Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:18 - Muslim Sindhi Bible

18 ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 ڇا جي ڪري منهنجو درد مدامي آهي، ۽ منهنجو زخم ڇٽڻ جهڙو نہ آهي، ۽ علاج کان انڪار ٿو ڪري؟ تحقيق تون منهنجي لاءِ دغا ڏيندڙ نهر وانگي ٿيندين ڇا جنهن جي پاڻيءَ تي ڀروسو ڪونهي؟

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:18
15 Iomraidhean Croise  

جيئن ڪا ڍنڍ، جنهن جو پاڻي ختم ٿيو وڃي، ۽ يا ڪا ندي، جيڪا لهي سڪي ٿي وڃي،


جيتوڻيڪ آءٌ حق تي آهيان، تڏهن بہ ڪوڙو ليکيو وڃان ٿو. جيتوڻيڪ آءٌ بي‌قصور آهيان، تڏهن بہ مون کي موتمار زخم ڏنا ويا آهن.‘


منهنجي جان بہ بلڪل بي‌چين ٿي ويئي آهي. سو اي خداوند! منهنجي مدد ڪرڻ واسطي تون مون کي ڪيستائين ترسائيندين؟


يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.


امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.


آءٌ پيدا ئي ڇو ٿيس جو تڪليفون ۽ ڏک ڏسان، ۽ منهنجي حياتيءَ جا سڀيئي ڏينهن خواريءَ ۾ گذرن.


اي خداوند! تو پنهنجو فرمان ٻڌائڻ جي مون کي ترغيب ڏني، جيڪا مون مڃي. تون مون کان طاقتور هئين، سو مون تي غالب ٿئين. هاڻ سڄو ڏينهن مون تي کل ٺٺولي ٿئي ٿي، هر ڪو مون تي چٿرون ٿو ڪري.


خداوند پنهنجي قوم کي وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”اوهان جو زخم لاعلاج آهي، اوهان جو ڦٽ ڇٽڻ محال آهي.


اوهين پنهنجي انهن زخمن تي ڇو ٿا روئو رڙو، جيڪي ڇٽي ئي نہ ٿا سگھن؟ اوهان جي وڏي بدڪاريءَ ۽ بي‌شمار گناهن جي ڪري ئي مون اوهان سان ائين ڪيو آهي.


هاڻي اي يهوداہ وارؤ! اوهين مورست‌جات شهر کي الوداع چئي هليا ويندا. اسرائيل جا بادشاهہ اڪزيب شهر وارن جي مدد کان مايوس ٿي ويندا.


سامريہ جا زخم لاعلاج آهن، ۽ ساڳي ئي حالت يهوداہ سان بہ ٿيڻي آهي. بيشڪ بربادي منهنجي قوم جي واپاري مرڪز مٿان اچي پهچڻ واري آهي، هائو، يروشلم مٿان ڪڙڪڻ واري آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan