Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 14:22 - Muslim Sindhi Bible

22 ڇا غير قومن جا بيڪار بت مينهن وسائي ٿا سگھن؟ ڇا آسمان پنهنجو پاڻ وسڪارو ڪري ٿا سگھن؟ هرگز نہ، اي خداوند! اسان جا خدا! ائين رڳو تون ئي ڪري سگھين ٿو. تنهنڪري اسان جي اميد تو ۾ ئي آهي، ڇاڪاڻ تہ اهو سڀ ڪجھہ رڳو تنهنجي وس ۾ آهي.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

22 غير قومن جي اجاين شين مان اهڙيون ڪي آهن ڇا جي مينهن پيدا ڪري سگهن؟ يا آسمان ڪي برسات آڻي سگهندا ڇا؟ اي خداوند! اسان جا خدا، تون اُهو ناهين ڇا؟ تنهن ڪري اسين تنهنجي خدمت ۾ اُميدوار رهنداسين؛ ڇالاءِ جو تو اهي سڀ شيون جوڙيون آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 14:22
39 Iomraidhean Croise  

الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’انهيءَ چاڏيءَ مان اٽو ڪين کٽندو، نڪي انهيءَ دنگيءَ مان تيل کٽندو، جيستائين اهو ڏينهن نہ اچي، جڏهن خداوند زمين تي مينهن وسائيندو.‘“


گھڻن ڏينهن کان پوءِ، خشڪ ساليءَ جي ٽئين سال، خداوند الياس کي چيو تہ ”وڃ، وڃي اخي‌اب بادشاهہ وٽ حاضر ٿيءُ. هاڻي آءٌ زمين تي مينهن وسائيندس.“


تہ تون عرش عظيم ۾ انهن جي ٻڌج. تون پنهنجي ٻانهن يعني بني اسرائيل قوم جو گناهہ معاف ڪج. تون کين سڌي راهہ تي هلڻ سيکارج ۽ جيڪو ملڪ تو پنهنجي قوم کي ورثو ڪري ڏنو آهي تنهن تي مينهن وسائج.


جڏهن هن برسات لاءِ قانون ٿي ٺاهيو، ۽ گجگوڙ ۽ وڄ لاءِ رستو مقرر ٿي ڪيائين،


هو زمين تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٻنين کي ريج ڏئي ٿو.


منهنجي توڪل خداوند تي آهي، انهيءَ جي واعدي تي مون کي پورو ڀروسو آهي.


ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


انهيءَ سبب جو هو آسمان کي ڪڪرن سان ڍڪي ٿو، ڌرتيءَ تي مينهن وسائي ٿو، ۽ ٽڪرن تي گاهہ اُڀاري ٿو.


آءٌ دل جي سچائيءَ سان تنهنجي تابعداري ٿو ڪريان، اي خداوند! مون کي تنهنجو ئي آسرو آهي، تہ تون مون کي بچائيندين.


بيشڪ، جن کي تو تي ڀروسو آهي، تن مان ڪوبہ شرمسار نہ ٿيندو، پر جيڪي ناحق دغا ٿا ڪن تن کي ئي ذليل وَ خوار ڪيو ويندو.


اوهين خداوند تي توڪل رکو، پختا ٿيو ۽ همت نہ هاريو. هائو، اوهين خداوند تي ئي پنهنجي توڪل رکو.


تڏهن بہ خداوند کي اهو انتظار آهي، تہ هو اوهان تي رحم ڪري. هائو، هو اوهان تي مهربان ٿيڻ لاءِ اُٿي کڙو ٿيندو. بيشڪ خداوند عادل آهي، ۽ جيڪي مٿس ڀروسو ڪن ٿا تن کي برڪتن سان نوازي ٿو.


خداوند اوهان جي ٻنين ۾ پوکيل ٻج کي پاڻي ڏيڻ لاءِ مينهن وسائيندو ۽ ٻنيءَ جي فصل مان اوهان کي عمدو ۽ جھجھو رزق عطا ڪندو. انهيءَ وقت اوهان جو چوپايو مال ڪشادين چراگاهن ۾ چرندو.


ڏسو، اهي سڀ غير معبود بيڪار آهن، ۽ ڪجھہ بہ نہ ٿا ڪري سگھن. اهي رڳو بي‌جان مورتيون آهن، جيڪي ڪين جهڙيون، بلڪ ڪجھہ بہ نہ آهن.“


خداوند پنهنجي قدرت سان زمين جوڙي آهي، هن پنهنجي حڪمت سان دنيا خلقي آهي، ۽ پنهنجي دانائيءَ سان آسمان تاڻي ڇڏيا اٿس.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان هو بادل اٿاري آڻي ٿو، مينهن سان گڏ هو وڄ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدام مان آنڌي اماڻي ٿو.


اهي مورتيون باطل ۽ ٺڳيءَ جو ٺاهہ آهن، جڏهن انهن جي سزا جو وقت ايندو تڏهن اُهي ناس ٿي وينديون.


انهيءَ ڪري جو انهن قومن جا مذهبي رسم وَ رواج باطل آهن. هو ٻيلي مان وڻ وڍين ٿا ۽ پوءِ ڪو ڪاريگر ان کي واهوليءَ سان گھڙي ڪا شڪل ٺاهي ٿو.


اي خداوند! تون منهنجي طاقت، منهنجو قلعو ۽ مصيبت جي وقت منهنجي پناهہ‌گاهہ آهين. تو وٽ ڌرتيءَ جي ڪنڊڪڙڇ کان قومون اينديون ۽ چونديون تہ ”اسان جي ابن ڏاڏن کي ورثي ۾ رڳو ڪوڙا معبود مليا، هائو، هنن کي بيڪار بت مليا جن کين ڪوبہ فائدو نہ ڏنو.


بني اسرائيل خداوند بابت ڪوڙ ڳالهايو آهي. چيو اٿائون تہ ”هو ڪجھہ بہ نہ ڪندو. اسان کي ڪوبہ نقصان نہ پهچندو. اسان ڪڏهن بہ جنگ يا ڏڪار نہ ڏسنداسين.


هائو، اوهان اهو ڪڏهن بہ نہ سوچيو آهي تہ اوهان کي مون خداوند اوهان جي خدا جو خوف رکڻ گھرجي، جيڪو سرءُ ۽ بهار ۾ پوري وقت تي مينهن وسايان ٿو ۽ هر سال لاباري جي مقرر موسم ڏيان ٿو.


هن جي هڪل تي آسمان جي مٿان واري پاڻيءَ ۾ گجگوڙ ٿئي ٿي. هو ڌرتيءَ جي ڇيڙن کان ڪڪر اٿاري ٿو. هو مينهن سان گڏ کِنوڻ موڪلي ٿو، ۽ پنهنجي گدامن مان هوا اُماڻي ٿو.


هوءَ پنهنجي عاشقن جي پٺيان لڳندي، پر کين پهچي ڪين سگھندي. هائو، هوءَ انهن کي ڳوليندي رهندي پر لهي نہ سگھندن. تڏهن هوءَ چوندي تہ ’آءٌ پنهنجي پهرئين مڙس ڏانهن موٽي وينديس، ڇو تہ هاڻي جي ڀيٽ ۾ منهنجي ان وقت واري حالت بهتر هئي.‘


اي صيئون جا رهاڪؤ! اوهين سرها ٿيو ۽ خوشيون ملهايو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا اوهان لاءِ گھڻو ڪجھہ ڪندس. آءٌ اوهان تي مندائتا مينهن وسائيندس. هائو، آءٌ اوهان جي لاءِ آڳاٽا توڙي پاڇاٽا مينهن هميشہ وانگر پوريءَ مند تي وسائيندس.


جڏهن اڃا فصل جي لهڻ ۾ ٽي مهينا پيا هئا، تہ مون اوهان کان مينهن کي بہ روڪي ڇڏيو. مون هڪ شهر تي تہ مينهن وسايو پئي پر ٻئي تي ڪين وسايم. هڪڙي ٻنيءَ تي تہ مينهن پيو، پر ٻي ٻني مينهن نہ پوڻ ڪري سُڪي ٺوٺ ٿي ويئي.


انهن سالارن جو طاقتور لشڪر اشوري قوم کي، بلڪ نمرود نالي سندن ملڪ کي شڪست ڏيندو. هائو، جڏهن اشوري اسان جي ملڪ ۾ اچي اسان جي سرحدن ۾ پير ڄمائيندا، تڏهن خداوند انهن کان اسان کي ڇڏائيندو.


باقي رهيس آءٌ، سو منهنجي توڪل خداوند تي آهي، هو ئي مون کي بچائيندو. هائو، آءٌ خدا ڏانهن پيو واجھائيندو رهندس، خدا جيڪو منهنجو معبود آهي سو منهنجي دعا ضرور ٻڌندو.


تہ جيئن اوهان جو پيءُ، جيڪو آسمان تي آهي تنهن جا اوهين ٻار ٿيو. هو چڱن توڙي بڇڙن تي پنهنجو سج هڪجهڙو اُڀاري ٿو ۽ سچارن توڙي بدڪارن ٻنهي تي هڪجهڙو مينهن وسائي ٿو.


خداوند اوهان جي لاءِ پنهنجين چڱين شين جي خزاني يعني آسمان کي کولي اوهان جي ملڪ ۾ مندائتو مينهن وسائيندو ۽ جن بہ ڪمن ۾ اوهين هٿ وجھندا، تن سڀني ۾ اوهان کي برڪت ڏيندو. اوهين گھڻين ئي قومن کي قرض ڏيندا پر پاڻ ڪنهن کان بہ قرض نہ کڻندا.


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan