Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 19:15 - Muslim Sindhi Bible

15 ”ٻڌو، قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا ڪجھہ وقت اڳ اوهان کي آگاهہ ڪيو هو تہ هو يروشلم جي رهاڪن ۽ آس‌پاس جي ڳوٺن وارن تي آفتون نازل ڪندو. پر اوهان پنهنجي هوڏ تي قائم رهيا ۽ خداوند جي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏنوَ. سو هاڻي خداوند اوهان تي اهي آفتون آڻڻ وارو آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 19:15
23 Iomraidhean Croise  

هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


جيتوڻيڪ تو کين خبردار بہ ڪيو تہ ’منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪجو،‘ تڏهن بہ هنن هٺ کان ڪم ورتو ۽ تنهنجا حڪم نہ مڃيائون. بلڪ تنهنجي انهن قاعدن قانونن جي ابتڙ ڪم ڪيائون، جن تي جيڪڏهن انسان عمل ڪري تہ جيئرو رهي سگھي ٿو. هنن هوڏ ڪندي تو کي پٺي ڏني، ۽ وڏائيءَ ۾ ڀرجي تو ڏانهن ڪو ڌيان نہ ڏنائون.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


جيئن پوتڙو ماڻهوءَ جي چيلهہ سان ٻڌل هوندو آهي، تيئن مون بہ اسرائيل ۽ يهوداہ وارن کي پاڻ سان ٻڌو هو تہ جيئن هو منهنجي ئي قوم رهندي منهنجي نالو جي واکاڻ ڪن ۽ منهنجي عظمت ظاهر ڪن. پر هنن ان پاسي ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو.“


پر هنن نڪي ٻڌو ۽ نہ وري ڌيان ئي ڏنائون، بلڪ هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجو سڌارو قبول نہ ڪيائون.


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


جڏهن اوهين پوريءَ طرح خوشحال هئا، تڏهن مون اوهان کي خبردار ڪيو هو، پر اوهان منهنجي ڳالهہ نہ مڃي. شروعات کان ئي اوهان جي اها عادت رهي آهي، جو اوهان منهنجي فرمانبرداري نہ ڪئي آهي.


”هن ملڪ جي بادشاهہ يوسياہ ولد امُون جي بادشاهيءَ جي تيرهين سال کان وٺي اڄ ڏينهن تائين جيڪي ٽيويهہ سال گذريا آهن تن ۾ خداوند جو فرمان مون تي نازل ٿيندو رهيو آهي، جيڪو مون اوهان کي بار بار پئي ٻڌايو آهي. پر اوهان ٻڌو اڻ‌ٻڌو پئي ڪيو آهي.


جيتوڻيڪ خداوند اوهان ڏانهن بار بار پنهنجا ٻانها يعني نبي پئي موڪليا آهن، تہ بہ اوهان انهن کي ناهي ٻڌو، نہ وري انهن ڏانهن ڪو ڌيان ئي ڏنو اٿوَ.


پر خداوند جو فرمان آهي تہ اوهان ڏانهس ڪو ڌيان نہ ڏنو آهي، اٽلندو پنهنجي هٿن سان ٺاهيل بتن جي پوڄا ڪري سندس ڪاوڙ کي ڀڙڪايو اٿوَ ۽ پنهنجو پاڻ کي نقصان رسايو اٿوَ.


تنهنڪري ئي قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ’اي يهوداہ وارؤ! جيئن تہ اوهان منهنجي ڳالهين ڏانهن ڌيان نہ ڏنو آهي،


آءٌ تو کي، تنهنجي اولاد کي ۽ تنهنجي عملدارن کي اوهان جي ڪيل بدڪاريءَ جي سزا ڏيندس. آءٌ اوهان تي، يروشلم جي رهاڪن تي، بلڪ سڄي يهوداہ جي ماڻهن تي هر اها مصيبت آڻيندس جنهن جي آڻڻ بابت مون اڳ ۾ ئي ٻڌائي ڇڏيو آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي آهي.‘“


اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.


اي دنيا وارؤ! ٻڌو، آءٌ هن قوم تي مصيبت آڻڻ وارو آهيان، جيڪا سندن تدبيرن جو نتيجو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن منهنجيون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو اٿن.


پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“


آہ! پروردگار اسان بني يعقوب جي سڀني رهڻ وارين جاين کي ڪيڏو نہ ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو، ۽ مٿن ڪو رحم نہ ڪيو اٿس. هائو، هن پنهنجي قهر وچان پياري يهوداہ ملڪ جا سمورا قلعي وارا شهر ڪيرائي برباد ڪري ڇڏيا آهن. هن سڄي بادشاهت ۽ سندس حڪمرانن کي خاڪ ۾ ملائي ذليل ڪري ڇڏيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan