Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا آهن ڇا، جي حقيقت ۾ خدا ناهن؟ پر منهنجي قوم انهيءَ شيءِ تي پنهنجو جلال بدلايو آهي، جنهن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:11
23 Iomraidhean Croise  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


پر هوڏانهن خداوند جي ملائڪ الياس تشبيءَ کي چيو تہ ”اُٿ، وڃي اسرائيل جي بادشاهہ جي قاصدن کي پهچ ۽ کين چئُہ تہ ’اسرائيل ۾ خدا ڪونهي ڇا جو اوهين عقرون شهر جي معبود بعل‌زبوب کان پڇا ڪرڻ ٿا وڃو؟


پر ڇا اوهان خداوند جي ڪاهنن يعني هارون جي پٽن کي ۽ لاوين کي بہ پاڻ وٽان هڪالي نہ ڪڍيو آهي؟ ڇا اوهان پنهنجي طرفان انهن جي جاءِ تي ٻين ماڻهن کي مقرر نہ ڪيو آهي، جيئن ٻين ملڪن جون قومون ڪنديون آهن؟ جيڪو ماڻهو هڪڙو وهڙو ۽ ست گھٽا پاڻ سان کڻي پاڻ کي وقف ڪرڻ لاءِ ٿو اچي سو انهن جو ڪاهن ٿو بڻجي وڃي جيڪي حقيقت ۾ معبود آهن ئي ڪونہ.


ائين هنن پنهنجي عظيم خدا کي ڇڏي ڏنو، ۽ انهيءَ جي بجاءِ گاهہ کائيندڙ هڪ جانور جي مورتي چونڊي ورتائون.


پر انهن جا معبود رڳو چانديءَ ۽ سون جا ٺاهيل بت آهن، جيڪي ماڻهن جي هٿن جي ڪاريگري آهن.


پر اي خداوند! تون ئي تہ چئني طرفن کان منهنجي حفاظت ڪندڙ آهين. تون ئي تہ منهنجو اهو شان آهين، جيڪو مون کي سرفراز ٿو ڪرين.


هنن سندن معبودن کي باهہ ۾ اڇلائي تباهہ ڪري ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اهي حقيقي معبود نہ هئا، بلڪ ماڻهن جي هٿن جا جوڙيل رڳو ڪاٺ ۽ پٿر جا بوتا هئا.


ڀلا ماڻهن جي هٿن جا ٺاهيل معبود بہ حقيقي معبود ٿي سگھن ٿا ڇا؟“


تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين قومن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڏسو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؟ منهنجي قوم جيڪا هڪ ڪنواريءَ مثل آهي، تنهن تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهان جي ابن ڏاڏن مون وٽ ڪهڙي ڪمي ڏٺي هئي، جو هو مون کان ڦري ويا؟ هو بيڪار بتن جي پوڄا ڪري پاڻ بہ بيڪار بڻيا.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


خداوند پنهنجي قوم کي فرمايو تہ ”اهڙين ڳالهين تي آءٌ اوهان کي ڇو معاف ڪريان؟ اوهان مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ڪوڙن معبودن جي پوڄا ڪندا رهيا آهيو. مون اوهان کي آسودگي عطا ڪئي تہ بہ اوهان وڃي زنا ڪئي، ۽ ڪڃرين جي گھرن ۾ وڃي ڳاهٽ ٿيو ٿا.


اهي بتن جي پوڄا ڪري مون کان ڌار ٿي ويا آهن. سو آءٌ سندن بت‌پرستيءَ جي دلي خواهش مطابق کين سزا ڏيندس.


تنهنڪري اي يروشلم وارؤ! ٻڌو، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي آس‌پاس وارين قومن کان وڌيڪ فسادي ٿي ويا آهيو ۽ منهنجي حڪمن تي نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي بہ نہ هليا آهيو.


جيئن تہ ٻي هر ڪا قوم الڳ الڳ معبودن جي پوڄا ۽ فرمانبرداري ڪري ٿي، پر اسين هميشہ هميشہ تائين خداوند پنهنجي خدا جي عبادت ۽ فرمانبرداري ڪندا رهنداسين.


هنن غير فاني خدا کي عظمت ڏيڻ جي بدران اهڙن بتن جي پوڄا ڪئي جيڪي فاني انسانن، پکين، ريڙهيون پائيندڙن توڙي چوپاين جانورن جي صورت تي بڻايا ويا هئا.


سو بتن تي قرباني ڪرڻ بابت اسين ڄاڻون ٿا تہ بت دنيا ۾ ڪابہ حقيقت نہ ٿا رکن ۽ هي بہ ڄاڻون ٿا تہ سواءِ هڪڙي جي ٻيو ڪوبہ خدا ڪونهي.


بيشڪ ايمان آڻڻ کان اڳ ۾ خدا جي ڄاڻ نہ هوندي اوهين انهن جي غلاميءَ ۾ هئا جيڪي حقيقت ۾ خدا نہ آهن.


هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري خداوند کي غيرت ڏياري، هائو، ڪراهت وارين شين سان هنن کيس بيحد غصو ڏياريو.


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


اي بني اسرائيل! اوهين ڪيڏا نہ سڀاڳا آهيو! اوهان جهڙي ٻي ڪابہ قوم ناهي، جنهن کي خداوند پاڻ بچايو هجي. اهو ئي ڍال جيان اوهان جي حفاظت ٿو ڪري، ۽ اهو ئي اوهان جي حشمت واري تلوار آهي. سو اوهان جا دشمن اوهان وٽ اچي پيش پوندا، ۽ اوهين ٽڪرن تي ٺهيل سندن پوڄا گھرن کي لتاڙي ناس ڪندا.“


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


هن پنهنجي پٽ جو نالو يڪبود يعني ”بني اسرائيل مان حشمت هلي ويئي“ رکيو، ڇاڪاڻ تہ خدا جي عهد واري صندوق کسجي ويئي هئي ۽ سندس سهرو ۽ مڙس بہ مارجي ويا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan