5 هرڻي ٻنيءَ ۾ ٻچو ڄڻي ٿي، پر گاهہ نہ هئڻ ڪري پنهنجي ٻچي کي بہ ڇڏي هلي وڃي ٿي.
5 هائو، ميدان ۾ هرڻي ٻچو ڄڻي ٿي ۽ انهي کي ڇڏي ڏئي ٿي، جو اُتي گاهہ ڪونهي.
اي نفتالي! تنهنجو اولاد ان آزاد هرڻ جيان ٿيندو، جيڪو ٺاهوڪا ٻچڙا ڄڻيندو رهي ٿو.
خداوند جو آواز اهڙو آهي، جو اهو شاهہبلوط وڻن کي مروٽيو ڇڏي. هو ٻيلن جا وڻ بہ پنن کان ٻُٽا ٿو ڪري ڇڏي. هن جي هيڪل ۾ هر ڪو واکاڻيندي چوي ٿو تہ ”خداوند عظيم آهي! خداوند عظيم آهي!“
سندن ملڪ ۾ ايتري تہ تباهي وَ بربادي آئي آهي جو نمريم جون نهرون بہ خشڪ ٿي ويون آهن، ۽ گاهہ ۽ ٻوٽا سڪي سڙي ويا آهن. ايتري قدر جو ساوڪ جو نالو نشان ئي نہ رهيو آهي.
اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.