Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:18 - Muslim Sindhi Bible

18 تڏهن ماڻهن چيو تہ ”اچو تہ يرمياہ جي خلاف ڪي منصوبا جوڙيون، ڇاڪاڻ تہ هن جي نہ هجڻ سان اسان جي ڪاهنن وٽان خدا جي شريعت هلي ڪين ويندي، نڪي اسان جي ڏاهن وٽان صلاح مصلحت ۽ نبين وٽان خداوند جو فرمان ختم ٿي ويندو. تنهنڪري اچو تہ سندس ڳالهين تي ڌيان ڏيڻ بدران ڪو ڏوهہ ڏيئي کيس ڦاسايون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:18
37 Iomraidhean Croise  

جڏهن دائود کي ٻڌايو ويو تہ اخيتفل ابي‌سلوم سان گڏ بغاوت ۾ شامل هو، تڏهن هن دعا گھري تہ ”اي خداوند! آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ اخيتفل جي صلاح مصلحت کي بيعقليءَ ۾ بدلاءِ.“


تنهن تي ابي‌سلوم ۽ جيڪي بني اسرائيل وارا ساڻس گڏ هئا، تن چيو تہ ”حوسي ارڪيءَ جي صلاح اخيتفل جي صلاح کان بهتر آهي.“ هي انهيءَ ڪري ٿيو جو خداوند اهو ارادو ڪري ڇڏيو هو تہ اخيتفل جي چڱي صلاح بہ اجائي ٿئي، انهيءَ لاءِ تہ هو ابي‌سلوم تي آفت نازل ڪري.


تڏهن نبي سڏايندڙن مان صدقياہ ولد ڪنعانہ ويجھو اچي ميڪاياہ کي چماٽ هنئي ۽ کانئس پڇيو تہ ”خداوند جو روح مون مان ڪيئن نڪري تو سان ڳالهائڻ لاءِ آيو؟“


تنهن تي بادشاهہ يوآس ۽ سندس ماڻهو زڪرياہ جي خلاف ٿي پيا. پوءِ بادشاهہ جي حڪم سان هيڪل جي اڱڻ ۾ ئي زڪرياہ کي سنگسار ڪيو ويو.


هو ڏاهن کي سندن ئي چالاڪيءَ ۾ ٿو ڦاسائي، هائو، هو اهڙن ماڻهن جي ٺڳين کي ابتو ڪري ڇڏي ٿو.


جيتوڻيڪ هنن تنهنجي خلاف برائيءَ جو ارادو ڪيو آهي، تہ بہ هو پنهنجي انهيءَ رٿيل سازش ۾ ڪامياب ٿي نہ سگھندا.


تنهنجي زبان بڇڙائيءَ جا منصوبا پيئي جوڙي. اها پاڪيءَ جيان تکي آهي ۽ دغابازيءَ سان پيئي هلي.


آءٌ انهن وحشي بگھڙن جي وچ ۾ اچي ڦاٿو آهيان، جيڪي بني آدم کي حرص کان ڳڙڪائي ٿا وڃن. هنن جا ڏند تير ۽ ڀالا آهن ۽ سندن زبان تکي تلوار آهي.


اهي پنهنجيون زبانون تلوار جهڙيون تکيون ٿا ڪن، بلڪ سخت لفظن جا تير هڻڻ لاءِ پنهنجا تيرڪمان ڇڪين ٿا،


حياتي ۽ موت انسان جي زبان جي وس ۾ آهن، سو انسان جيڪي ڪجھہ ڳالهائي ٿو، تنهن جا نتيجا کيس ئي ڀوڳڻا پون ٿا.


جڏهن تہ دوکيباز ڪوڙ ٿا ڳالهائين، ۽ بڇڙائيءَ جون رٿون ٿا رٿين، تان‌تہ حق جون ڳالهيون ڪندڙ مسڪينن ۽ محتاجن کي پنهنجي ڪوڙين ڳالهين سان برباد ڪري ڇڏين.


هو تو سان وڙهندا، پر تو مٿان غالب پئجي نہ سگھندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تو سان گڏ آهيان ۽ تنهنجي حفاظت ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


مون کي اها خبر ڪونہ هئي تہ ڪو منهنجي خلاف سازش سِٽي ويئي آهي. آءٌ تہ هڪڙي اٻوجھہ گھيٽڙي وانگر هئس، جنهن کي ڪهڻ لاءِ وٺي وڃبو آهي. هنن پاڻ ۾ صلاحون پئي ڪيون تہ ”اچو تہ هن کي وڻ وانگر سندس ڦوهُہ جوانيءَ ۾ ئي وڍي ڇڏيون ۽ کيس جيئرن جي دنيا مان ناس ڪري ڇڏيون، تان‌تہ جيئن هن جو نالو نشان ئي نہ رهي.“


تنهنڪري هاڻي اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي آءٌ خداوند خبردار ٿو ڪريان تہ ڏسو، آءٌ اوهان تي هڪ مصيبت آڻڻ لاءِ پيو سوچيان ۽ اوهان جي خلاف هڪ رٿ ويٺو رٿيان. سو اوهين سڀ پنهنجي پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز اچو ۽ پنهنجا طور طريقا ۽ عمل سڌاريو.


سو مون خداوند کان دعا گھري تہ ”اي خداوند! مون ڏانهن ڌيان ڏي، ۽ ٻڌ تہ مون تي الزام هڻندڙ ڇا ٿا چون.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


آءٌ ٻڌان ٿو تہ هر ڪو اها سُس پُس پيو ڪري تہ ”يرمياہ هر ڪنهن کي خوف ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، سو هي موقعو آهي تہ اسين سندس خلاف ڪا شڪايت ڪريون.“ جن کي مون پنهنجو دوست ٿي سمجھيو سي بہ منهنجي ٺوڪر کائي ڪرڻ جا منتظر آهن، بلڪ هو سازش ٿا ڪن ۽ چون ٿا تہ ”ڀل تہ هي ٺڳجي وڃي، پوءِ اسين مٿس غالب اينداسين ۽ هن کان پنهنجو بدلو وٺنداسين.“


تڏهن ڪاهنن ۽ نبي سڏائيندڙن انهن عملدارن ۽ سڀني ماڻهن کي مخاطب ٿيندي چيو تہ ”هن ماڻهوءَ کي موت جي سزا ملڻ گھرجي، ڇاڪاڻ تہ هن يروشلم شهر جي خلاف اڳڪٿي ڪئي آهي. جيئن تہ اها ڳالهہ اوهان پاڻ پنهنجن ڪنن سان ٻڌي آهي.“


پر جڏهن آءٌ اڃا يروشلم شهر جي بنيامين دروازي وٽ مس پهتس، تڏهن ارياہ ولد سلمياہ ولد حننياہ نالي پهريدارن جي سالار مون کي روڪي ورتو ۽ چيائين تہ ”تون غداري ڪري بابلين ڏانهن ڀڳو ٿو وڃين!“


تڏهن عزرياہ ولد هوسعياہ، يوحنان ولد قريح ۽ ٻين سڀني هٺيلن ماڻهن مون کي چيو تہ ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! خداوند اسان جي خدا تو کي اسان لاءِ ائين ڪونہ چيو آهي تہ ’اوهين مصر ۾ رهڻ لاءِ هرگز نہ وڃو.‘


”جيڪي ڳالهيون تو اسان کي خداوند جي نالي سان ٻڌايون آهن، سي اسين هرگز نہ مڃينداسين.


بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين تہ داناءَ آهيون ۽ اسان وٽ خداوند جي شريعت آهي‘؟ پر ڏسو، عالمن پنهنجي ڪوڙي قلم سان شريعت جي سچائيءَ کي ڦيرائي ڇڏيو آهي.


اهي مون کي گھٽ وڌ پيا ڳالهائين، ۽ سڄو ڏينهن پاڻ ۾ منهنجي خلاف سازشون پيا جوڙين.


اوهان تي مصيبت مٿان مصيبت اچي ڪڙڪندي، ۽ ظالمن جي حملن بابت افواهن مٿان افواهہ پيا اٿندا. تڏهن ماڻهو منهنجي پيغام لاءِ نبين کي عرض ڪندا، پر کين ڪا تسلي نہ ملندي. بلڪ ڪاهن منهنجي شريعت جي تعليم بہ ڏيئي نہ سگھندا، نڪي بزرگ صلاح مصلحت ڏيڻ جي لائق رهندا.


ان سان گڏ اوهين بني اسرائيل کي اهي سڀ قانون سيکاريو جيڪي مون موسيٰ جي معرفت کين ٻڌايا آهن.“


سو هاڻي اڳتي اوهين اهڙيون رويائون نہ ڏسي سگھندا، ۽ نہ وري ڪا اڳڪٿي ڪري سگھندا. هائو، جنهن کي اوهين روحاني روشني چئو ٿا سا اوهان کي ڏسڻ ۾ نہ ايندي ۽ ڏينهن ۾ بہ اوهان کي رات واري اونداهي نظر ايندي.


سو اي غيبدانو ۽ فالون وجھندڙؤ! هاڻ اوهين پنهنجي ناڪاميءَ سبب ذليل ۽ خوار خراب ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي طرفان اوهان جي منٿن جو ڪو جواب نہ ملندو.“


بيشڪ ڪاهن جو اهو ئي فرض آهي تہ کيس مون خدا بابت صحيح ڄاڻ هجي، تہ جيئن ماڻهو کانئس شريعت جي تعليم حاصل ڪن، ڇو تہ ڪاهن مون قادرِمطلق خداوند جو پيغام ڏيندڙ آهي.“


تڏهن شريعت جي هڪڙي عالم چيس تہ ”اي استاد! هي جيڪي اوهين چئو ٿا تنهن ۾ اسان جي بہ بي‌عزتي ٿا ڪريو.“


تڏهن اتي موجود فريسين مان ڪن اهي ڳالهيون ٻڌي پڇيس تہ ”ڇا اسين بہ انڌا آهيون؟“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan