Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 16:10 - Muslim Sindhi Bible

10 جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي ڳالهيون ٻڌائين ۽ هو تو کان پڇن تہ ’ڇو خداوند هيڏي ساري مصيبت اسان تي آندي آهي؟ اسان ڪهڙو غلط ڪم ڪيو آهي؟ اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو ڏوهہ ڪيو آهي؟‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

10 ۽ هيئن ٿيندو تہ جڏهن تون انهيءَ قوم کي اهي سڀ ڳالهيون بيان ڪري ٻڌائيندين، ۽ هو توکي چوندا تہ ڇالاءِ خداوند هيڏي ساري خرابي اسان تي نازل ڪئي آهي؟ يا اسان جو ڪهڙو ڏوهہ آهي؟ يا اسان خداوند پنهنجي خدا جو ڪهڙو گناهہ ڪيو آهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 16:10
11 Iomraidhean Croise  

سو مون قادرِمطلق خداوند، جنهن انهيءَ وڻ کي زمين ۾ پوکيو هو، تنهن انهيءَ تي مصيبت جو حڪم جاري ڪيو آهي. هائو، اسرائيل ۽ يهوداہ وارن جي مصيبت جو سبب سندن اُها بڇڙائي آهي جيڪا هنن پنهنجي لاءِ ڪئي آهي، جو بعل ديوتا آڏو نذرانا پيش ڪري مون کي چڙ ڏياري اٿائون.“


پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.


تون ڪيئن ٿي چوين تہ ’مون پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪيو آهي، نڪي بعل ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿم‘؟ ياد ڪر، تو ماٿريءَ ۾ ڇا ڇا ڪيو. تون هڪڙي وهريل ڏاچيءَ وانگر آهين، جيڪا يَل پئي ڊوڙي.


انهيءَ هوندي بہ تون چوين ٿي تہ ’آءٌ بي‌گناهہ آهيان، يقيناً خداوند جي ڪاوڙ مون تان ٽري ويئي آهي.‘ پر ياد رک، آءٌ خداوند تو کي سزا ڏيندس، ڇاڪاڻ تہ تون انڪاري آهين تہ تو گناهہ نہ ڪيو آهي.


اهو اتان جي رهاڪن جي ڪيل بڇڙائيءَ سببان ٿيو. هنن غير معبودن جي پوڄا ڪري ۽ انهن لاءِ قربانيون پيش ڪري مون کي ڪاوڙ ڏياري. انهن معبودن کي نہ هنن ٿي ڄاتو، نہ اوهان ۽ نہ وري اوهان جي ابن ڏاڏن.


جڏهن ماڻهو پڇن تہ ’خداوند اسان جي خدا اهو سڀ ڪجھہ اسان سان ڇو ڪيو آهي؟‘ تڏهن اي يرمياہ! تون کين ٻڌائج تہ جيئن هنن مون کي ڇڏي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڌارين معبودن جي پوڄا ڪئي آهي، تيئن ئي هاڻ هو بہ ڌارئي ملڪ ۾ ڌارين جي غلامي ڪندا.“


تڏهن خداوند وراڻيو تہ ”آءٌ يروشلم کي مٽيءَ جو ڍير ۽ گدڙن جي جُوءِ بڻائيندس، بلڪ يهوداہ جي سڀني شهرن کي اهڙو تہ ويران ڪندس، جو اتي ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“


اسرائيل وارا چون ٿا تہ ’اسين دولتمند آهيون ۽ جھجھو مال گڏ ڪيو اٿئون. انهيءَ ڳالهہ ۾ اسان ڪنهن جو بہ حق نہ کسيو آهي، جنهن کي اسان جو گناهہ ليکيو وڃي.‘


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan