Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:15 - Muslim Sindhi Bible

15 تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

15 پر منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي، هنن باطل شين لاءِ لوبان ساڙيو آهي؛ ۽ هن انهن کي سندن واٽن ۾، يعني قديم رستن تي گمراهہ ڪيو، تہ هو گس وٺي وڃن، ۽ انهي رستي تي هلن جو ٺاهيو نہ ويو آهي،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:15
35 Iomraidhean Croise  

هنن تنهنجي هڪ بہ نہ ٻڌي، ۽ جيڪي معجزا تو هنن لاءِ ڪيا هئا، سي سڀ وساري ڇڏيائون. هو ڏاڍا مغرور ٿي ويا، ۽ بغاوت ڪندي پاڻ مان هڪڙو اڳواڻ مقرر ڪيائون، تہ جيئن وري وڃي مصر جي غلاميءَ ۾ پون. پر تون اهڙو خدا آهين جيڪو معاف ڪرڻ لاءِ تيار، مهربان، رحم ڀريو، ڪاوڙ ۾ ڍرو ۽ شفقت سان ڀرپور آهين. انهيءَ ڪري تو هنن کي وساري نہ ڇڏيو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي منهنجي قوم! تنهنجا رهبر ئي تو کي گمراهہ ٿا ڪن، ۽ تنهنجيون راهون بگاڙيو ٿا ڇڏين. اهي بي‌سمجھہ ٻارن جيان تو تي ظلم ڪن ٿا، ۽ نادان عورتن جيان تو تي حڪمراني ٿا ڪن.“


ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بي‌جان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“


خداوند فرمائي ٿو تہ ”سڌو ڪريو، سڌو ڪريو، رستو ٺاهي تيار ڪريو، هائو، منهنجي قوم جي رستي مان هر رڪاوٽ دور ڪري ڇڏيو، تان‌تہ اها توبهہ‌تائب ٿي مون ڏانهن موٽي اچي.


لنگھي وڃو، اي يروشلم جا رهاڪؤ! اوهين شهر جي دروازن مان ٻاهر نڪري وڃو، ۽ وطن موٽندڙ پنهنجي قوم وارن لاءِ سڙڪ اڏيو. هائو، انهن لاءِ شاهي رستو تيار ڪريو، ۽ انهيءَ تان پٿر هٽائي صاف ڪري ڇڏيو. اوهين رستي تي نشان کڙا ڪري ڇڏيو، تہ جيئن ٻيون قومون بہ رستو لهي سگھن.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


بلڪ هن قوم جا سڀ رهنماءَ ئي قوم کي گمراهہ ٿا ڪن. هائو، هو پنهنجي پيروي ڪندڙن کي مونجھاري ۾ ٿا وجھن.


آءٌ پنهنجي قوم جي بڇڙائيءَ سبب مٿن پنهنجي فتويٰ جاري ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، غير معبودن آڏو قربانيون پيش ڪيون اٿائون ۽ پنهنجي هٿن سان ٺاهيل شين جي پوڄا ڪئي اٿائون.


اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


تڏهن يروشلم جا رهاڪو بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن وارا انهن معبودن وٽ وڃي دانهون ڪندا جن جي آڏو هو پنهنجا نذرانا پيش ڪن ٿا. پر سندن مصيبت جي وقت ۾ اهي سندن بلڪل مدد ڪري نہ سگھندا.


يهوداہ ۾ ايترا تہ معبود آهن جيترا سندن ڳوٺ آهن ۽ جيتريون يروشلم ۾ گھٽيون آهن اوتريون ئي اوهان انهيءَ ڪراهت جهڙي شيءِ بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺاهيون آهن.


سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.


ڇا لبنان جي وڏن پهاڙن تي منهنجي ڪيرايل برف ڪڏهن غائب ٿئي ٿي؟ ڇا ان تان منهنجا وهايل ٿڌا پاڻي ڪڏهن سڪي وڃن ٿا؟


اوهان بعل ديوتا جي واسطي قربان‌گاهون ٺهرايون آهن تہ جيئن پنهنجن پٽن کي ساڙڻ واري قربانيءَ طور اتي بعل جي اڳيان باهہ ۾ ساڙيو. اهو هڪ اهڙو ڪم آهي جنهن جو مون ڪڏهن بہ حڪم ناهي ڏنو، نہ ڪو ذڪر ڪيو اٿم ۽ نہ وري اهڙو ڪو خيال بہ منهنجي دل ۾ آيو.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


ٻڌ، آءٌ خداوند قادرِمطلق خدا تو کي کولي ٿو ٻڌايان تہ تنهنجي اها بڇڙائي ئي تو کي سزا ڏيندي، تنهنجي اها سرڪشي تو کي ملامت ڪندي. سو تو کي خبر پئجي ويندي تہ مون خداوند پنهنجي خدا کي ڇڏي تو ڪيڏي نہ خراب ۽ غلط ڳالهہ ڪئي آهي، ڇاڪاڻ تہ تو کي منهنجو ڪو ڊپ ئي نہ رهيو آهي.“


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’اوهان ۽ اوهان جي زالن جيڪي چيو هو سو ئي ڪري ڏيکاريو آهي تہ اوهين پنهنجيون باسيل باسون پوريون ڪندا، آسمان جي راڻيءَ لاءِ قربانيون پيش ڪندا ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيندا. سو ڀلي وڃي پنهنجي مرضيءَ موجب پنهنجا قول پورا ڪريو ۽ اوتڻ واريون قربانيون پئٽيو.


اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


خداوند پنهنجي قوم کي فرمائي ٿو تہ ”اوهين چوواٽن تي بيهي ڏسو، ۽ اصلي رستي جي پڇا ڪريو، هائو، پڇا ڪريو تہ اهو چڱو رستو ڪٿي آهي. انهيءَ تي ئي هلو تہ اوهين سڪون حاصل ڪندا. پر اوهين چئو ٿا تہ ’اسين انهيءَ تي ڪونہ هلنداسون.‘


اوهين چوري، خون ۽ زنا ٿا ڪريو. اوهين ڪوڙا قسم ٿا کڻو، بعل ديوتا آڏو قربانيون پيش ڪريو ٿا ۽ انهن ڪوڙن معبودن جي پوڄا ٿا ڪريو، جن کان اوهين اڳي واقف بہ نہ هئا.


اهي پنهنجي همت بلڪل هاري ويهندا، ۽ خوف وچان ٿاٻڙجڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ڪوس وجھندڙ تلوار سندن شهر جي هر دروازي تي وڄ جيان چمڪندي ۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.


اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


جيتري قدر مون هنن کي پاڻ ڏانهن سڏيو، اوتري قدر هو مون کان پري ٿيندا ويا. هو بعل ديوتائن جي پوڄا لاءِ قربانيون ڪندا رهيا، ۽ اُڪريل مورتين لاءِ لوبان ساڙيندا رهيا.


آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ڏيندس، جڏهن هوءَ مون کي وساري بعل ديوتائن جي پوڄا ڪندي هئي، ۽ انهن جي آڏو لوبان ساڙيندي هئي. هائو، آءٌ انهيءَ کي سندس انهن ڏينهن جي سزا ضرور ڏيندس، جڏهن هوءَ زيور پائي سينگار ڪري پنهنجي يارن جي پٺيان ويندي هئي. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


تنهنڪري هاڻي آءٌ لوڙهو ڏيئي سندس رستو بند ڪندس، هائو، هن جي آڏو ڀت ڪڍندس، تان‌تہ کيس ڪو رستو نہ ملي.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر اي ڪاهنؤ! اوهين هاڻ صحيح راهہ کان هٽي ويا آهيو. اوهان جي تعليم سان ماڻهو گمراهہ ٿي ويا آهن. اوهان انهيءَ عهد کي ٽوڙي ڇڏيو آهي، جيڪو مون اوهان جي لاوي گھراڻي سان ڪيو هو.


تہ پوءِ ڀلي پنهنجي پيءُ جي عزت نہ ڪري.‘ اهڙيءَ طرح اوهين پنهنجين ريتن رسمن جي ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪريو ٿا.


چڱو تہ ائين ٿيندو جو اوهين نہ گوشت کائو، نڪي مئي پيئو ۽ نہ وري ڪو اهڙو ڪم ڪريو، جنهن جي ڪري اوهان جو ڪو ڀاءُ ڀيڻ گمراهہ ٿئي.


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan