Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:24 - Muslim Sindhi Bible

24 پر جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندا ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، بلڪ انهيءَ ڏينهن ڪوبہ ڪم ڪار نہ ڪري ان ڏينهن کي خداوند لاءِ وقف ڪندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ هيئن ٿيندو تہ جيڪڏهن اوهين ڪوشش ڪري منهنجي ٻڌندا، ۽ سبت جي ڏينهن هن شهر جي دروازن مان ڪوبہ بار نہ آڻيندا، پر سبت جو ڏينهن پاڪ رکندا، ۽ ان ۾ ڪو ڪم ڪار نہ ڪندا؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:24
11 Iomraidhean Croise  

خداوند فرمايو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون خداوند پنهنجي خدا جي آواز کي پوريءَ طرح ڌيان سان ٻڌندا ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ صحيح آهي سو ڪندا، منهنجي حڪمن تي عمل ڪندا ۽ منهنجي سڀني قانونن تي هلندا تہ جيڪي بيماريون مون مصرين تي موڪليون آهن تن مان ڪابہ اوهان تي ڪين موڪليندس. آءٌ خداوند آهيان، جيڪو اوهان کي صحت ٿو ڏيان.“


اوهين سبت ملهايو ۽ ان کي رڳو خدا لاءِ وقف ڪري ڇڏيو.


کيس چئُہ تہ جڏهن هو ڪن ٻن ٻن ماڻهن کي گڏ ايندي ڏسي، پوءِ ڀلي اهي گھوڙن، گڏهن يا اٺن تي سوار هجن، تڏهن هو انهن سوارن کي نهايت ئي غور سان ڏسي.“


جيڪا شيءِ صحيح کاڌي طور استعمال نہ ٿي ٿئي، تنهن لاءِ پنهنجو پئسو ڇو ٿا ضايع ڪريو؟ هائو، جنهن شيءِ مان ڍءُ نہ ٿو ٿئي، تنهن لاءِ پورهيو ڇو ٿا ڪريو؟ اوهين غور سان منهنجي ڳالهہ ٻڌو، جيڪا چڱي شيءِ هجي سا کائو، ۽ عمدي کاڌي مان لذت حاصل ڪريو.


اوهين منهنجي سبت جي ڏينهن جو احترام ڪريو. اهي اوهان جي ۽ منهنجي وچ ۾ هڪڙي نشاني آهن، انهيءَ لاءِ تہ اوهين ڄاڻي وٺو تہ آءٌ خداوند ئي اوهان جو خدا آهيان.‘


اي يهوداہ وارؤ! ڏسو، پري پري رهڻ وارا بہ اچي خداوند جي هيڪل ٺاهڻ ۾ مدد ڪندا، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي. جيڪڏهن اوهين دل سان خداوند پنهنجي خدا جا فرمانبردار رهندا تہ پوءِ اهي ڳالهيون پوريون ٿينديون.


تنهنڪري جيڪڏهن اهي حڪم جيڪي آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان کي ٻڌايان ٿو سي ڌيان ڏيئي ٻڌندا، خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا ۽ پنهنجي پوري دل وَ جان سان سندس عبادت ڪندا،


سو هي سڀ حڪم، جي آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تن تي جيڪڏهن اوهين خبرداريءَ سان عمل ڪندا، يعني خداوند پنهنجي خدا کي پيار ڪندا، سندس سڀني واٽن تي هلندا ۽ ساڻس چُهٽيل رهندا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan