Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ست پٽيتي ماءُ پنهنجا ست ئي پٽ وڃائي غش کائي ڪرندي. هن جي اميد جي روشني اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي. هائو، ست ئي پٽ وڃائي هوءَ عزت ۽ شان کان محروم ٿي ويندي. قوم مان باقي بچي ويندڙن کي آءٌ سندن دشمنن هٿان جنگ ۾ مارائي ڇڏيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 جنهن ست ڄڻيا آهن سا ماندي ٿي وڃي ٿي؛ انهي ساهہ ڏنو آهي؛ انهي جو سج ڏينهن بيٺي لهي ويو آهي؛ هوءَ شرمندي ۽ پشيمان ٿي آهي، ۽ انهن مان جيڪي باقي بچندا، تنهنجي نسبت ۾، خداوند ٿو فرمائي تہ آءٌ انهن کي سندن دشمنن اڳيان ترار جي حوالي ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:9
14 Iomraidhean Croise  

سا ياد رک، تو تي اهي ٻئي ڳالهيون، يعني اولاد جو نقصان ۽ ڏهاڳ، هڪڙي ئي ڏينهن، بلڪ هڪڙي لحظي ۾ اچي ڪڙڪنديون. هائو، تنهنجي گھڻين جادوگرين ۽ بي‌انداز منترن هوندي بہ تون پنهنجو مڙس ۽ اولاد وڃائي ويهندينءَ.


آءٌ هن هنڌ اوهان يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارن جا منصوبا ناس ڪري ڇڏيندس. آءٌ اوهان کي اوهان جي جاني دشمنن جي هٿان تلوار سان مارائي ڇڏيندس. آءٌ اوهان جا لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن کي کاڌي طور ڏيئي ڇڏيندس.


تنهن کان پوءِ آءٌ تو کي، تنهنجي عملدارن کي ۽ وبا، جنگ ۽ ڏڪار کان بچي ويل تنهنجي رعيت کي تنهنجي جاني دشمن بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيندس. بابل جو بادشاهہ اوهان سڀني کي تلوار جي ڌار سان مارائي ڇڏيندو ۽ اوهان تي ڪو ترس، ڪو قياس ۽ ڪابہ ڪهل نہ آڻيندو. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


انهيءَ سبب جو منهنجي اوهان تي چوڪسيءَ واري نظر آهي چڱائيءَ لاءِ نہ، پر مندائيءَ لاءِ. هائو، مصر ملڪ ۾ اوهين سڀ يهوداہ وارا جنگ ۽ ڏڪار جو منهن ڏسندا، ايستائين جو اوهين بلڪل ناس ٿي وڃو.


پر هاڻي اوهان جي قوم تمام خوار خراب ٿيندي. اها قومن منجھہ سڀني کان حقير ڪئي ويندي، ۽ اوهان جو ملڪ بيابان، خشڪ زمين ۽ رڃ ٿي ويندو.


هو چوندا تہ ”يروشلم تي حملي لاءِ تياري ڪريو. اُٿو، اسين منجھند جو ئي مٿس حملو ڪنداسون.“ پر دير ٿيڻ تي هو چوندا تہ ”افسوس صد افسوس! ڏينهن ختم ٿيڻ وارو آهي ۽ شام جا پاڇا وڌندا ٿا وڃن.


پر ڇا ائين ڪرڻ سان هو واقعي ئي مون کي ڪو نقصان پهچائين ٿا؟ هرگز نہ، هو پاڻ کي ئي نقصان پهچائي خوار خراب ڪن ٿا.


آہ! يروشلم جي وسندي ڪڏهن تہ ماڻهن سان ڀريل هوندي هئي، پر هاڻ اها ڪيڏي نہ خالي ۽ ويران ٿي پيئي آهي! اها وسندي، جيڪا قومن ۾ عظمت رکندي هئي، سا ڪيئن نہ رن‌زال جهڙي ٿي پيئي آهي! هائو، جيڪا ملڪن ۾ شهزاديءَ جي درجي تي هئي، سا ڪيئن نہ ٻانهين وانگر مجبور ٿي پيئي آهي!


منهنجي قوم تي آيل مصيبت ماڻهن ۾ اهڙي تہ وحشت وجھي ڇڏي، جو مامتا رکندڙ عورتن بہ پنهنجي ٻارڙن کي پنهنجن هٿن سان اوٻاري خوراڪ ٿي بڻايو.


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


اهڙيءَ طرح منهنجو غضب پورو ٿيندو ۽ آءٌ پنهنجو غصو انهن تي ڇنڊيندس، پوءِ مون کي آرام ملندو. هائو، جڏهن آءٌ مٿن پنهنجو قهر پورو ڪندس، تڏهن سڀيئي ڄاڻي وٺندا تہ مون خداوند اهو سڀ ڪجھہ پنهنجي غيرت وچان ڪيو هو.


جيڪي ڍاول هئا سي مانيءَ خاطر وڃي مزدور ٿيا، ۽ جيڪي بکايل هئا تن کائي ڍءُ ڪيو آهي. جيڪا عورت سنڍ هئي سا ستن ٻارن جي ماءُ بڻي، ۽ جيڪا جھجھن ٻارن جي ماءُ هئي سا اڪيلي وڃي بچي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan