Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 باقي آءٌ سو تنهنجي پٺيان ڌنار ٿيڻ کان ضدي نہ ٿيو آهيان؛ نڪي مون ويل واري ڏينهن جي خواهش ڪئي آهي: تون ڄاڻين ٿو؛ جيڪي منهنجن چپن مان نڪتو، سو تنهنجي روبرو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:16
21 Iomraidhean Croise  

پر اي خداوند! تون مون کي ڄاڻين ٿو. تون مون کي ڏسين ٿو ۽ منهنجي دل کي پرکين ٿو تہ اها تو سان ئي آهي. سو تون انهن بڇڙن کي رڍن وانگر ڪهڻ لاءِ ڇڪي ٻاهر ڪڍ. انهن کي ذبح ڪرڻ جي ڏينهن لاءِ الڳ ڪري بيهار.


پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.


پوءِ مون چيو تہ ”اي خداوند! تون منهنجي تڪليفن کي ڄاڻين ٿو. سو مون کي نہ وسار ۽ منهنجي سار لهہ. ڏس، مون تنهنجي خاطر ڪيڏا نہ طعنا ۽ مهڻا سٺا آهن. تون منهنجي مخالفن سان ايتري صبر ۽ تحمل سان پيش نہ اچ، بلڪ انهن کان منهنجو بدلو وٺ، ان کان اڳ جو هو مون کي ماري وجھن.


مون تہ هنن سان ڀلائي ڪئي آهي، پر انهيءَ جي عيوض ۾ هنن مون لاءِ کڏ کوٽي آهي. ياد ڪر تہ ڪيئن نہ مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن لاءِ سفارش ڪئي هئي، تہ جيئن هنن تان تنهنجو ڏمر هٽي وڃي.


اي خداوند! تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني، جيڪا مون مڃي. تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين. هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي، هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


سو خبردار اي اوهين! جيڪي عدالت ۾ ناانصافيءَ خلاف آواز اٿاريندڙن، توڙي سچ ڳالهائيندڙن کان نفرت ڪري کين ڌڪاريو ٿا.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ جيڪي بہ ڳالهيون اوهان جي فائدي جون هيون تن کي بيان ڪرڻ توڙي کُلي‌عام ۽ گھر گھر تعليم ڏيڻ ۾ مون ڪڏهن نہ ڪيٻايو آهي.


ڇاڪاڻ تہ خوشخبريءَ بابت خدا جو سمورو مقصد مون اوهان کي ٻڌايو آهي ۽ ذرو بہ نہ ڪيٻايو اٿم.


اسين صاف ضمير سان فخر ڪندي چئي سگھون ٿا تہ خدا کان مليل پاڪائيءَ ۽ سچائيءَ سان اسان زندگي گذاري آهي. اهڙو ورتاءُ اسان دنيا ۾ ۽ خاص ڪري اوهان سان ڪيو آهي. اسان ائين دنياوي ڏاهپ موجب نہ، بلڪ خدا جي فضل موجب ڪيو آهي.


ڪوبہ نہ. تنهن هوندي بہ اسين انهن گھڻن ماڻهن وانگر نہ آهيون، جيڪي پنهنجي فائدي لاءِ مسيح بابت خدا جي پيغام جو غلط استعمال ڪن ٿا. پر اسين خدا کي حاضر ڄاڻيندي خدا جي طرفان ۽ دل جي سچائيءَ سان مسيح ۾ ڳالهايون ٿا.


اي منهنجا پيارا ڀائرو ۽ ڀينرون! اها ڳالهہ ياد رکو تہ هر هڪ ماڻهو ٻڌڻ ۾ تکو، ڳالهائڻ ۾ ڍرو ۽ ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ٿڌو ٿئي،


اي منهنجا ڀائرو ۽ ڀينرون! اوهان مان گھڻا تعليم ڏيندڙ ٿيڻ جي ڪوشش نہ ڪن، ڇاڪاڻ تہ اوهين ڄاڻو ٿا تہ اسين جيڪي تعليم ڏيندڙ آهيون تن جي عدالت وڌيڪ سختيءَ سان ڪئي ويندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan