Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:14 - Muslim Sindhi Bible

14 ”بني اسرائيل قوم نہ تہ زرخريد ٻانهي آهي، ۽ نہ وري اها پيدائشي غلام هئي، تہ پوءِ ڪهڙي سبب ڪري انهيءَ کي لٽيو ڦريو ويو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 اسرائيل ڪو ٻانهو آهي ڇا؟ هو ڪو گهر ڄاول غلام آهي ڇا؟ ڇالاءِ هو لٽجي ڦرجي ٿو؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:14
7 Iomraidhean Croise  

اوهان جي ملڪ ۾ ڄاول ماڻهوءَ لاءِ توڙي ڌارئيءَ لاءِ، جيڪو اوهان ۾ رهي ٿو، ساڳيا ئي قاعدا لاڳو آهن.“


تڏهن تون فرعون کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’بني اسرائيل منهنجو پهريتو پٽ آهي.


مون ڪيترائي غلام ۽ ٻانهيون پڻ خريد ڪيون، جن جا پٽ ۽ ڌيئرون، جيڪي پيدا ٿيا سي بہ منهنجا نوڪر چاڪر بڻيا. مون وٽ ڍورن ڍڳن ۽ رڍن ٻڪرين جا گھڻا ئي ڌڻ هئا. هائو، منهنجي ملڪيت انهن سڀني کان وڌيڪ هئي جيڪي مون کان اڳ يروشلم ۾ رهندا هئا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! جڏهن مون اوهان جي ماءُ صيئون کي رد ڪري ڇڏيو هو، تڏهن مون پنهنجي طرفان کيس طلاق ڪين ڏني هئي. پر جي اوهين ائين سمجھو ٿا تہ پوءِ اهو طلاق نامو ڪٿي آهي؟ جڏهن اوهين غلاميءَ ۾ وڪامي قيد ٿي ويا هئا، تڏهن مون اوهان کي پنهنجي ڪنهن قرض لاهڻ لاءِ ڪين وڪيو هو. مون هرگز ائين ڪين ڪيو هو، بلڪ اوهين تہ پاڻ پنهنجين بدڪارين جي ڪري وڪاڻا هئا. هائو، اوهان جي ڏوهن جي ڪري ئي اوهان جي ماءُ رد ڪئي ويئي هئي.


اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“


جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan