Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 2:10 - Muslim Sindhi Bible

10 اي منهنجي قوم! اولهہ ۾ قبرص جي ٻيٽن تائين پار وڃي ڏس، اوڀر ۾ قيدار تائين ماڻهو موڪلي جاچ ڪري ڏس، تون جتي بہ ويندينءَ ڪٿي بہ ائين نظر نہ ايندءِ جو

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ڇالاءِ جو ڪتيم جي ٻيٽن ڏي پار لنگهي وڃي ڏسو، ۽ قيدار ڏي ماڻهو موڪليو ۽ ڌيان ڏيئي ويچار ڪريو؛ ۽ ڏسو تہ اهڙي ڪا ڳالهہ ڪڏهن ٿي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 2:10
21 Iomraidhean Croise  

هن جو اولاد سندن ڄم جي لحاظ کان ترتيبوار هي آهي: نبايوت، قيدار، ادبئيل، مبسام،


ماڻهو کين جواب ڏيندا تہ ’هن ڪري جو بني اسرائيل خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي ڏنو جنهن هنن جي ابن ڏاڏن کي مصر جي ملڪ مان ڪڍي آندو هو. هنن غير معبودن جي اطاعت ڪئي ۽ انهن کي سجدو ڪري پوڄڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو خداوند هنن تي اها سموري مصيبت آندي آهي.‘“


ياوان جو اولاد اِلِيشاہ، ترسيس، ڪتي ۽ دوداني هئا.


جڏهن دائود تمام پوڙهو ٿي ويو، تڏهن هن پنهنجي پٽ سليمان کي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو.


قهات جا هي چار پٽ هئا: عمرام، اضهار، حبرون ۽ عزي‌ايل.


افسوس! آءٌ انهن دغابازن منجھہ اهڙي بدتر زندگي پيو گذاريان، جيئن ڪو مسڪ ۽ قيدار وارن ۾ بدتر پيو گذاري.


پوءِ پروردگار مون کي فرمايو تہ ”ڏس، اڄ کان هڪ سال جي اندر اندر سندن دشمن قيدار جو سمورو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو.


هي پيغام صور ۽ صيدا شهر بابت آهي. اي اوهين! جيڪي ترسيس کان سامونڊي جهازن رستي موٽي ٿا اچو، سي واءِ‌ويلا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو بندرگاهہ وارو شهر صور اهڙو تہ برباد ڪيو ويو آهي، جو اتي اوهان لاءِ ڪوبہ گھر يا در سلامت ڪونهي. اها خبر اوهان کي قبرص جي ٻيٽ تي پهچڻ وقت ملندي.


خداوند صيدا جي رهاڪن کي فرمايو تہ ”اي صيدا جا رهاڪؤ! اڄ تائين اوهان جي شهر کي ڪنهن هٿ بہ نہ لاتو آهي، پر هاڻي اوهان جون خوشيون ختم ٿي وينديون. هائو، اوهين مظلوم ٿي قبرص ڏانهن ڀڄي نڪرندا، جتي بہ اوهين امن وَ سلامتيءَ سان رهي نہ سگھندا.“


خداوند جو هي پيغام قيدار قبيلي وارن ۽ حصور علائقي جي سردارن بابت آهي، جن کي بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر شڪست ڏني. خداوند نبوڪدنضر کي فرمايو هو تہ ”اُٿ، تون قيدار قبيلي تي چڙهائي ڪر، هائو، اوڀر جي انهن ماڻهن کي ناس ڪر.


تو پنهنجي ڪپڙن مان ڪجھہ ڪپڙا پوڄا وارين جاين کي سينگارڻ لاءِ استعمال ڪيا ۽ اتي ڪسبياڻيءَ وانگر تو اهڙي تہ زناڪاري ڪرائي جو اهڙي نہ ڪڏهن ٿي آهي ۽ نہ ٿيندي.


عرب ۽ قيدار علائقن جا سڀ سردار واپار ۾ تنهنجا ساٿي هئا، ۽ رڍون ۽ ٻڪريون آڻي تو سان واپار ڪندا هئا.


تنهنجا ونجھہ هنن بسن علائقي جي شاهہ‌بلوط وڻ جي ڪاٺ مان جوڙايا هئا، ۽ هنن قبرص ٻيٽ مان شمشاد جو ڪاٺ آڻي تنهنجا اندريان مٿيان تختا ٺاهيا هئا جن تي عاج جڙايو هئائون.


تنهنڪري اي يروشلم وارؤ! ٻڌو، آءٌ خداوند خدا چوان ٿو تہ اوهين پنهنجي آس‌پاس وارين قومن کان وڌيڪ فسادي ٿي ويا آهيو ۽ منهنجي حڪمن تي نہ هليا آهيو، نڪي منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيو اٿوَ، بلڪ اوهان تہ پنهنجي آس‌پاس وارين قومن جي قاعدن قانونن تي بہ نہ هليا آهيو.


تنهن کان پوءِ هو سامونڊي علائقي وارين قومن ڏانهن رخ ڪندو ۽ انهن مان گھڻين تي فتح حاصل ڪندو. پر ٻئي ملڪ جو هڪڙو فوجي سالار کيس شڪست ڏيئي هن جو غرور ٽوڙي ڇڏيندو. هائو، هو شام جي بادشاهہ کي سندس غرور جو مزو چکائيندو.


جيئن تہ رومي لشڪر سامونڊي جهازن ۾ چڙهي سندس مقابلي لاءِ نڪري ايندا، تنهنڪري هو دل هاري ويهندو. تڏهن هو موٽندي اها ڪاوڙ خدا ۽ سندس قوم جي وچ ۾ ٿيل عهد تي ڇنڊيندو، جڏهن تہ انهن ماڻهن جي پاسخاطري ڪندو جيڪي انهيءَ عهد کان ڦري ويا هوندا.


قبرص ٻيٽ جا لشڪر سامونڊي جهازن ۾ ايندا، اهي اشور ۽ عبر ٻنهي کي شڪست ڏيئي عاجز ڪندا، پر آخرڪار قبرص ٻيٽ وارا پاڻ بہ برباد ٿي ويندا.“


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


جن کي بہ انهيءَ بابت معلوم ٿيو تن چيو تہ ”جنهن ڏينهن کان اسين بني اسرائيل مصر جي ملڪ مان نڪري آيا آهيون تنهن ڏينهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين، اسان اهڙو ڪم نہ ڪيو آهي، نہ ٻڌو ۽ نہ ڏٺو آهي. انهيءَ بابت غور ڪريو، ويچاريو ۽ ٻڌايو تہ ڇا ڪجي!“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan