Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 14:3 - Muslim Sindhi Bible

3 امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

3 ۽ انهن جا امير پنهنجا ملازم پاڻيءَ تي موڪلين ٿا: اهي کوهن تي اچن ٿا، پر پاڻي ڪونہ ٿا ڏسن: ۽ پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا وڃن: اُهي شرمندا ۽ لڄي آهن، ۽ پنهنجا مٿا ڍڪي ٿا ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 14:3
23 Iomraidhean Croise  

پر دائود زيتون جي ٽڪر واري چاڙهيءَ تي چڙهي ويو. هو مٿي چڙهندي روئندو ٿي ويو. ڏک وچان سندس مٿو ڍڪيل ۽ پير اگھاڙا هئا. جيڪي ماڻهو ساڻس گڏ هئا، تن جا بہ مٿا ڍڪيل هئا ۽ اهي بہ مٿي چڙهندي روئندا ٿي ويا.


جڏهن تہ بادشاهہ پنهنجو منهن ڍڪي رڙيون ڪري پئي چيو تہ ”او ابي‌سلوم منهنجا پٽ! هاءِ ابي‌سلوم منهنجا پٽ! او منهنجا پٽ!“


ٿوري وقت کان پوءِ اها برساتي نهر سڪي ويئي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن نہ پيو هو.


حزقياہ ڏانهن ڌيان نہ ڏيو. اشور جو شهنشاهہ اوهان کي چوي ٿو تہ ’پنهنجي شهر مان نڪري اچي مون وٽ پيش پئو. اوهان مان هر ڪنهن کي اها اجازت هوندي تہ هو ايستائين پنهنجي ئي انگورن جي ول مان انگور کائي، پنهنجي ئي انجير جي وڻ مان انجير کائي ۽ پنهنجي ئي کوهہ مان پاڻي پيئي،


بعد ۾ مردڪئي موٽي اچي شاهي قلعي جي دروازي وٽ ويٺو. پر هامان ڏک وچان پنهنجو منهن ڍڪي گھر هليو ويو.


پر اهي شرمندا ٿين ٿا، ڇاڪاڻ تہ هنن اميد ٿي رکي، اهي اتي پهچن ٿا تہ رڳو مايوسي ئي کين پلئِہ پوي ٿي.


شل تون منهنجي دشمنن کي ذلت ۽ خواريءَ سان ڍڪي ڇڏين! بلڪل ائين جيئن بدن مٿان چادر ڍڪبي آهي.


جيڪي منهنجي جان کي برباد ڪرڻ ٿا چاهين، سي سڀ شل خوار خراب ٿين ۽ منجھي پون! جيڪي مون کي نقصان پهچائڻ ٿا چاهين، شل سي ذليل وَ خوار ٿي پٺ ڏيئي ڀڄيو وڃن!


زمين سڪي ٺوٺ ٿي پيئي آهي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن ڪونهي پيو. نااميديءَ سببان هارين جا ڪنڌ جھڪيل آهن.


ڇو منهنجو ڏک سور ختم ئي نہ ٿو ٿئي هائو، منهنجي دل جو زخم سخت ۽ لاعلاج ڇو آهي؟ ڇا تون منهنجي لاءِ انهيءَ فريب ڏيندڙ نهر وانگر ٿيندين، جنهن وٽ آءٌ اڃ اجھائڻ لاءِ اچان، پر منجھس پاڻي ئي نہ ڏسان؟“


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


تون پنهنجي وطن مان بہ قيد ٿي نڪرندينءَ، ڇاڪاڻ تہ جن تي تنهنجو ڀروسو آهي تن کي مون خداوند رد ڪيو آهي. انهن کان تو کي ڪابہ مدد ڪانہ ملندي.“


پر اي خداوند! تون هڪڙي زورآور بهادر جيان مون سان گڏ آهين. تنهنڪري منهنجا ستائيندڙ ٿاٻڙجي پوندا، ۽ مون تي غالب نہ ايندا. هو ناڪام ٿيندا ۽ تمام گھڻو خوار خراب ٿيندا. هنن جي خواري هميشہ تائين رهندي ۽ ڪڏهن بہ نہ وساري ويندي.


اهو ئي سبب آهي جو مينهن جھلجي ويو آهي، ۽ بهار وارو وسڪارو بہ ناهي ٿيو. انهيءَ هوندي بہ تنهنجي چال چلت ڪڃريءَ جهڙي آهي، ۽ شرم وچان ٻڏي بہ نہ ٿي مرين.


گھڻيءَ اڃ سبب کير پياڪ ٻارڙن جي زبان سندن تارونءَ سان وڃي لڳي آهي. ننڍا ٻارڙا مانيءَ ڳڀي لاءِ پيا رڙن، پر ڪو مانيءَ جو ٽڪرو بہ سندن وات ۾ نہ ٿو وجھي.


ائين نہ ٿئي جو سندس ڄمڻ جي وقت وانگر آءٌ کيس بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيان، يا ائين نہ ٿئي جو آءٌ کيس بيابان جهڙو ويران ڪري ڇڏيان. هائو، آءٌ کيس ٺوٺ زمين جهڙو ڪري ڇڏيانس، ۽ پياسو ڪري ماريانس.


جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


دنيا جي قومن مان جيڪڏهن ڪابہ قوم قادر‌مطلق خداوند کي بادشاهہ مڃيندي سندس عبادت ڪرڻ لاءِ يروشلم ۾ نہ ايندي تہ پوءِ اها مِينهن کان محروم رهندي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan