پر آءٌ تنهنجيءَ قدرت جا گيت پيو ڳائيندس. صبح جو ئي آءٌ وڏي آواز سان تنهنجي ٻاجھہ جا گيت ڳائيندس، ڇوجو منهنجي تڪليفن جي ڏينهن ۾ تون ئي تہ منهنجي پناهہ ۽ قلعو رهيو آهين.
اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہگاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.
تون جيڪو بني اسرائيل جي اميد ۽ سندن آب حيات جو چشمو آهين! تنهن کي جيڪي ڇڏي ٿا ڏين سي سڀ ذليل وَ خوار ٿيندا. هائو، جيڪي تو کان ڦري ويندا سي انهن اکرن جيان مِٽجي ويندا، جيڪي واريءَ تي لکيا ويا هجن.