يرمياہ 15:6 - Muslim Sindhi Bible6 اوهان مون کي رد ڪيو آهي. اوهان مون کي پٺي ڏني آهي. سو آءٌ اوهان ۾ پنهنجا هٿ وجھي اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ترس کائي کائي بيزار ٿي پيو آهيان. Faic an caibideilSindhi Bible6 خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان. Faic an caibideil |
پر اي خداوند! انهيءَ سبب هنن خلاف تنهنجي ڪاوڙ مون ۾ ايتري تہ ڀرجي ويئي آهي، جو هاڻ آءٌ انهيءَ ڪاوڙ کي وڌيڪ روڪي نہ ٿو سگھان.“ تنهن تي خداوند مون کي فرمايو تہ ”وڃي گھٽين ۾ گڏ ٿيل ٻارن، ۽ جوان ماڻهن جي مجلسن تي اُها اُٽلاءِ، مرد توڙي عورتون، پوڙها توڙي عمررسيدہ، سڀ انهيءَ ۾ ڦاسي پوندا، ڪوبہ انهيءَ کان بچي نہ سگھندو.
تنهنڪري ياد رکو، آءٌ اوهان تي پنهنجو هٿ کڻي اوهان کي دشمنن جي حوالي ڪندس، جيڪي اوهان کي لٽيندا ڦريندا. آءٌ اوهان کي پوريءَ طرح برباد ڪري ڇڏيندس، ايتري قدر جو اڳتي اوهين ڪا قوم نہ رهندا، نڪي وري اوهان جو پنهنجو ڪو ملڪ ئي رهندو. هائو، آءٌ اوهان کي ناس ڪري ڇڏيندس، تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو سڀ ڪجھہ مون خداوند ئي ڪيو آهي.‘“