِ.“ تڏهن نبيءَ کڻي بس ڪئي، پر ويندي ويندي بادشاهہ کي ائين چيائين تہ ”هاڻي مون کي معلوم ٿي ويو تہ خدا تو کي ناس ڪرڻ جو ارادو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ تو اهڙو ڪم ڪيو آهي ۽ منهنجي صلاح بہ ٻڌڻ نہ ٿو چاهين.“


بڇڙن جي دلين ۾ خدا جو ڪو خوف ڪونهي. سندن دلين تي رڳو گناهہ جي حڪمراني آهي.


سو بني اسرائيل سينا جبل وٽ ئي پنهنجو سينگار لاهي روانا ٿيا.


تنهنڪري هاڻي اوهين پنهنجو ڪيتو پاڻ لوڙيندا ۽ پنهنجي افعالن جي پوري پوري سزا ڀوڳيندا.


بيشڪ جيڪي اٻوجھہ ۽ بي‌عقل نصيحت کان انڪار ڪن ٿا سي ماريا ويندا ۽ سندن لاپرواهي کين برباد ڪري ڇڏيندي.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


هنن جي بي‌انصافي سندن ئي خلاف شاهدي ٿي ڏئي، اهي ماڻهو سدوم ۽ عموراہ جي رهاڪن وانگر ظاهر ظهور گناهہ ڪن ٿا، ۽ لڪائين نہ ٿا. سو ويل آهي انهن لاءِ! ڇاڪاڻ تہ هنن پاڻ پنهنجي سر تي بڇڙائي آندي آهي.


ڏسو، آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هاڻي آءٌ انگورن جي باغ سان ڇا ڪندس. آءٌ انهيءَ جو لوڙهو ڪڍي ڇڏيندس، ۽ اهو چراگاهہ بڻجي ويندو. آءٌ انهيءَ جي ڀت ڀڃي ڇڏيندس، ۽ اهو لتاڙيو ويندو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.


پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.


اي بني اسرائيل! ڇا اهو سڀ ڪجھہ تو پنهنجي مٿان پاڻ نہ آندو آهي؟ ڇوجو تو مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو، جڏهن تہ مون تنهنجي رهنمائي پئي ڪئي.


اي ڦري ويل قوم وارؤ! خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿيو، هو اوهان جي گمراهيءَ جو علاج ڪندو. اوهين هي چئو تہ ”اسين خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿا ٿيون، ڇاڪاڻ تہ هو ئي خداوند، اسان جو خدا آهي.


اي يهوداہ وارؤ! اوهان جي پنهنجي هلت چلت ۽ اوهان جن پنهنجن افعالن اها مصيبت اوهان جي سر تي آندي آهي. اها اوهان جي بڇڙاين جي سزا آهي. اها ڪيڏي نہ سخت آهي! اها ڪيڏي نہ دل ۾ چڀندڙ آهي!


اوهين مون خداوند کان ڇو نہ ٿا ڊڄو؟ اوهين منهنجي سامهون ڇو نہ ٿا ڏڪو؟ مون سمنڊ کي واريءَ جو ڪنارو ڏنو آهي. اهو اهڙو تہ مستقل ڪنارو آهي، جنهن کان هو ٽپي نہ ٿو سگھي. ان جون ڇوليون ڀل اٿلون کائين، پر اُهي ڪناري کان ٽپي نہ ٿيون سگھن، اُهي ڀل تہ گجگوڙون ڪن پر ان کي اورانگھي نہ ٿيون سگھن.


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


اهو ئي سبب آهي جو ٻيلي مان هڪڙو شينهن هنن تي حملو ڪري کين چٽ ڪندو، بيابان مان هڪڙو بگھڙ اچي کين کائيندو، هڪڙو چيتو سندن شهرن جي ويجھو ڇپ هڻي ويهندو، تہ جيئن جيڪو اتان ٻاهر نڪري تنهن کي چيري ڦاڙي ڇڏي. اهو انهيءَ ڪري جو هنن جي بغاوت وڌي ويئي آهي، ۽ سندن قصور گھڻا ٿي ويا آهن.


پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا.


تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿا ٿيو.


اهي سڀ ڳالهيون تو سان ضرور ڪيون وينديون، ڇاڪاڻ تہ تون ڪسبياڻيءَ جيان پنهنجي يارن يعني غير قومن جي پٺيان لڳي آهين ۽ انهن جي بتن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي پليت ڪيو اٿيئي.


هائو، مون کين سندن بدڪارين ۽ پليت ڪمن جي ڪري جوڳي سزا ڏني ۽ کين ڇڏي ڏنم.


منهنجي قوم مون کي ڇڏي ڏيڻ لاءِ پنهنجي هوڏ تي قائم آهي. اهي بعل ديوتا کي پڪاريندا آهن، ۽ سندس ئي پوڄا ڪندا آهن.


ٻڌو اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻڌو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس. اهڙو ڪوبہ نہ هوندو جيڪو اچي اوهان جي مدد ڪري.


اي اسرائيل وارؤ! اوهان جي بدڪاريءَ ئي اوهان کي ٿاٻو ڏيئي ڪيرايو آهي، تنهنڪري اوهين خداوند پنهنجي خدا آڏو توبهہ‌تائب ٿيو.


جيئن تہ اسرائيل وارن سرڪش ڏاند وانگر سرڪشي ڪئي آهي، سو آءٌ خداوند ڪيئن انهن کي رڍن وانگر کُليل چراگاهہ ۾ چاريان؟


اسرائيل وارا مغروريءَ جي ڪري بدڪار ٿي ويا آهن، ۽ اها مغروري سندن منهن مان پئي ظاهر ٿئي. پر هاڻي افرائيم قبيلي بلڪ سڄي اسرائيل وارا انهيءَ بدڪاريءَ جي ڪري منهن ڀر ڪرندا. هائو، انهن سان گڏ يهوداہ وارا پڻ ٿاٻڙجي وڃي هيٺ ڪرندا.


هو اهو نہ ٿا سوچين تہ آءٌ سندن سڀ بڇڙايون ڏسي رهيو آهيان، بلڪ اهي ايترو تہ بڇڙاين ۾ وڌي ويا آهن، جو انهن کي ڏسڻ سان مون کي رڳو گناهہ ئي گناهہ نظر اچن ٿا.


اي اسرائيل وارؤ! اوهين ٻين قومن جيان خوشي ۽ شادمانو نہ ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهين خدا سان بي‌وفائي ڪري کانئس پري ٿي ويا آهيو. هائو، اوهان بعل ديوتائن اڳيان پاڻ کي ڪسبياڻيءَ جيان پيش ڪيو آهي، ائين اوهان کي جيڪو اناج ملي ٿو، تنهن کي اوهين پنهنجي ڪسب جو عيوضو ٿا سمجھو.


آءٌ اوهان جي عيدن کي ڦيرائي ماتم، ۽ سڀني راڳن کي ڦيرائي مرثيا ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان سڀني کي کٿا ڍڪرائيندس، ۽ اوهان جا مٿا ڪوڙائيندس. آءٌ اوهان ۾ اهڙو تہ ماتم وجھندس، جهڙو سڪيلڌي پٽ جي مرڻ تي ٿيندو آهي، اهو ماتم پڇاڙي تائين تمام سخت هوندو.


اهو سڀ ڪجھہ يعقوب جي اولاد، يعني بني اسرائيل جي گناهن جي ڪري ٿيندو. ڇا سامريہ شهر ۾ اسرائيل وارن کي بت‌پرستيءَ جي راهہ تي نہ آندو ويو آهي؟ ڇا يروشلم شهر ۾ غير معبودن جون قربان‌گاهون ٺاهي يهوداہ وارن کي گنهگار نہ بڻايو ويو آهي؟


اهو ئي پيغام هو جيڪو اوهان جي ابن ڏاڏن ٻڌڻ کان انڪار ڪيو. هنن هٺ ڪري مون کان منهن موڙي ڇڏيو ۽ پنهنجن ڪنن ۾ ڪپهہ وجھي ڇڏيائون.


نہ وري کين خدا جو ڪو خوف آهي.“


پوءِ بہ اوهان مون کي ڇڏي غير معبودن جي پوڄا پئي ڪئي آهي. سو هاڻ آءٌ اوهان کي وري ڪونہ ڇڏائيندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan