يرمياہ 17:22 - Muslim Sindhi Bible22 سبت جي ڏينهن ڪنهن بہ قسم جو بار پنهنجي گھر کان ٻاهر نہ کڻي وڃو ۽ نہ وري ان ڏينهن تي ڪو ڪم ڪار ڪريو، بلڪ سبت جي ڏينهن کي اوهين مون خداوند لاءِ وقف ڪريو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو هو. Faic an caibideilSindhi Bible22 نڪي سبت جي ڏينهن پنهنجن گهرن مان بار کڻي ٻاهر وڃو، ۽ نہ ڪو ڪم ڪريو: پر اوهين سبت جو ڏينهن پاڪ رکو، جيئن مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي حڪم ڪيو؛ Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،