Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:8 - Muslim Sindhi Bible

8 تڏهن جنهن قوم کي مون مصيبت کان آگاهي ڏني هوندي، سا جيڪڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي تہ آءٌ مٿس اها مصيبت نہ آڻيندس جيڪا مون رٿي هوندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

8 جي اها قوم، جنهن جي نسبت مون ڪي ڳالهايو هوندو، سا پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز ايندي، تہ پوءِ اُنهن کي جنهن خرابي پهچائڻ جو خيال ڪيو هوندم سا نہ پهچائيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:8
32 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ جي اڳواڻن ۽ بادشاهہ ڪنڌ کڻي جھڪايو ۽ چوڻ لڳا تہ ”بيشڪ خداوند عادل آهي.“


سو هن سندن واسطي پنهنجي ٻڌل عهد کي ياد ڪيو، ۽ پنهنجي گھڻي ٻاجھہ جي ڪري پنهنجو سزا وارو ارادو بدلائي ڇڏيائين.


انهيءَ سبب جو خداوند پنهنجي قوم جي پاسخاطري ڪري ٿو، هائو، هو پنهنجي انهن ٻانهن تي مهربان آهي.


اي خداوند! هاڻ تہ اسان سان پرچي پئُہ، تون ڪيستائين ڪاوڙيل رهندين! هاڻي تہ پنهنجي هنن بندن تي رحم ڪر.


مصرين کي ائين چوڻ جو موقعو ڇو ملي تہ تون کين ٺڳيءَ سان هتان ڪڍي ويو آهين، انهيءَ لاءِ تہ هنن کي جبلن ۾ ماري وجھين ۽ کين سڄيءَ دنيا تان مِٽائي ڇڏين؟ سو تون پنهنجي غصي کي ٽاري ڇڏ ۽ پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ واري ارادي کي ڇڏي ڏي.


تڏهن خداوند پنهنجي قوم تي اها آفت آڻڻ کان باز آيو، جنهن جو ارادو ڪيو هئائين.


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان.


سو هاڻ اوهين پنهنجا طور طريقا ۽ پنهنجا عمل سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪريو. پوءِ خداوند پنهنجو خيال تبديل ڪندو ۽ اوهان تي اها مصيبت نہ آڻيندو جنهن جي آڻڻ جو هن اظهار ڪيو آهي.


پر يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ يا يهوداہ جي ڪنهن بہ ماڻهوءَ ميڪاہ کي قتل نہ ڪيو. اٽلندو حزقياہ خداوند کان ڊڄندي کانئس رحم جي طلب ڪئي هئي. تڏهن خداوند انهن تي اها مصيبت آڻڻ کان مڙي ويو هو، جنهن بابت کين ٻڌايو هئائين. سو هاڻ اي يهوداہ وارؤ! جيڪڏهن اسان يرمياہ کي قتل ڪيو تہ پاڻ تي هڪ خوفناڪ مصيبت آڻينداسون.“


ٿي سگھي ٿو تہ هو انهن ڳالهين ڏانهن ڌيان ڏين ۽ پنهنجي پنهنجي خراب رستي کان باز اچن، تہ پوءِ هنن جي بڇڙن ڪمن جي ڪري جيڪا مصيبت مون هنن تي آڻڻ جو ارادو ڪيو آهي تنهن کان آءٌ مڙي ويندس.


ٿي سگھي ٿو جڏهن يهوداہ وارا ان سڄي مصيبت بابت ٻڌن جيڪا آءٌ مٿن آڻڻ جو ارادو رکان ٿو، تڏهن اهي سڀيئي پنهنجي بڇڙين واٽن کان مڙي پون. پوءِ آءٌ انهن جي بڇڙائي ۽ گناهہ معاف ڪري ڇڏيندس.“


’جيڪڏهن اوهين هن ملڪ يهوداہ ۾ ئي آباد رهندا تہ آءٌ اوهان کي اڏيندس، ڊاهيندس نہ، آءٌ اوهان جا پير ڄمائيندس، اُکيڙيندس نہ، ڇاڪاڻ تہ جيڪا مصيبت مون اوهان تي آندي تنهن کان مون کي ڏک پهتو آهي.


پر جيڪڏهن ڪو بدڪار ماڻهو پنهنجي سڀني گناهن کان باز ايندو ۽ توبهہ‌تائب ٿيندو ۽ منهنجي سڀني قاعدن قانونن کي مڃيندي انهن تي انصاف ۽ سچائيءَ سان عمل ڪندو تہ اهو ضرور جيئرو رهندو ۽ لوڙيندو نہ.


سو تون کين ٻڌائي ڇڏ تہ آءٌ خداوند جيئرو خدا پنهنجو قسم کڻي چوان ٿو تہ مون کي بدڪارن جي موت مان ڪا خوشي حاصل نہ ٿي ٿئي، بلڪ مون کي انهيءَ ڳالهہ مان خوشي ٿئي ٿي تہ اهي پنهنجي بڇڙاين کان باز اچن ۽ جيئرا رهن. سو اي بني اسرائيل! توبهہ ڪريو. هائو، مون آڏو توبهہ‌تائب ٿيو ۽ پنهنجي بڇڙاين کان باز اچو. ڀلا اوهين مرڻ ڇو ٿا گھرو؟


اي حزقي‌ايل! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن سچار ڦري وڃي بدڪاريءَ وارو ڪم ڪن تہ سندن اڳئين سچائي کين سزا کان بچائي نہ سگھندي. وري بدڪار ماڻهو جڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان توبهہ‌تائب ٿيندو تہ سندس اڳي واري بدڪاري هن جي موت جو سبب نہ بڻبي. پر سچار ماڻهو جڏهن ڦري وڃي گناهہ ڪرڻ لڳندو تہ جيئرو نہ رهندو.


فرض ڪريو تہ آءٌ سچار ماڻهوءَ کي چوان تہ ’تون ضرور جيئرو رهندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي انهيءَ سچائيءَ تي ئي ناز ڪندي گناهہ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. تڏهن انهيءَ جا سچائيءَ وارا سمورا ڪم وساريا ويندا ۽ هو انهيءَ بدڪاريءَ واري ڪم جي ڪري ضرور مرندو.


وري فرض ڪريو تہ آءٌ ڪنهن بدڪار کي چوان تہ ’تون ضرور مرندين،‘ پر پوءِ هو پنهنجي گناهن کان توبهہ‌تائب ٿي عدل ۽ انصاف موجب زندگي گذاري ٿو.


اي اسرائيل وارؤ! آءٌ ڪيئن اوهان کي ڇڏي ڏيان، آءٌ ڪيئن اوهان کي ٻين جي حوالي ڪريان! آءٌ ڪيئن اوهان کي تباهہ وَ برباد ڪريان، جيئن ادمہ ۽ ضبويم شهرن وارا ٿيا هئا! منهنجي دل اندر ۾ وٽَ ٿي کائي، منهنجي رحمت جوش ۾ ٿي اچي.


بديءَ کان نفرت ڪريو، نيڪيءَ سان محبت رکو، ۽ عدالت ۾ انصاف قائم ڪريو. ائين ڪرڻ سان شايد خداوند قادرِمطلق خدا، اسرائيل ملڪ تي اچڻ واري سزا کان پوءِ اوهان مان باقي بچي ويلن تي مهربان ٿئي.


هن خداوند کي عرض ڪري چيو تہ ”اي خداوند! ڇا مون ان وقت ائين ئي نہ چيو هو جڏهن آءٌ اڃا پنهنجي ملڪ ۾ هئس؟ اهو ئي سبب هو جو آءٌ جلدي ترسيس ڏانهن ڀڄي ويو هئس، ڇاڪاڻ تہ مون ڄاتو ٿي تہ تون رحيم ۽ مهربان آهين. تون ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڍرو ۽ شفقت ڪرڻ ۾ تڪڙو آهين. تون پنهنجي غضب نازل ڪرڻ کان باز اچڻ وارو آهين.


بيشڪ جڏهن خداوند ڏسندو تہ سندس قوم ۾ ڪا طاقت نہ رهي آهي، ايتري قدر جو ڄڻ تہ قيدين توڙي آزادن مان ڪوبہ جيئرو ناهي رهيو، تڏهن هو پنهنجي قوم تي قياس ڪري سندن حق ۾ فيصلو ڏيندو.


جڏهن خداوند هنن جي لاءِ ڪو رهبر مقرر ڪندو هو تڏهن هو انهيءَ رهبر سان هوندو هو ۽ جيستائين رهبر جيئرو هوندو هو تيستائين خداوند بني اسرائيل کي سندن دشمنن جي هٿن کان بچائيندو رهندو هو. خداوند کي مٿن رحم ايندو هو، ڇو تہ هو ظلم ۽ تڪليف هيٺ دانهون ڪندا هئا.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan