Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 18:13 - Muslim Sindhi Bible

13 تنهنڪري خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين قومن کان پڇا ڳاڇا ڪري ڏسو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؟ منهنجي قوم جيڪا هڪ ڪنواريءَ مثل آهي، تنهن تمام ڪراهت جهڙو ڪم ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

13 تنهن ڪري خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ هاڻي اوهين قومن ۾ پڇا ڪرايو تہ ڪنهن اهڙيون ڳالهيون ڪڏهن ٻڌيون آهن؛ اسرائيل جي ڪنواريءَ هڪڙو تمام هيبتناڪ ڪم ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 18:13
14 Iomraidhean Croise  

پوءِ الياقم، شبناہ ۽ يوآخ ڏک ۾ پنهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ۽ اچي بادشاهہ حزقياہ کي اعليٰ عملدار واريون ڳالهيون ٻڌايائون.


ڇا اهڙي ڳالهہ ڪنهن ٻڌي آهي؟ ڇا اهڙيون شيون ڪنهن ڏٺيون آهن؟ ڇا ڪو ملڪ هڪڙي ئي ڏينهن ۾ ٺهي پوندو آهي؟ يا ڪا قوم هڪڙيءَ ئي گھڙيءَ ۾ پيدا ٿي پوندي آهي؟ پر ڏسو، صيئون هڪ اهڙو شهر آهي، هائو، اهو هڪ اهڙيءَ ماءُ وانگر آهي، جنهن کي سورن ٿيڻ شرط ئي ٻار ڄاوا هجن.


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


ڇا لبنان جي وڏن پهاڙن تي منهنجي ڪيرايل برف ڪڏهن غائب ٿئي ٿي؟ ڇا ان تان منهنجا وهايل ٿڌا پاڻي ڪڏهن سڪي وڃن ٿا؟


يروشلم جي نبي سڏائيندڙن ۾ مون وري انهن کان وڌيڪ ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي جو هو زناڪاري ٿا ڪن، ۽ ڪوڙ تي ٿا گذر ڪن. هو بدڪارن جا هٿ مضبوط ٿا ڪن، تان جو ڪوبہ پنهنجي بڇڙائيءَ کان باز نہ ٿو اچي. سو سڀيئي يروشلم وارا منهنجي نظر ۾ سدوم ۽ عموراہ جي بدڪارن جهڙا آهن.


آءٌ اوهان کي وري بحال ڪندس ۽ اوهين خوشحال ٿيندا. تڏهن اوهان اڳي وانگر پنهنجا دڦ کڻي خوشيءَ وچان نچندا ٽپندا.


ملڪ ۾ عجيب ۽ ڪراهت جهڙا ڪم ٿين ٿا.


پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي.


مون اوهان اسرائيل وارن ۾ هڪڙي ڪراهت جهڙي ڳالهہ ڏٺي آهي، يعني اوهان ڏاڍي بت‌پرستي ڪندي پنهنجو پاڻ کي پليت ڪيو آهي.


اي اسرائيل وارؤ! مون عاموس جو هي مرثيو اوهان لاءِ آهي، سو ٻڌو.


اي اسرائيل جي وسندي! تون هڪ اهڙيءَ ڪنواريءَ مثل آهين، جيڪا ڪري پيئي آهي ۽ وري ڪڏهن ڪين اٿندي. هائو، تون ڌرتيءَ تي لاچار ٿي پيئي آهين، ۽ ڪوبہ ڪونهي جيڪو تو کي اچي اٿاري.


مون تہ ايتري قدر بہ ٻڌو آهي تہ اوهان ۾ زناڪاري ٿي رهي آهي ۽ زناڪاري بہ اهڙي جيڪا غير قومن ۾ بہ ڪانهي، بلڪ اوهان مان تہ هڪڙو پنهنجي ماٽيلي ماءُ پاڻ وٽ ويهاريو ويٺو آهي.


تڏهن هو ڊڄي ويا ۽ چوڻ لڳا تہ ”هنن جا معبود هنن جي لشڪر‌گاهہ ۾ آيا آهن. هاڻي اسان سان ويل ٿيو! هن کان اڳ تہ اسان جو ههڙو حال ڪڏهن ڪونہ ٿيو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan