Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:3 - Muslim Sindhi Bible

3 ۽ کُليل ميدان ۾ دڙن تي ٺهيل آهن. آءٌ اوهان جي گناهہ جي ڪري اوهان جي سڄي ملڪ مان اوهان جي دولت ۽ اوهان جا سڀ خزانا اوهان جي دشمنن هٿان لٽائي ڦرائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 اي منهنجا جبل تون جو ميدان ۾ آهين، گناهہ جي ڪري آءٌ تنهنجن سڀني سرحدن ۾ تنهنجو سڀ مال، ۽ تنهنجا سڀ خزانا، ۽ تنهنجون سڀ مٿانهيون جايون لٽ جي لاءِ ڏئي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:3
23 Iomraidhean Croise  

سو جيئن خداوند اڳ ئي ٻڌائي ڇڏيو هو، تيئن نبوڪدنضر خداوند جي هيڪل مان ۽ شاهي محل مان سڀ خزانا ميڙي سيڙي کڻائي ويو ۽ سون جون اهي شيون بہ ٽڪرا ٽڪرا ڪرائي ڇڏيون جيڪي اسرائيل جي بادشاهہ سليمان خداوند جي گھر لاءِ ٺهرايون هيون.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


پر بني اسرائيل جي ڏوهن ۽ گناهن کي پوريءَ طرح معاف ڪرڻ جو رڳو هڪڙو ئي رستو آهي، تہ اهي غير معبودن جي قربان‌گاهہ جا سڀ پٿر ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏين، ۽ يسيرہ ديويءَ جي ٿنڀن ۽ لوبان ساڙڻ وارين قربان‌گاهن جو نالو نشان بہ نہ رهڻ ڏين.


تباهي مچائڻ وارا حملي ڪرڻ لاءِ بيابان ۾ کُليل ٽڪرين تي اچي پهتا آهن. اهي مون خداوند جي موتمار تلوار بڻجي هڪڙيءَ ڪنڊ کان ٻيءَ ڪنڊ تائين ملڪ کي ڳڙڪائي ڇڏيندا، ۽ ملڪ ۾ ڪوبہ سلامت نہ رهندو.


يهوداہ ملڪ جي سرحدن اندر ماڻهن جو جيڪو بہ مال ملڪيت ۽ خزانا آهن، نہ رڳو سي سڀ آءٌ سندن گناهن جي ڪري لٽائي ڦرائي ڇڏيندس،


هن شهر جي سڄي دولت، ان ۾ تيار ٿيندڙ هر شيءِ، ان جون سڀ قيمتي شيون ۽ يهوداہ جي بادشاهن جا سڀ خزانا پڻ آءٌ سندن دشمنن جي حوالي ڪري ڇڏيندس. هو انهن شين کي لٽ جي مال جيان هٿ ڪري بابل ڏانهن کڻي ويندا.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يروشلم وارؤ! اوهين جيڪي جبل جي چوٽيءَ تي رهو ٿا ۽ هيٺ ماٿرين ڏانهن نهاري سمجھو ٿا تہ اوهين محفوظ آهيو. سو اوهين چئو ٿا تہ ’ڪير اسان تي ڪاهہ ڪري ايندو؟ ڪير اسان جي گھرن ۾ گھڙندو؟‘ پر ياد رکو، آءٌ اوهان جي خلاف آهيان.


”يهوداہ جي بادشاهہ حزقياہ جي ڏينهن ۾ ميڪاہ مورشتي اڳڪٿي ڪئي هئي. هن يهوداہ جي سڀني رهاڪن کي قادرِمطلق خداوند جو هي فرمان ٻڌايو هو تہ ’صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو، ۽ اُتي جتي هيڪل اڏيل آهي سو جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.‘


هن جي دشمنن ساڻس زوري ڪئي آهي، جو سندس سموري خزاني تي پنهنجا هٿ ڊگھيريا اٿن. بلڪ جن غير قوم وارن بابت خداوند حڪم فرمايو هو تہ کين بني اسرائيل قوم جي فردن ۾ هرگز شامل نہ ڪيو وڃي، سي هاڻ تہ کُليو کُلايو سندس مقدس هيڪل ۾ گھڙي آيا آهن.


اهو سڀ ڪجھہ تڏهن ٿيندو جڏهن آءٌ تو کي تنهنجي يارن جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. هو تنهنجي زناڪاريءَ وارين جاين ۽ بتن جي پوڄا وارن هنڌن کي ڊاهي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندا. اهي تنهنجا ڪپڙا لاهي کڻي ويندا ۽ تنهنجا سهڻا زيور کسي وٺندا. هائو، هو تو کي خالي هٿئين ۽ بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا.


تنهنڪري هنن بابت مون خداوند خدا جو اهو ئي فرمان آهي تہ آءٌ هنن تي هڪڙو اهڙو لشڪر چاڙهي آڻيندس، جيڪو انهن ٻنهي کي ڏهڪائي ڇڏيندو ۽ کين لٽيندو ڦريندو.


’اي جبل ۽ ٽڪريون! اي برساتي نهرون ۽ ماٿريون! اوهين ٻڌو. آءٌ خداوند اوهان جي خلاف ٿيڻ وارو آهيان، آءٌ اوهان جي انهن سڀني جاين کي جنگ دوران ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيندس، جتي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي ٿي وڃي.


آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.


تنهنڪري اوهان جي انهن عملن جي ڪري ئي صيئون جبل تي ٻنيءَ وانگر هر هلايو ويندو. هائو، يروشلم مٽيءَ جو ڍير ٿي ويندو ۽ جتي هيڪل اڏيل آهي اُتي جھنگ ئي جھنگ ٿي ويندو.


پر انهن جي دولت لٽجي ويندي، ۽ سندن گھر ويران ڪيا ويندا. هائو، هو گھر تہ ٺهرائين ٿا پر انهن منجھہ رهندا ڪونہ. اهي انگورن جا باغ تہ لڳائين ٿا، پر انهن جو رس پيئندا ڪونہ.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan