يرمياہ 17:21 - Muslim Sindhi Bible21 خبردار ٿيو، متان سبت جي ڏينهن ڪو بار کنيو اٿوَ، يا اهو يروشلم جي دروازن کان اندر ٽپائي آندو اٿوَ، پوءِ پنهنجي حياتيءَ جو خير نہ سمجھجو. Faic an caibideilSindhi Bible21 خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي سنڀال ڪريو ۽ سبت جي ڏينهن ڪوبہ بار نہ کڻو، ۽ نہ اُهو يروشلم جي دروازن اندر آڻيو؛ Faic an caibideil |
خداوند فرمائي ٿو تہ ”جيڪڏهن اوهين سبت، يعني منهنجي پاڪ ڏينهن تي پنهنجي مرضيءَ موجب ڪم ڪرڻ کان پنهنجا پير روڪيندا، سبت جي ڏينهن کي پنهنجي خوشين جو ڏينهن سمجھندا، ۽ انهيءَ کي مون خداوند جو پاڪ ۽ تعظيم وارو ڏينهن ڪري سڏيندا، ۽ انهيءَ جو اهڙيءَ طرح احترام ڪندا، جو نہ انهيءَ ڏينهن پنهنجو ڪو ڪاروبار يا سفر ڪندا، نڪي وري پنهنجي خوشيءَ يا پنهنجي مطلب جون ڳالهيون ڪندا،