Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:19 - Muslim Sindhi Bible

19 خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يروشلم جي ٻين سڀني دروازن سان گڏوگڏ عام ماڻهن واري انهيءَ دروازي ڏانهن پڻ وڃ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ ايندا ويندا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 خداوند مون کي فرمايو، تہ وڃي عام خلق جي دروازي تي بيهہ، جنهن مان يهوداہ جا بادشاهہ لنگهي اچن وڃن ٿا، ۽ يروشلم جي سڀني دروازن تي بہ؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:19
11 Iomraidhean Croise  

اوهين سڀيئي ٻڌو، ڏاهپ هڪ عورت وانگر وڏي واڪي بيٺي سڀني کي سڏي ٿي.


ڏاهپ پنهنجي ٻانهين کي موڪليو آهي تہ اهي شهر جي تمام مٿاهين جاين تان پڪاري دعوت ڏين تہ


بلڪ جيڪي مون کي ستائن ٿا تن کي ذليل وَ خوار ڪر، پر مون کي انهيءَ حالت کان بچاءِ. هائو، تون هنن کي دهشت ۾ وجھي ڇڏ، پر مون کي دهشت کان بچاءِ. هنن تي مصيبت جو ڏينهن آڻ ۽ مٿن تباهيءَ مٿان تباهي نازل ڪر.


اتي وڃي ماڻهن کي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا رهاڪؤ! جيڪي هنن دروازن مان لنگھو ٿا سي سڀ ٻڌو تہ آءٌ خداوند ڇا ٿو چوان.


پوءِ ٺڪراٽي جي دروازي جي سامهون هنوم ماٿريءَ ڏانهن نڪري وڃ. اتي مون قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو هي پيغام ماڻهن کي ٻڌاءِ تہ ’اي يهوداہ جا بادشاهؤ! اي يروشلم جا رهاڪؤ! ياد رکو، آءٌ خداوند هن ماٿريءَ تي اهڙي مصيبت آڻڻ وارو آهيان جو جيڪو بہ انهيءَ جي باري ۾ ٻڌندو تنهن جا لڱ ڪانڊارجي ويندا.


”اي يرمياہ! مون خداوند جو حڪم آهي تہ منهنجي هيڪل جي اڱڻ ۾ بيهي تون يهوداہ جي ڳوٺن مان عبادت لاءِ ايندڙ سڀني ماڻهن سان ڳالهاءِ. منهنجي ٻڌايل هر ڳالهہ کان کين آگاهہ ڪر، انهن مان هڪڙو لفظ بہ نہ گھٽائجانءِ.


تڏهن باروڪ هيڪل جي ”نئون دروازو“ نالي در جي لنگھہ وٽ بالا اڱڻ ۾ شاهي محرر سافن جي پٽ جمرياہ جي ڪمري مان سڀني ماڻهن کي چمڙي جي ويڙهوٽي مان خداوند جون مون کي ٻڌايل ڳالهيون پڙهي ٻڌايون.


تنهنڪري خداوند جون ڳالهيون جيڪي مون تو کي لکرايون آهن سي تون خداوند جي هيڪل ۾ وڃي روزي واري ڏينهن ماڻهن کي اهڙيءَ طرح پڙهي ٻڌاءِ، جو خداوند جي گھر ۾ موجود مقامي ماڻهو توڙي يهوداہ جي مختلف شهرن کان آيل ماڻهو بہ چڱيءَ طرح ٻڌي سگھن.


”وڃو ۽ هيڪل ۾ بيهي ماڻهن کي هن نئين زندگيءَ بابت سڀ ڪجھہ ٻڌايو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan