Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:6 - Muslim Sindhi Bible

6 اهي انهيءَ سڪل ٻوٽي وانگر ٿيندا، جيڪو برپٽ ۾ هوندو آهي. اهي بيابان جي سڪل ٺوٺ هنڌن ۾، ڪلراٺي ۽ ويران زمين ۾ ئي رهندا. هائو، اهي ڪڏهن بہ خوشحالي نہ ڏسندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

6 ڇالاءِ جو هو برپٽ ۾ سڪل ٻوٽي وانگي ٿيندو، ۽ چڱائي جي اچڻ جو سماءُ ئي نہ پوندس؛ پر بيابان جي سڪل جاين ۾، ۽ کاري ۽ سڃي زمين ۾ رهندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:6
17 Iomraidhean Croise  

تنهن تي بادشاهہ جي ماڻهوءَ خدا جي بندي کي چيو تہ ”جيڪڏهن خداوند آسمان جون دريون کولي ڇڏي تہ بہ ائين ٿي نہ سگھندو.“ تنهن تي اليشع کيس وراڻيو تہ ”تون اهو پنهنجين اکين سان ڏسندين پر انهيءَ مان کائيندين ڪين.“


تيل، ماکيءَ ۽ مکڻ جي وهندڙ دريائن ۾ سندن ڪو حصو نہ هوندو، هائو، هو آسودگي ۽ خوشحالي بلڪل نہ ڏسندا.


مون ئي تہ بيابان کي انهن جو گھر بڻايو آهي، ۽ کاري زمين کي انهن جي جُوءِ بڻايو اٿم.


پر بڇڙن جي حالت اهڙي ناهي، اهي بُهہ وانگر آهن جنهن کي واءُ اُڏائي کنيو وڃي.


جيتوڻيڪ بڇڙا ماڻهو گاهہ جيان اُسرن ٿا، هائو، اهي خطاڪار وڌن ۽ ويجھن ٿا، تنهن هوندي بہ آخرڪار اهي هميشہ لاءِ ناس ٿي ويندا.


بيشڪ اوهين ان شاهہ‌بلوط وڻ وانگر ٿيندا، جنهن جا پن ڇڻي ويا هجن، اوهين انهيءَ باغ جيان ٿيندا، جيڪو پاڻي نہ ملڻ ڪري ويران ٿي ويو هجي.


تنهنڪري مون خداوند جو اهو فرمان آهي تہ آءٌ سمعياہ نخلاميءَ ۽ سندس نسل کي اهڙي سزا ڏيندس جو قوم مان سندن نالو نشان ئي مٽجي ويندو. هو اهي چڱا ڪم ئي نہ ڏسندو جيڪي آءٌ پنهنجي قوم لاءِ ڪندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون خداوند جي خلاف بغاوت جي باهہ ڀڙڪائي آهي.‘“


اهي چوندا ويندا تہ ’ڀڄو، ڀڄو، پنهنجا سر بچايو، هائو، جھنگلي گڏهہ جيان تيز ڀڄو.‘


تنهن هوندي بہ کاري سمنڊ جي ڪناري وارا هيٺاهان ڍورا ۽ تلاءَ مٺا نہ هوندا، انهيءَ لاءِ تہ انهن مان لوڻ حاصل ڪيو وڃي.


تنهنڪري، آءٌ قادر‌مطلق خداوند، بني اسرائيل جو جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ پڪ ئي پڪ آءٌ موآب ۽ عمون ملڪن کي سدوم ۽ عموراہ وانگر ويران ڪري ڇڏيندس. هائو، اتي ڪنڊا ڪانڊيرا اڀري ايندا، ۽ اتان جي زمين ڪلراٺي ۽ کڏون کوٻا ٿي هميشہ جي لاءِ ويران ٿي ويندي. پوءِ منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو سندن ملڪن تي قبضو ڪندا.“


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


ابيملڪ اهو سڄو ڏينهن شهر وارن سان وڙهندو رهيو، آخرڪار شهر تي قبضو ڪري منجھس جيڪي ماڻهو هئا تن کي قتل ڪيائين. پوءِ هن شهر کي ڊاهي ميدان ڪرائي مٿس لوڻ ڇٽرائي ڇڏيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan