Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 19:2 - Muslim Sindhi Bible

2-3 پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 ۽ بن هنوم جي وادي، جا ڪنڀارن جي دروازي جي لنگهہ وٽ آهي، تنهن ڏي نڪري وڃ، ۽ اُتي جيڪي ڳالهيون آءٌ توسان ڪريان سي تون پڌريون ڪر:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 19:2
19 Iomraidhean Croise  

يوسياہ بادشاهہ غير معبودن جي توفت نالي پوڄا گھر جيڪو هنوم جي ماٿريءَ ۾ هو، تنهن جي بہ بي‌حرمتي ڪرائي تہ جيئن اڳتي ڪوبہ ماڻهو پنهنجي پٽ يا ڌيءَ کي مولڪ ديوتا اڳيان ساڙڻ واري قربانيءَ طور پيش نہ ڪري سگھي.


هن هنوم ماٿريءَ ۾ غير معبودن واسطي ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪيون ۽ جن غير قومن کي خداوند بني اسرائيل اڳيان هڪالي ڪڍيو هو تن جي ڪراهت جهڙين ريتن رسمن تي هلي پنهنجي پٽن کي ساڙڻ واريءَ قربانيءَ طور پيش ڪيائين.


هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


انهن کان پوءِ صدوق ولد امير پنهنجي گھر جي سامهون واري حصي جي مرمت ڪئي. تنهن کان پوءِ سمعياہ ولد سڪنياہ مرمت ڪئي، جيڪو اوڀر واري دروازي جو رکوالو هو.


تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”ائين نہ چئُہ تہ ’آءٌ تہ اڃا ٻار آهيان،‘ بلڪ جنهن ڏانهن بہ آءٌ تو کي موڪليان، تنهن ڏانهن تو کي وڃڻو آهي، ۽ جيڪي حڪم آءٌ تو کي ڏيان سو پهچائڻو آهي.


خداوند مون کي وري فرمايو تہ ”هنن سڀني ڳالهين جو يروشلم جي گھٽين ۾ بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن ۾ اعلان ڪر ۽ کين چئُہ تہ ’اوهين هن عهد جي ڳالهين تي ڌيان ڏيو ۽ انهن تي عمل ڪريو.


”ڪنڀر جي گھر وڃ، اتي آءٌ تو کي پنهنجو پيغام ڏيندس.“


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


سو تون وڃ ۽ اترادي ملڪ اسرائيل ۾ وڃي مون خداوند جو هي فرمان وڏي واڪي چئي ٻڌاءِ تہ ’اي اسرائيل ملڪ جا بي‌وفا رهاڪؤ! موٽي اچو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان تي وڌيڪ غضب نازل نہ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ رحيم آهيان، آءٌ هميشہ ڪاوڙيل نہ رهندس.


هنن بعل ديوتا جي پوڄا لاءِ هنوم ماٿريءَ ۾ پوڄا گھر ٺاهيا، جتي پنهنجن پٽن ۽ ڌيئرن کي مولڪ ديوتا جي لاءِ باهہ ۾ قربان ڪيائون. انهيءَ ڳالهہ جو مون نہ هنن کي حڪم ڏنو، نہ وري اها ڳالهہ منهنجي دل ۾ آئي تہ هو اهڙو ڪراهت جهڙو ڪم ڪن ۽ اهڙيءَ طرح سڀ يهوداہ وارا گناهن ۾ غرق ٿي وڃن.“


”اُٿ، وڏي شهر نينواہ ڏانهن وڃ ۽ جيڪي آءٌ تو کي چوان سو اتان جي ماڻهن کي وڃي ٻڌاءِ.“


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“


پوءِ اُها سرحد هنوم ماٿريءَ وچان هلي ڏکڻ پاسي جبل جي لاهيءَ وٽان جتي يبوسين جو شهر يروشلم آهي، رفائين واديءَ جي اترئين ڇيڙي تي هنوم ماٿريءَ جي سامهون اولهہ طرف بيٺل جبل جي چوٽيءَ تي چڙهي ويئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan