Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:7 - Muslim Sindhi Bible

7 سوڳوارن کي سندن مئلن جي تسليءَ واسطي ڪوبہ ويلو نہ کارائيندو، نہ وري سندن پيءُ ماءُ جي غم ۾ ڪو تسلي ڏيندي کين پاڻيءَ ڍڪ ئي پيئاريندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

7 نڪي ماڻهو هنن جي لاءِ ماتم جي وقت ماني ڀڃندا، انهي لاءِ تہ مئن جي لاءِ هنن کي تسلي ڏين: نڪو ماڻهو هنن کي سندن پيءُ ۽ سندن ماءُ جي لاءِ دلاسي جو پيالو پياريندا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:7
8 Iomraidhean Croise  

تڏهن سندس سڀيئي ڀائر ڀينر ۽ اهي ماڻهو جن جي اڳي ساڻس واقفيت هئي، سي وٽس آيا. ساڻس گڏ ماني کاڌائون ۽ هن لاءِ افسوس ڪيائون ۽ جيڪا مصيبت خداوند مٿس نازل ڪئي هئي تنهن بابت کيس تسلي ڏنائون. انهن مان هر هڪ ڪجھہ چاندي ۽ هڪ هڪ سوني والي کيس نذراني طور ڏني.


تنهن کان پوءِ مون وري نظر ڪئي ۽ ڏٺم تہ دنيا ۾ هر هنڌ ماڻهن تي ظلم پئي ڪيو ويو. مون ڏٺو تہ مظلومن جي اکين مان ڳوڙها وهي رهيا هئا ۽ انهن کي دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونہ هو. مٿن ظلم ڪرڻ وارا وڏي اختيار وارا هئا، پر مظلومن جو ڪوبہ مددگار ڪونہ هو.


اي يهوداہ وارؤ! اوهين مري ويل بادشاهہ يوسياہ جي لاءِ نہ روئو ۽ نہ انهيءَ جي لاءِ ماتم ڪريو، بلڪ سندس پٽ يهوآخز جي لاءِ زاروزار روئو، جيڪو جلاوطن ٿي ويو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو وري موٽي پنهنجو وطن نہ ڏسندو.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“


اوهين ڌارين ملڪن ۾ هئڻ ڪري خداوند کي راضي ڪرڻ لاءِ خداوند جي هيڪل ۾ قربانيون پيش ڪري نہ سگھندا. هائو، اوهين مئي جون قربانيون نہ اوتي سگھندا، نڪي وري جانورن جون قربانيون پيش ڪري سگھندا. اتي پيش ڪيل اوهان جون سڀيئي قربانيون پليت هونديون، جيئن اهو کاڌو پليت ٿي پوندو آهي، جنهن کاڌي کي ميت کي غسل ڏيڻ واري ڇهيو هجي. جيڪي بہ اهي قربانيون کائيندا سي سڀيئي پليت ٿي پوندا، اهو کاڌو رڳو اوهان جي پيٽ ڀرڻ لاءِ هوندو.


مون پنهنجي سوڳ جي وقت انهيءَ مان ڪجھہ بہ نہ کاڌو، نڪي ناپاڪيءَ جي حالت ۾ انهيءَ مان ڪجھہ ڪڍيو اٿم، نڪي مئلن جي لاءِ انهيءَ مان ڪجھہ ڏنو اٿم. مون تو خداوند پنهنجي خدا جي فرمانبرداري ڪئي آهي. تو جيڪي بہ حڪم ڏنا آهن، مون تن موجب ڪيو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan