Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 اي خداوند! تنهنجو پاڪ گھر شروع کان وٺي جبل تي قائم آهي. هائو، تنهنجي مقدس هيڪل هڪڙو عاليشان تخت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 اسان جو پاڪ مڪان شروع کان وٺي بلنديءَ تي مقرر ٿيل هڪڙو عاليشان تخت آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 17:12
13 Iomraidhean Croise  

خداوند پنهنجو تخت عرش عظيم تي قائم ڪيو آهي، هر شيءِ تي سندس ئي حڪومت هلي ٿي.


بيشڪ عظمت ۽ حشمت هن جي ئي حضور ۾ آهن، ۽ طاقت ۽ حسن بہ سندس مقدس ترين جاءِ ۾ آهن.


جنهن سال عُزياہ بادشاهہ وفات ڪئي تنهن سال مون يسعياہ ڏٺو تہ پروردگار هڪڙي تمام اوچي ۽ مٿاهين تخت تي ويٺو آهي، مون ڏٺو تہ سندس قبا جو دامن سڄي هيڪل تي پکڙيل هو.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”آسمان منهنجو تخت ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي. پوءِ اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گھر جوڙيندا؟ هائو، منهنجي رهڻ لاءِ اوهين ڪهڙي قسم جي جاءِ اڏيندا؟


اسان کي نہ ڌڪار، متان تنهنجي نالي جي گھٽتائي ٿئي. تون يروشلم شهر ۾ پنهنجي عظمت واري تخت جي توهين ٿيڻ نہ ڏي. اسان سان ٻڌل پنهنجي عهد کي ياد ڪر ۽ انهيءَ کي نہ ٽوڙ.


انهيءَ وقت تہ اوهين يروشلم کي ”خداوند جو تخت“ سڏيندا ۽ سڀ قومون مون خداوند جي نالي کي تعظيم ڏيڻ لاءِ يروشلم ۾ گڏ ٿينديون، ۽ اڳتي اوهين پنهنجي شرير دل جي هوڏ مطابق نہ هلندا.


انهيءَ گنبذ جي مٿان هڪڙي شيءِ ڏسڻ ۾ ٿي آئي، جيڪا نيلم جي پٿر جي ٺهيل تخت جهڙي هئي. انهيءَ تخت جهڙي شيءِ جي مٿان هڪڙي انساني صورت جهڙي هستي ويٺل ڏسڻ ۾ ٿي آئي.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، هي هيڪل ڌرتيءَ تي منهنجو تخت‌گاهہ آهي جتي آءٌ هميشہ جي لاءِ بني اسرائيل جي وچ ۾ رهي حڪمراني ڪندس. هاڻي اڳتي بني اسرائيل منهنجي پاڪ نالي جي وري ڪڏهن بہ بي‌حرمتي نہ ڪندا، يعني نہ اهي، نڪي سندن بادشاهہ غير معبودن جي پوڄا ڪندا ۽ نہ وري بادشاهن جي يادگاريءَ لاءِ مقبرا ٺاهيندا.


”جڏهن ابنِ آدم پنهنجي شان وَ شوڪت سان ايندو ۽ سڀ ملائڪ ساڻس گڏ هوندا، تڏهن هو بادشاهہ جي حيثيت سان پنهنجي جلال واري تخت تي ويهندو


اچو تہ هن ڊوڙ ۾ اسين عيسيٰ تي پنهنجيون نظرون رکي ڊوڙندا رهون، جيڪو اسان جي ايمان جو باني ۽ ڪامل ڪندڙ آهي. هن انهيءَ خوشيءَ جي خاطر جيڪا سندس نظر آڏو هئي، شرمندگيءَ جي پرواهہ نہ ڪري صليب جي تڪليف سٺي ۽ خدا جي تخت تي ساڄي پاسي وڃي ويٺو.


تنهنڪري اچو تہ دليريءَ سان خدا جي فضل واري تخت جي ويجھو هلون، تہ جيئن هو اسان تي رحم ڪري ۽ اسان کي اهو فضل عطا ڪري جيڪو ضرورت جي وقت اسان جي مدد ڪري.


جيڪو آزمائشن تي غالب پوندو تنهن کي آءٌ پاڻ سان گڏ پنهنجي تخت تي ويهاريندس، جهڙيءَ طرح آءٌ پاڻ غالب پيس ۽ پنهنجي پيءُ سان گڏ سندس تخت تي ويٺس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan