Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:14 - Muslim Sindhi Bible

14 بلڪ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جو غلام بڻائي هڪڙي اهڙي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن بابت هو ڪجھہ نہ ٿا ڄاڻن. منهنجي ڪاوڙ اهڙي باهہ مثل آهي، جيڪا هرگز نہ وسامندي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

14 ۽ آءٌ انهن کي تنهنجي دشمنن وٽ انهي ملڪ ۾ موڪليندس، جنهن جي توکي خبر ڪانهي؛ ڇالاءِ جو منهنجي ڪاوڙ جي باهہ اوهان تي ٻري آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:14
18 Iomraidhean Croise  

تون پنهنجي غصي وقت کين ائين ساڙي وجھندين، جيئن ٻرندڙ تنور ۾ ساڙيو وڃي. اهو خداوند جو ئي غصو آهي جيڪو کين ڳهي ويندو. هائو، اهو باهہ جو شعلو بڻجي کين ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندو.


تنهنڪري هن پنهنجي غضب جو جوش، ۽ جنگ جو زور اسان تي نازل ڪيو. خدا جي غضب اسان جي پوري بني اسرائيل قوم کي باهہ وانگر ساڙي ڇڏيو. تنهن هوندي بہ اسان اهو بلڪل نہ ڄاتو تہ اهو ڇا ٿي رهيو آهي. هائو، باهہ اسان کي ساڙي ڇڏيو، پر اسين بلڪل نہ سڌريا سون.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


يهوداہ جي بادشاهہ منسي ولد حزقياہ جي يروشلم ۾ نهايت ڪڌن ڪمن ڪرڻ جي ڪري آءٌ کين اهي سزائون ڏيندس، جن کي ڏسي دنيا جي سڀني قومن کي هيبت وٺي ويندي.“


سو آءٌ اوهان کي هن ملڪ مان ڪڍي ڪنهن اهڙي ملڪ ۾ اڇلائيندس، جنهن بابت نہ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڪا ڄاڻ هئي نہ وري اوهين ئي ان بابت ڪجھہ ڄاڻو ٿا. اتي اوهين ڏينهن رات غير معبودن جي پوڄا ۾ لڳا رهندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان تي ڪابہ عنايت نہ ڪندس.‘“


اوهين پنهنجي انهيءَ بڇڙائيءَ جي ڪري اهو ملڪ وڃائي ويهندا، جيڪو مون اوهان کي ڏنو آهي. آءٌ اوهان کي هڪ اهڙي ملڪ ۾ اوهان جي دشمنن جو غلام بڻائيندس جنهن بابت اوهان کي ڪابہ ڄاڻ ڪانهي، ڇاڪاڻ تہ اوهان منهنجي ڪاوڙ کي ڀڙڪايو آهي، جيڪا هميشہ ڀڙڪندي رهندي.“


اي يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ وارؤ! اوهين مون خداوند سان پنهنجو ٻڌل عهد قائم رکو، ۽ پنهنجي دلين تان ڪٽ لاهي اڇلائي ڇڏيو. جيڪڏهن ائين نہ ڪندءُ، تہ پوءِ اوهان جن بڇڙن ڪمن جي ڪري منهنجي ڪاوڙ باهہ وانگر ڀڙڪو کائي اٿندي، ۽ اها اهڙي تہ ڀڙڪي اٿندي جو ڪوبہ ان کي وسائي نہ سگھندو.“


بابل جي بادشاهہ انهيءَ شهر ۾ هنن کي مارائي ڇڏيو. اهڙيءَ طرح يهوداہ وارا قيد ٿي پنهنجي ملڪ کان جلاوطن ڪيا ويا.


هائو، آءٌ خداوند جنهن جو نالو قادرِمطلق خدا آهي، سو چوان ٿو تہ آءٌ اوهان کي جلاوطن ڪري دمشق کان بہ پري تڙي ڇڏيندس.“


خداوند اوهان جي دشمنن کي اوهان مٿان فتح ڏيندو. اوهين هڪڙي رستي کان هنن تي حملو ڪندا ۽ ستن رستن کان انهن جي اڳيان وٺي ڀڄندا. دنيا جي سڀني قومن کي اهو ڏسي هيبت وٺي ويندي تہ اوهان سان ڇا ٿو ٿئي.


خداوند اوهان کي ۽ جيڪو بادشاهہ اوهين پنهنجي مٿان مقرر ڪندا، تنهن کي هڪڙي اهڙيءَ قوم ۾ وڃي پهچائيندو، جنهن کي اوهين يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو. اتي اوهين ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا.


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


اهي هي بہ ڏسندا تہ سڄي زمين گندرف ۽ شورو لڳي پيئي آهي ۽ اهڙي تہ سڙي ويئي آهي جو منجھس نڪي ڪجھہ پوکجي ٿو، نڪي ان مان پيداوار ٿئي ٿي، نڪو وري منجھس ڪو گاهہ ٿو اڀري. هو ڏسندا تہ اهو ملڪ سدوم، عموراہ، ادمہ ۽ ضبوئيم وانگر ويران ٿي ويو آهي، جن کي خداوند پنهنجي قهر ۽ غضب سان نابود ڪري ڇڏيو هو.


منهنجي غصي جي باهہ اهڙي ڀڙڪي اُٿي آهي، جو اوڙاهہ جي تري تائين اها ٻرندي ويندي. اها ڌرتيءَ کي سندس پيداوار سوڌو ڀسم ڪري ڇڏيندي، ۽ جبلن کي بنيادن سوڌو ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


ڇاڪاڻ تہ اسان جو خدا ساڙي رک ڪرڻ واري باهہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan