يرمياہ 18:12 - Muslim Sindhi Bible12 پر هو وراڻيندا تہ ’تون جيڪي چوين ٿو تنهن جي اسان کي ڪا پرواهہ ڪانهي. اسين پنهنجين تجويزن کي جاري رکنداسين. اسان مان هر ڪو پنهنجي شرير دل جي هوڏ تي هلندو.‘“ Faic an caibideilSindhi Bible12 پر هو چون ٿا تہ ڪابہ اميد ڪانهي: ڇالاءِ جو اسين پنهنجن تجويزن تي هلنداسين، ۽ اسان مان هرڪو پنهنجي بڇڙي دل جي نٺرائي موجب ڪم ڪندو. Faic an caibideil |
بلڪ اسان جيڪي چيو آهي تنهن تي ضرور عمل ڪنداسين، يعني اسين انهيءَ ديويءَ، جيڪا آسمان جي راڻيءَ آهي تنهن لاءِ قربانيون پيش ڪنداسين ۽ ان لاءِ اوتڻ واريون قربانيون پئٽينداسين. جيئن اسان، اسان جي ابن ڏاڏن، اسان جي بادشاهن، اسان جي عملدارن کُليو کُلايو يروشلم جي گھٽين ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾ پئي ڪيو آهي. تنهن وقت اسان وٽ گھڻو کاڌو خوراڪ موجود هو ۽ اسين خوشحال هئاسين ۽ ڪوبہ نقصان برداشت نہ ڪيو هوسين.