Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:19 - Muslim Sindhi Bible

19 اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

19 اي خداوند، منهنجا زور، ۽ منهنجا ڪوٽ، ۽ مصيبت جي ڏينهن منهنجا اجها، سڀ قومون زمين جي ڪنارن کان تو وٽ ئي اينديون، ۽ چوندا تہ اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙ مليا آهن، يعني اجايون شيون، اهڙيون شيون جن مان ڪوبہ فائدو ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:19
55 Iomraidhean Croise  

ارام جي بادشاهہ بن‌هدد کي سندس عملدارن چيو تہ ”اسرائيل وارن جا معبود جابلو علائقن جا ديوتا آهن. اهو ئي سبب آهي جو هو اسان کان ڏاڍا ٿيا. پر جيڪڏهن اسين هنن سان ميداني علائقن ۾ وڙهون تہ يقيناً هن دفعي اسان هنن کان ڏاڍا ٿينداسين.


خداوند جيڪو تعريف جي لائق آهي، تنهن کي جڏهن پڪاريان ٿو، تڏهن آءٌ پنهنجي دشمنن کان بچايو ٿو وڃان.


اي خداوند! اي منهنجا محافظ! ۽ اي مون کي ڇڏائڻ جو حق رکندڙ! شال منهنجيون ڳالهيون ۽ منهنجا خيال تو وٽ قبول پون!


مصيبت جي وقتن تي هو مون کي پنهنجي مقدس خيمي ۾ پناهہ ڏيندو، ۽ مون کي خيمي جي پردي اندر لڪائي رکندو. هو مون کي ٽڪر جي چوٽيءَ تي چاڙهي حفاظت ۾ رکندو.


خدا اسان جي پناهہ ۽ اسان جي طاقت آهي. اهو مصيبت جي وقت تي هر دم تيار مددگار آهي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


قادرِمطلق خداوند اسان سان گڏ آهي. اهو ئي يعقوب جو خدا اسان جي پناهہ آهي.


رڳو اهو ئي منهنجو محافظ ۽ منهنجو بچاءُ آهي. اهو ئي منهنجو قلعو آهي، سو مون کي ڪڏهن بہ لوڏو ڪونہ ايندو.


بيشڪ منهنجو بچاءُ، ۽ منهنجو شان وَ شوڪت خدا جي طرفان ئي آهي. اهو ئي منهنجو مضبوط محافظ آهي، هائو، خدا ئي منهنجي جاءِ‌پناهہ آهي.


جڏهن اسان جا گناهہ اسان تي غالب ٿين ٿا، تڏهن تون ئي اهي معاف ڪرين ٿو.


هاڻ مصر ملڪ مان سفير نذرانا کڻي ايندا، ۽ سوڊان جا ماڻهو دعا لاءِ پنهنجا هٿ خدا آڏو ڊگھيريندا.


اي ڌڻي! سڀيئي قومون جن کي تو ئي خلقيو آهي، سي اچي تو کي سجدو ڪنديون. اهي سڀيئي تنهنجي نالي جي واکاڻ ڪنديون.


خداوند هڪ مضبوط قلعو آهي، سچار ماڻهو ڀڄي وڃي انهيءَ ۾ پناهہ وٺي ٿو.


تون غريبن ۽ لاچارن جي لاءِ هڪ مضبوط قلعو آهين. هائو، سندن مصيبتن ۾ تون هڪ پناهہ‌گاهہ آهين. ظالم دشمن اسان تي ائين ٿا اچي ڪڙڪن، جيئن طوفاني برسات اچيو ڪڙڪي، يا جيئن ٽاڪ منجھند جي اُس ساڙيو ڇڏي. پر تون انهيءَ طوفان کان اسان جي جاءِ‌پناهہ، ۽ انهيءَ اس کان بچائڻ لاءِ ڇانوَ آهين. جهڙيءَ طرح ڪڪرن جي ڇانوَ ۾ گرمي گھٽجي ٿي وڃي، تهڙيءَ طرح تون زورآورن جي شادمانن کي ختم ڪري ڇڏيندين.


انهن مان هر ڪو جھولي کان لڪڻ جي جاءِ وانگر، ۽ طوفانن کان پناهہ جيان هوندو. اهي بيابان مان وهندڙ نهرن وانگر، ۽ ويران زمين مٿان وڏي ٽڪر جي ڇانوَ مثل هوندا.


پنهنجي ئي هٿ سان مورتي ٺاهي ان کي خدا سمجھي پوڄا ڪرڻ وارو ڀلا ڪو سياڻو ماڻهو آهي ڇا؟


سو بت‌پرستي ڪرڻ وارن کي رڳو رک ئي رک حاصل ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ تہ انهن جا بي‌وقوف خيال کين گمراهہ ٿا ڪري ڇڏين. اهي بتن ٺاهڻ واري بي‌وقوفيءَ کان پاڻ کي بچائي نہ ٿا سگھن، ڇاڪاڻ تہ هو مڃن ئي ڪونہ ٿا تہ اهي بت، جن کي هو پنهنجن هٿن ۾ کنيو وتن، سي حقيقي معبود نہ آهن.


خداوند بني اسرائيل کي فرمائي ٿو تہ ”مصر جي دولت ۽ سوڊان جي تجارت اوهان جي ٿيندي، ۽ سبا جا قداور ماڻهو اوهان جا غلام بڻبا. اهي زنجيرن ۾ ٻڌل اوهان جي پٺيان ٿي هلندا. اهي اوهان کي مڃيندي ۽ جھڪي تعظيم ڏيندي چوندا تہ ’يقيناً خدا اوهان سان ئي آهي، ۽ انهيءَ هڪڙي خدا کان سواءِ ٻيو ڪوبہ ڪونهي.‘“


هاڻ اهو ئي خداوند مون کي فرمائي ٿو تہ ”تون نہ رڳو انهيءَ لاءِ منهنجو ٻانهو بڻيو آهين، جو بني اسرائيل جي باقي بچيلن کي موٽائي آڻين، ۽ سندن قبيلن کي نئين سر آباد ڪرين، بلڪ انهيءَ کان وڌيڪ مون تہ تو کي غير قومن لاءِ بہ روشني بڻايو آهي، انهيءَ لاءِ تہ تون پوريءَ دنيا جي لاءِ منهنجي طرفان امن وَ خوشحاليءَ جو سبب بڻجين.


تڏهن تنهنجي اها خوشحالي ڏسي قومن ۽ بادشاهن تي تنهنجي شان وَ شوڪت ظاهر ٿيندي. تون هڪڙي نئين نالي سان سڏبينءَ، جيڪو خداوند پاڻ تو تي رکندو.


انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن. هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا ۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو.


واڙيءَ ۾ فصل جي حفاظت لاءِ کوڙيل بوتي جيان هنن جا بت ڳالهائي نہ ٿا سگھن. اهي گھمي ڦري نہ ٿا سگھن، تنهنڪري ضروري آهي تہ کين کڻي هلجي. سو اوهين انهن کان نہ ڊڄو، هو ڪوبہ نفعو يا نقصان پهچائي نہ ٿا سگھن.“


جيڪڏهن هو پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي قوم جا رستا سکندا ۽ منهنجي نالي جو قسم کڻي چوندا تہ ’خداوند جيئري جو قسم آهي،‘ جيئن هنن منهنجي قوم کي بعل ديوتا جو قسم کڻڻ سيکاريو هو، تہ پوءِ هو منهنجي قوم منجھہ قائم ٿي ويندا.


اي بني اسرائيل جي اميد! اي مصيبت ۾ اسان کي بچائيندڙ! ڇو تون پنهنجي ملڪ ۾ ڌارين وانگر ٿو رهين؟ ڇو تون انهيءَ مسافر وانگر ٿو رهين، جنهن کي رڳو هڪڙي رات رهڻي هجي؟


مصيبت جي ڏينهن تون ئي تہ منهنجي پناهہ آهين، سو تون منهنجي لاءِ دهشت جو سبب نہ بڻج،


اڳ ڪڏهن ڪنهن قوم پنهنجا معبود بدلايا هجن، جڏهن تہ حقيقت ۾ اهي معبود ئي ناهن. پر اي منهنجي قوم! تو مون حقيقي خدا کي ڇڏي، بيڪار بتن جي ڪري پنهنجو شان وَ شوڪت مِٽائي ڇڏيو آهي.


ڪاهنن بہ مون خداوند کي ياد نہ ڪيو، جن جو واسطو شريعت سان آهي تن بہ مون کي ڪين ڄاتو. اڳواڻن بہ منهنجي خلاف بغاوت ڪئي. نبي سڏائيندڙن بعل ديوتا جي نالي سان پيغام ڏنا، ۽ بيڪار بتن جي پوڄا ۾ لڳي ويا.“


سچ آهي تہ بت‌پرستيءَ واريون ٽڪريون ۽ جبل دوکو آهن. پر بني اسرائيل جو ڇڏائجڻ يقيني طور خداوند اسان جي خدا ۾ ئي آهي.


تڏهن يروشلم شهر منهنجي لاءِ دنيا جي سڀني قومن اڳيان خوشيءَ، واکاڻ ۽ فخر جو باعث بڻبو. سو جيڪي چڱيون ڳالهيون آءٌ هن شهر لاءِ ڪندس ۽ انهيءَ کي بيحد خوشحالي ۽ امن عطا ڪندس، تن بابت ٻڌي اهي قومون خوف وچان ڏڪڻ لڳنديون.“


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


پر تون جلاوطن ٿيلن کي مون خداوند خدا جو هي پيغام ٻڌاءِ تہ ’جيتوڻيڪ مون ئي اوهان کي ڏورانهين قومن ۾ موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ڌارين ملڪن ۾ پکيڙي ڇڏيو اٿم، تڏهن بہ جن جن ملڪن ۾ اوهين ويا آهيو اتي ڪنهن حد تائين اوهين منهنجي عبادت ڪري سگھو ٿا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ موجود آهيان.


خداوند صيئون جبل تان شينهن وانگر گجندو. هائو، سندس آواز سڄي يروشلم ۾ گونجندو، ايتري قدر جو زمين وَ آسمان ڏڪي ويندا. پر تنهن هوندي بہ خداوند پنهنجي قوم بني اسرائيل لاءِ مضبوط قلعو ۽ پناهہ جي جاءِ هوندو.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ”يهوداہ وارن جي بار بار گناهہ ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين سزا ڏيڻ جي ارادي کان بلڪل نہ ڦرندس، ڇاڪاڻ تہ هنن مون خداوند جي شريعت کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي حڪمن تي عمل نہ ڪيو اٿائون. انهن ڪوڙن معبودن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، جن جي سندن ابن ڏاڏن پوڄا ڪئي هئي.


بيشڪ، خداوند ڀلو آهي. هو مصيبت جي وقت جاءِ‌پناهہ آهي. جيڪي مٿس ڀروسو رکن ٿا تن جي هو سنڀال ڪري ٿو.


قادر‌مطلق خداوند خدا ئي منهنجي طاقت آهي. اُهو منهنجا پير هرڻيءَ جي پيرن وانگر ٿو ڪري، هو مون کي اوچاين تائين وڃڻ جي سگھہ ٿو بخشي. استاد موسيقار لاءِ هدايت: هي منهنجي تار وارن سازن تي ڳايو وڃي.


انهيءَ ڏينهن گھڻيون ئي قومون خداوند آڏو توبهہ‌تائب ٿينديون ۽ سندس قوم بڻبيون. سو جڏهن خداوند اوهان يهوداہ وارن جي وچ ۾ اچي رهندو، تڏهن اوهان کي خبر پوندي تہ انهيءَ قادر‌مطلق خداوند ئي مون کي موڪليو آهي.


دنيا جي هڪڙيءَ ڪنڊ کان وٺي ٻيءَ ڪنڊ تائين ٻين قومن ۾ منهنجي واکاڻ پئي ٿئي. هر هنڌ منهنجي لاءِ لوبان پيا ٻارين ۽ پاڪ نذرانا پيا پيش ڪن. درحقيقت انهن قومن ۾ منهنجو نالو ساراهيو وڃي ٿو.


انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


اوهين ڄاڻو ٿا تہ اها اجائي هلت چلت جيڪا اوهان جي ابن ڏاڏن کان هلندي ٿي آئي، تنهن کان اوهان کي ڇڏائڻ جي قيمت سون ۽ چانديءَ جهڙيون فاني شيون نہ هيون،


جڏهن ستين ملائڪ توتارو وڄايو تہ آسمان ۾ وڏا آواز ٻڌڻ ۾ آيا جن چيو ٿي تہ ”دنيا جي بادشاهي اسان جي خداوند خدا ۽ سندس مسيح جي ٿي ويئي آهي. خداوند خدا هميشہ هميشہ تائين بادشاهي ڪندو رهندو.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan