يرمياہ 18:10 - Muslim Sindhi Bible10 تہ پوءِ جي اها قوم منهنجي نظر ۾ بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي تہ آءٌ بہ ان چڱائيءَ ڪرڻ کان باز ايندس جيڪا مون ساڻس ڪرڻ چاهي هوندي. Faic an caibideilSindhi Bible10 انهي وقت جي اُها قوم منهنجي ڏسندي ڪا بڇڙائي ڪندي ۽ منهنجو حڪم نہ مڃيندي، تہ پوءِ جنهن چڱائيءَ جي وسيلي فائدي پهچائڻ لاءِ کين چيو هوم تنهن کان آءٌ ڦرندس. Faic an caibideil |
اي حزقيايل! پنهنجي قوم جي ماڻهن کي ٻڌائي ڇڏ تہ جيڪڏهن سچار ڦري وڃي بدڪاريءَ وارو ڪم ڪن تہ سندن اڳئين سچائي کين سزا کان بچائي نہ سگھندي. وري بدڪار ماڻهو جڏهن پنهنجي بڇڙائيءَ کان توبهہتائب ٿيندو تہ سندس اڳي واري بدڪاري هن جي موت جو سبب نہ بڻبي. پر سچار ماڻهو جڏهن ڦري وڃي گناهہ ڪرڻ لڳندو تہ جيئرو نہ رهندو.
تنهنڪري آءٌ خداوند، بني اسرائيل جو خدا چوان ٿو تہ مون برابر واعدو ڪيو هو تہ تنهنجو گھراڻو ۽ تنهنجي پيءُ جو گھراڻو منهنجي حضور ۾ ڪاهن طور هميشہ خدمت ڪندو رهي. پر هاڻي مون کان ائين ڪڏهن نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ جيڪي مون کي تعظيم ٿا ڏين، تن کي آءٌ عزت ڏيندس ۽ جيڪي مون کان منهن موڙين ٿا، سي بيآبرو ڪيا ويندا.