Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 15:11 - Muslim Sindhi Bible

11 تڏهن خداوند مون کي وراڻيو تہ ”يقيناً نيڪيءَ جي ڪمن لاءِ آءٌ تو کي قوت بخشيندس. جڏهن مصيبت ۽ تنگيءَ جو وقت ايندو تہ آءٌ تنهنجي مخالفن کان تنهنجي اڳيان نيزاريون ڪرائيندس،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

11 خداوند فرمايو تہ يقيناً آءٌ توکي چڱائيءَ جي لاءِ مضبوط ڪندس؛ يقيناً، آءٌ مصيبت ۽ تنگيءَ جي وقت دشمن کي تو وٽ عرض ڪرڻ لاءِ موڪليندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 15:11
15 Iomraidhean Croise  

پوءِ جن کين پنهنجي قبضي ۾ رکيو هو، خداوند تن سڀني جي دلين ۾ سندن واسطي قياس وڌو.


جنهن ڏينهن مون تو کي پڪاريو تو منهنجو عرض ٻڌو، ۽ مون کي طاقت بخشي منهنجي حوصلي کي وڌايو.


جڏهن انسان جون راهون خداوند کي پسند اچن ٿيون، تڏهن هو سندس دشمنن کي بہ دوست بڻايو ڇڏي.


خداوند حڪمرانن کي پنهنجي قابوءَ ۾ ٿو رکي، هو جيڏانهن چاهي ٿو، تيڏانهن پاڻيءَ جي واهين وانگر کين وهائي ٿو.


جيتوڻيڪ ڪو گنهگار کڻي ڏوهن مٿان ڏوهہ ڪندو رهي ۽ سندس عمر بہ وڏي ٿئي، تڏهن بہ آءٌ يقين سان چوان ٿو تہ ڀلو انهن جو ٿيندو جيڪي خدا کان ڊڄن ٿا ۽ سندس تعظيم ٿا ڪن.


تنهنڪري اوهين ڊڄو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان سان گڏ آهيان. اوهين خوف وچان گھٻرايو نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جو خدا آهيان. آءٌ اوهان کي طاقت عطا ڪندس ۽ اوهان جي مدد ڪندس. هائو، آءٌ اوهان جي پوري حفاظت ڪندس، ۽ اوهان کي بچائيندس.


”جيئن تہ بابل جي بادشاهہ نبوڪدنضر اسان تي حملو ڪيو آهي، سو مهرباني ڪري اسان جي باري ۾ خداوند کان دعا گھرو، تہ جيئن خداوند ماضيءَ وانگر اسان لاءِ ڪي معجزا ڪري تان‌تہ بابل جو بادشاهہ اسان جي پچر ڇڏي هليو وڃي.“


پوءِ بادشاهہ صدقياہ مون کي پنهنجي محل ۾ گھرائي ورتو جتي ڳجھيءَ طرح مون کان پڇيائين تہ ”خداوند وٽان ڪو پيغام آيو آهي يا نہ؟“ مون وراڻيو تہ ”هائو، تون بابل جي بادشاهہ جي هٿ ۾ ڏنو ويندين.“


تنهن هوندي بہ صدقياہ بادشاهہ يهوڪل ولد سلمياہ ۽ ڪاهن صفنياہ ولد معسياہ جي معرفت مون ڏانهن هي پيغام موڪليو تہ ”اسان جي قوم لاءِ خداوند اسان جي خدا کان دعا گھر.“


پوءِ صدقياہ بادشاهہ ماڻهو موڪلي مون يرمياہ کي خداوند جي گھر جي ٽئين دروازي وٽ پاڻ وٽ گھرايو. بادشاهہ مون کي چيو تہ ”آءٌ تو کان هڪڙي ڳالهہ پڇان ٿو، مون کان ڪجھہ بہ نہ لڪائجانءِ.“


مون يرمياہ وٽ آيا ۽ مون کي چيائون تہ ”اسان جو عرض آهي تہ اوهين مهرباني ڪري خداوند خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن کان هنن باقي بچيلن لاءِ دعا گھرو. اوهين پاڻ ڏسو ٿا تہ ڪڏهن تہ اسين گھڻا هئاسين پر هاڻ ٿورڙا وڃي بچيا آهيون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan