يرمياہ 16:16 - Muslim Sindhi Bible16 خداوند فرمائي ٿو تہ ”پر هاڻ آءٌ گھڻن ئي لشڪرن کي اوهان تي چاڙهي موڪليندس، جيڪي اوهان کي هر هڪ جبل تان، هر هڪ ٽڪريءَ تان ۽ ٽڪرن جي چُرن مان ائين ڦاسائي وٺندا جيئن مڇي ڦاسائبي آهي، يا جيئن ڪو شڪاري شڪار ڪري وٺندو آهي. Faic an caibideilSindhi Bible16 ڏس، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ گهڻن مهاڻن کي گهرائيندس، ۽ هو انهن کي ڦاسائيندا؛ ۽ پوءِ آءٌ گهڻا شڪاري گهرائيندس، ۽ اُهي سڀ ڪنهن جبل تان، ۽ سڀ ڪنهن ٽڪريءَ ۽ ٽڪرن جي چرن مان انهن کي هڪالي شڪار ڪندا. Faic an caibideil |
سو ڏسو، بابل جو بادشاهہ نبوڪدنضر، جنهن کي مون هن ڪم لاءِ چونڊيو آهي سو اتر وارين سڀني قومن سميت هن ملڪ ۽ ان جي سڀني رهاڪن تي ۽ آسپاس وارين سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس. آءٌ اوهان سڀني کي بلڪل ناس ڪري ڇڏيندس ۽ حيرت ۽ عبرت جو سبب بڻائيندس. هائو، آءٌ اوهان کي ۽ اوهان جي آسپاس وارن کي هميشہ لاءِ برباد ڪري ڇڏيندس.
سو اي منهنجا پيءُ! ڏسو، هائو ڏسو، تہ توهان جي جبي جو دامن منهنجي هٿ ۾ آهي. جيئن تہ مون رڳو اوهان جي جبي جو دامن ڪپيو، پر توهان کي قتل نہ ڪيم. انهيءَ ڳالهہ مان ڄاڻو ۽ ڏسو تہ منهنجي دل ۾ ڪا بدي يا بغاوت ڪانهي ۽ نہ وري مون اوهان جو ڪو گناهہ ڪيو آهي. تنهن هوندي بہ توهين منهنجي جان وٺڻ لاءِ منهنجي پٺيان پيا آهيو.