اي خداوند! جڏهن تون ڪاوڙيل هئين، تڏهن تو منهنجي دشمنن کي منهنجي چوڌاري ائين آڻي گڏ ڪيو، جيئن ڪنهن کي دعوت جو سڏ ڏبو آهي. دشمنن منهنجي رهاڪن کي قتل ڪري ڇڏيو. هائو، منهنجي انهن ٻارڙن کي جن کي مون ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان پالي وڏو ڪيو هو. انهيءَ ڏينهن ڪوبہ بچي نہ سگھيو.“
افسوس آهي انهن عورتن تي جيڪي انهن ڏينهن ۾ پيٽ سان هونديون يا جن کي ٿڃ ڌائيندڙ ٻار هوندا، ڇاڪاڻ تہ هن ملڪ تي وڏي مصيبت ايندي ۽ هن قوم تي غضب نازل ٿيندو.