Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:22 - Muslim Sindhi Bible

22 مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 ڀلي تہ هنن جي گهرن مان تڏهن دانهن نڪري جڏهن تون اوچتو مٿن هڪڙو لشڪر آڻي ڪڙڪائين: ڇالاءِ جو هنن مون کي پڪڙڻ جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي پيرن جي لاءِ ڦندا رکي ڇڏيا اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:22
23 Iomraidhean Croise  

اهي ئي مغرور ماڻهو، جيڪي شريعت تي نہ ٿا هلن، تن منهنجي واسطي کڏون کوٽيون آهن.


انهن مغرور ماڻهن مون لاءِ ڦندو لڪائي رکيو آهي، ۽ مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار پکيڙيو اٿائون. هائو، اهي منهنجي هر واٽ تي مون لاءِ ڦاهي اڏيو ويٺا آهن.


آءٌ تو خداوند کي پنهنجو ئي خدا چوان ٿو. سو اي خداوند! منهنجي منٿن تي پنهنجو ڪن ڏي.


اتي آءٌ واجھائي ڏسان ٿو تہ ڪوبہ ويجھو ڪونهي جيڪو مون ڏانهن ڌيان ڏئي. ڪوبہ ناهي جيڪو منهنجو فڪر ڪري. هائو، مون لاءِ ڪا جاءِ‌پناهہ ناهي.


موقعو ڏسي منهنجي جان جا دشمن مون لاءِ ڦندا ٿا اڏين. هائو، جيڪي منهنجو نقصان ٿا چاهين، سي تباهيءَ جون ڳالهيون پيا ڪن. اهي مون سان دغا ڪرڻ لاءِ سڄو ڏينهن منصوبا پيا جوڙين.


جليم شهر جي رهاڪن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پيون اچن. سو اي ليس جا رهاڪؤ! ٻڌو، اي عنتوت جا رهاڪؤ! اوهين بہ هوشيار ٿيو.


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


اهو ماڻهو شل انهن شهرن وانگر ٿئي، جن تي ڪو رحم نہ ڪندي تو خداوند کين اونڌو ڪري ڇڏيو آهي. شل صبح جي مهل هو ظلم وَ ستم جا آواز ٻڌي، ۽ منجھند جي مهل جنگ جا نعرا.


آءٌ هڪڙو آواز ٻڌان ٿو، جيڪو ڄڻ تہ ڪنهن ويم جي سورن واري عورت جو آهي، هڪ اهڙي عورت جو آواز، جيڪا ڄڻ تہ پهريون ٻار ڄڻيندي هجي. اهو آواز يروشلم جي وسنديءَ جو آهي جيڪا سهڪي ٿي پيئي، ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ ”هاءِ! آءٌ تہ برباد ٿي ويس! خوني منهنجو خون ڪرڻ لاءِ اچن ٿا.“


بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن، جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن. هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! کٿا ڍڪيو، ۽ خاڪ تي ليٿڙيون پايو، زاروزار روئو ۽ رڙو، جيئن ڪنهن سڪيلڌي پٽ لاءِ روئبو آهي، ڇاڪاڻ تہ تباهہ ڪندڙ اوچتو اچي اوهان تي ڪڙڪندو.“


اهو ڏينهن قلعي وارن ۽ اوچن مورچن وارن شهرن جي خلاف جنگ جي نفيلن ۽ نعرن جو ڏينهن هوندو.


تڏهن فريسي هليا ويا ۽ وڃي پاڻ ۾ صلاح ڪيائون تہ ڪهڙيءَ طرح عيسيٰ کي ڳالهائڻ ۾ ڦاسايو وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan