Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:20 - Muslim Sindhi Bible

20 مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

20 ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:20
31 Iomraidhean Croise  

ڇا اوهين اهڙا سنگدل ٿيا آهيو جو ڪُڻا وجھي يتيمن کي غلام بڻايو؟ ڇا اوهين دوستن کي واپاري مال بڻائڻ وارا ٿيندا؟


تڏهن خدا فرمايو هو تہ ”آءٌ هنن کي برباد ڪندس.“ بلڪل ائين ئي ٿئي ها، جيڪڏهن خدا جو چونڊيل موسيٰ سندن وچ ۾ نہ پوي ها، تان‌تہ هو خدا جي ڪاوڙ ٽاري ڇڏي، ۽ اهي برباديءَ کان بچي وڃن.


بڇڙا ماڻهو مون کي برباد ڪرڻ جي لاءِ تاڙيو ويٺا آهن، پر منهنجو ڌيان تنهنجي حڪمن تي ئي رهي ٿو.


منهنجي نيڪيءَ جي بدران هو مون سان بدي ڪن ٿا، جنهن جي ڪري آءٌ بلڪل مايوس ٿي وڃان ٿو.


ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ ڄار وڇايو آهي. هائو، هنن بي‌سبب مون لاءِ کڏ کوٽي آهي.


جيڪي نيڪيءَ جي عيوض بدي ٿا ڪن، سي منهنجا دشمن بڻجي ويا آهن، ڇوجو آءٌ نيڪيءَ جي راهہ تي هلندو ٿو رهان.


منهنجي دشمنن مون کي ڦاسائڻ جي لاءِ ڄار پکيڙيو آهي، جنهن ڪري مون کي بي‌وس ڪري ڇڏيو اٿائون. پر جيڪا کڏ هنن منهنجي راهہ ۾ کوٽي آهي، تنهن ۾ هو پاڻ وڃي ڪريا آهن.


هو ٻين جي لاءِ اونهي کڏ کوٽين ٿا، پر پنهنجي کوٽيل کڏ ۾ پاڻ ئي وڃيو ڪرن ٿا.


جيڪو چڱائيءَ جي بدلي ۾ بڇڙائي ٿو ڪري، تنهن جي گھر مان مصيبت ڪڏهن نہ ويندي.


جيڪو ٻين لاءِ کڏ کوٽي ٿو، سو پاڻ انهيءَ ۾ ڪرندو. جيڪو ٻين مٿان ڇپ اٽلائي ٿو، سا موٽي اچي انهيءَ مٿان ڪرندي.


جيڪو کڏ کوٽي ٿو سو انهيءَ ۾ ڪري سگھي ٿو. جيڪو لوڙهي کي پَٽي ٿو تنهن کي نانگ ڏنگي سگھي ٿو.


تنهنڪري، اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گھرجانءِ، ۽ نہ وري انهن جي لاءِ ميڙ منٿون ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون کي پڪاريندا تڏهن آءٌ هنن جي ڪابہ نہ ٻڌندس.


اي خداوند! اسين پنهنجي ڪيل بڇڙائي قبول ڪريون ٿا، ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي بدڪاري پڻ قبول ٿا ڪريون، بيشڪ اسين تنهنجا ڏوهاري آهيون.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


سو مون خداوند کان دعا گھري تہ ”اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ ٻڌ تہ مون تي الزام هڻندڙ ڇا ٿا چون.


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


پر جيڪڏهن هو سچ پچ نبي آهن ۽ وٽن مون خداوند جو فرمان آهي، تہ پوءِ اهڙيون اڳڪٿيون ڪرڻ بدران کين مون قادرِمطلق خداوند وٽ اهو عرض ڪرڻ گھرجي تہ جيڪو سامان منهنجي هيڪل ۾، يهوداہ جي بادشاهہ جي محل ۾ ۽ يروشلم ۾ باقي بچيل آهي سو بابل ڏانهن نہ کڄي وڃي.


بيشڪ، منهنجي قوم ۾ شرير ماڻهو بہ موجود آهن، جيڪي پکين کي ڦاسائيندڙن وانگر لڪا ويٺا آهن. هائو، اهي دوکيبازيءَ سان ماڻهن کي ڦندي ۾ ڦاسائيندا آهن.


خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.


اي خداوند! تون مون تي ظلم ٿيندي ڏسين ٿو. هاڻي تون منهنجي حق ۾ فيصلو ڏي.


تڏهن عيسيٰ کين چيو تہ ”مون پيءُ جي پاران ڪيترائي چڱا ڪم اوهان کي ڪري ڏيکاريا آهن. انهن مان ڪهڙي ڪم جي ڪري اوهين مون کي سنگسار ڪريو ٿا؟“


پر اهو انهيءَ لاءِ ٿيو تہ جيڪي سندن پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي سو پورو ٿئي تہ ’انهن مون کان ناحق نفرت ڪئي آهي.‘


پوءِ يونتن پنهنجي پيءُ سائول وٽ وڃي دائود جي تعريف ڪئي ۽ چيائينس تہ ”بادشاهہ سلامت پنهنجي ٻانهي دائود سان بدي نہ ڪري، ڇو تہ هن اوهان جو ڪوبہ گناهہ ڪونہ ڪيو آهي، بلڪ هن تہ اوهان لاءِ تمام چڱا ڪم پئي ڪيا آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan