يرمياہ 17:27 - Muslim Sindhi Bible27 پر جيڪڏهن اوهين منهنجي نافرماني ڪندي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان بار کڻي اندر لنگھي اچڻ سان منهنجي پاڪ سبت جي ڏينهن جي بيحرمتي ڪندا، تہ پوءِ آءٌ يروشلم جي دروازن کي اهڙي باهہ ڏيئي ڇڏيندس جيڪا يروشلم جا سڀ محل ساڙي رک ڪري ڇڏيندي، ۽ ڪوبہ ان باهہ کي وسائي نہ سگھندو.‘“ Faic an caibideilSindhi Bible27 پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين. Faic an caibideil |
هنن نہ رڳو اهو سڀ ڪجھہ ڪيو آهي، بلڪ ساڳئي وقت هنن منهنجي عبادت واري مقدس هيڪل کي بہ اهڙيءَ طرح پليت ڪيو جو هنن پنهنجي ٻارن کي پنهنجي بتن تي قربان ڪرڻ کان پوءِ اهڙي ئي حالت ۾ منهنجي عبادت واري جاءِ ۾ داخل ٿيون. ساڳئي نموني منهنجي سبت جي ڏينهن جي بہ بيحرمتي ڪئي اٿائون. هاڻي ڏس، اهڙيءَ حالت منهنجي گھر جي ٿيڻ گھرجي ڇا؟