Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:26 - Muslim Sindhi Bible

26 تڏهن سڄي يهوداہ وارا يعني يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، بنيامين جي علائقي، اولهہ طرف جي هيٺاهينءَ وارين زمينن وٽان ۽ جابلو علائقي ۽ ڏکڻ واري بيابان وارا ماڻهو پيا يروشلم ۾ ايندا. اهي پاڻ سان ساڙڻ واريون قربانيون، جانورن جون ٻيون قربانيون، اناج جون قربانيون، شڪرگذاريءَ جون قربانيون ۽ لوبان ساڙڻ لاءِ مون خداوند جي گھر ۾ آڻيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 ۽ هو يهوداہ جي شهرن مان، ۽ يروشلم جي آس پاس وارن هنڌن مان، ۽ بنيمين جي زمين مان، ميدان ۽ جبلن مان، ۽ ڏکڻ مان ايندا، ۽ سوختني قربانيون ۽ کاڌي جون قربانيون، ۽ نذرانا ۽ لوبان آڻيندا ۽ شڪرگذاريءَ جون قربانيون بہ خداوند جي گهر ۾ آڻيندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:26
17 Iomraidhean Croise  

هنن خداوند جي واکاڻ ۽ شڪرگذاري ڳائيندي چيو پئي تہ ”خداوند ڀلو آهي، بني اسرائيل مٿان هن جي شفقت هميشہ جي لاءِ آهي.“ تڏهن سڀني ماڻهن وڏي واڪي خداوند جي ثنا ڪئي، ڇاڪاڻ تہ ان وقت خداوند جي گھر جو بنياد وڌو پئي ويو.


اوهين خداوند آڏو شڪرگذاريءَ واريون قربانيون پڻ پيش ڪريو، ۽ گيت ڳائيندي سندس ڪمن جو بيان ڪريو.


سو آءٌ تنهنجو نالو وٺي تنهنجي حضور ۾ شڪراني جو نذرانو پيش ڪندس.


آءٌ تنهنجي گھر ۾ ساڙڻ واريون قربانيون کڻي ايندس، ۽ پنهنجيون باسون تو وٽ آڻي پوريون ڪندس،


خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،


ماڻهو شڪرگذاري ڪندا ۽ خوشيون ملهائيندا. آءٌ انهن جو تعداد وڌائيندس، سو هو گھٽبا ئي ڪين. آءٌ انهن کي عزت وارو ڪندس، سو هو ذليل نہ ڪيا ويندا.


پئسن سان ٻنيون خريد ڪيون وينديون، دستاويزن تي صحيحون ٿينديون، انهن تي مهرون لڳنديون ۽ شاهدن جون شاهديون لکبيون. جهڙو بنيامين جي علائقي ۾، تهڙو يروشلم جي آس‌پاس ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن ۾، جهڙو جابلو علائقي ۾ تهڙو هيٺاهين زمين ۾ ۽ ڏکڻ وارن شهرن ۾ ائين ئي ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ پنهنجي قوم کي سندن وطن ۾ موٽائي آڻي خوشحال ڪندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


هائو، جابلو علائقي جي شهرن، اولهہ وارين هيٺاهين زمينن، ڏکڻ وارن شهرن ۽ بنيامين جي علائقي ۾ توڙي يروشلم جي آس‌پاس وارن ڳوٺن ۽ يهوداہ جي ٻين سڀني شهرن وٽ ڌنار پنهنجا ڍور پيا ڳڻيندا رهندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


سو اوهان لاءِ منهنجو اهو ساڳيو ئي پيغام آهي جيڪو مون پنهنجي نبين جي ذريعي موڪليو هو، جڏهن يروشلم اڃا آباد ۽ خوشحال هو ۽ سندس چوڌاري شهر توڙي ڏکڻ ۽ اولهہ وارا هيٺاهان هنڌ آباد هئا.


تنهنڪري اچو تہ اسين عيسيٰ جي وسيلي خدا آڏو سدائين سندس واکاڻ جي قرباني ڪندا رهون، يعني انهيءَ زبان جو ڦل نذر ڪريون، جيڪا سندس نالي جو اقرار ٿي ڪري.


اوهين بہ جيئرن پٿرن وانگر اڏجي خدا جو روحاني گھر بڻبا ٿا وڃو. نہ رڳو اهو، پر اوهين پاڪ ڪاهنن جي مخصوص جماعت جا رڪن بڻجي اهڙيون روحاني قربانيون پيش ٿا ڪريو، جيڪي عيسيٰ مسيح جي وسيلي خدا وٽ قبول پون ٿيون.


۽ عيسيٰ مسيح وٽان بہ، جيڪو سچو شاهد، مئلن مان جيئرو ٿي اٿڻ وارن ۾ پهريتو ۽ ڌرتيءَ جي بادشاهن تي حڪم هلائيندڙ آهي. عيسيٰ مسيح، جيڪو اسان سان پيار ٿو ڪري، جنهن پنهنجو رت وهائي اسان کي گناهن کان ڇوٽڪارو ڏنو آهي


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan