يرمياہ 2:15 - Muslim Sindhi Bible15 غير قوم وارا جوان شينهن جيان مٿس رڙيا ۽ گجيا، ۽ سندس ملڪ کي ويران ڪري ڇڏيائون. سندس شهر ساڙيا ويا، ايتري قدر جو انهن ۾ ڪو رهڻ وارو نہ بچيو. Faic an caibideilSindhi Bible15 جوان شينهن اُنهي تي گوڙ ڪيو آهي، ۽ اُهي گجيا آهن: ۽ انهن هن جي زمين سڃي ڪري ڇڏي آهي؛ هن جا شهر سڙي ويا آهن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونهي. Faic an caibideil |
پوءِ خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون انهن سڀني جي خلاف هنن ڳالهين جي پيشنگوئي ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’خداوند آسمان مان گجندو، هو پنهنجي پاڪ مڪان مان پنهنجو آواز بلند ڪندو. هائو، هو نہ رڳو پنهنجي قوم جي خلاف وڏي زور سان گجندو، بلڪ ڌرتيءَ جي سڀني رهاڪن تي اهڙي هڪل ڪندو، جهڙي انگورن لتاڙڻ وارا جوش وچان ڪندا آهن.
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
خداوند فرمائي ٿو تہ ”هن ملڪ بابت چيو وڃي ٿو تہ ’اهو ويران ٿي ويو آهي، منجھس ڪوبہ انسان يا جانور ڪونهي.‘ جيتوڻيڪ يروشلم جون گھٽيون ۽ يهوداہ جا ٻيا شهر ويران آهن ۽ منجھن نہ ڪو ماڻهو آهي ۽ نہ وري ڪو جانور، تنهن هوندي بہ انهن مان هڪ دفعو وري خوشي ۽ سرهائيءَ جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو. هائو، اتي گھوٽ ۽ ڪنوار جو آواز ۽ انهن جو آواز ٻڌڻ ۾ ايندو جيڪي منهنجي هيڪل ڏانهن شڪرگذاريءَ جا نذرانا هي ڳائيندي آڻيندا آهن تہ ’قادرِمطلق خداوند جي شڪرگذاري ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ڀلو آهي. سندس شفقت لافاني آهي.‘ آءٌ هن ملڪ جي خوشحالي اڳي وانگر بحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“
تنهنڪري تون اڳڪٿي ڪندي انهن جبلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’اي بني اسرائيل جي ملڪ جا جبلؤ! آسپاس وارين قومن جيڪي جنگ جي تباهيءَ کان بچي ويون هيون، تن اوهان تي قبضو ڪري هر طرف کان اوهان کي ناس ڪري ڇڏيو آهي ۽ اوهان کي ويران ڪيو اٿائون. انهيءَ ڪري ماڻهو هر هنڌ اوهان بابت گھٽ وڌ ڳالهائين پيا ۽ اوهان تي کل ٺٺولي ڪئي ٿي وڃي.