Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 14:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”يهوداہ جا رهاڪو روڄ راڙو ڪن ٿا. خشڪ ساليءَ سبب سندن شهرن تي ويراني ڇانيل آهي. هو ڪارا ڪپڙا پهريو خاڪ تي پيا آهن ۽ يروشلم مان دانهون ٿيون اٿن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

2 يهوداہ ماتم ڪري ٿو ۽ انهن جون منڊيون ملول آهن، اهي ڪارن ڪپڙن ۾ زمين تي ويٺا آهن؛ ۽ يروشلم جي دانهن مٿي چڙهي وئي آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 14:2
30 Iomraidhean Croise  

ايتري تائين جو غريبن سان سندن بري سلوڪ سبب انهن جي دانهن خدا تائين وڃي پهتي، ۽ هن انهن ڏکويلن جو فرياد ٻڌي ورتو.


شال اسان جا ڍور ڍڳا ٿلها متارا هجن! شال اسان جي شهرن جي ڪوٽن ۾ ڪو ڏار نہ هجي، جو ڪو دشمن ٽپي اچي اسان جو ڪو ماڻهو قيد ڪري وڃي! نڪي وري اسان جي گھٽين ۾ ڪا دانهن ڪوڪ هجي.


تڏهن خدا سندن دانهون ٻڌي پنهنجي انهيءَ عهد کي ياد ڪيو، جيڪو هن ابراهيم، اسحاق ۽ يعقوب سان ٻڌو هو.


مون کي موآب وارن جي حال تي روئڻ ٿو اچي. ان جا ماڻهو ضغر شهر ۽ عجلت شليشياہ ڏانهن ڀڄي ويا آهن، جن مان ڪي لوحيت شهر جي چاڙهيءَ تي چڙهندي روئندا رڙندا پيا وڃن، ۽ ڪي وري حورونايم شهر جي رستي سان ويندي تباهيءَ تي روئندا دانهون ڪندا ٿا وڃن.


مئي نہ ملڻ جي ڪري ماڻهو گھٽين ۾ رڙندا وتندا. خوشيون هميشہ جي لاءِ موڪلائي وينديون، ۽ سرهائي ڌرتيءَ تان ئي گم ٿي ويندي.


ڌرتي سُڪي ٺوٺ ٿي ويندي، سو سڄي دنيا بيتاب ۽ ڏکي ٿي ويندي. هائو، دنيا جا زورآور اڳواڻ بہ زبون حال هوندا.


انگورن جون وليون سڪي سڙي وينديون، سو مئي اڻ‌لڀ ٿي ويندي. تڏهن جيڪي اڳ ۾ مئي پي خوشيون ڪندا هئا، سي سڀ هاڻي غمگين ٿي ويندا.


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


ٻنيون سڪي سڙي ويران ٿي ويون آهن، لبنان جا ٻيلا ڪومائجي سڪي ويا آهن. شارون جي سرسبز ماٿري بيابان بڻجي ويئي آهي، ۽ بسن جي علائقي ۽ ڪرمل جبل جي ٻيلن جا پن ڇڻي ويا آهن.


اهو محبوب قادرِمطلق خداوند آهي، ۽ سندس اهو انگورن وارو باغ بني اسرائيل آهي، جنهن جون وڻندڙ وليون بني يهوداہ آهن. خداوند انصاف جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي خونريزي ئي خونريزي آهي. هن حق سچ جي اميد رکي پر ڇا ڏسي تہ اتي مظلومن جي دانهن ۽ ڪوڪ آهي.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


هنن ان کي ويران ڪري ڇڏيو آهي، ويران ٿي اهو منهنجي اڳيان دانهون پيو ڪري. سڄو ملڪ بيابان بڻجي ويو آهي، پر ڪنهن کي بہ انهيءَ جي پرواهہ ڪانهي.


هيءَ زمين ڪيستائين سڪي سڙي پيئي هوندي ۽ سڄي ملڪ جي ساوڪ ڪومايل رهندي؟ منجھس رهندڙ بدڪارن جي ڪري پکي ۽ جانور بہ ناس ٿي ويا آهن. اهي بدڪار ائين بہ چون ٿا پيا تہ ”اسين جيڪي ڪجھہ ڪريون ٿا سو خدا نہ ٿو ڏسي.“


مٿن اوچتو ڪو لشڪر آڻي ڪڙڪاءِ، تہ سندن گھرن مان دانهون ۽ ڪوڪون ٻڌڻ ۾ اچن، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي ڦاسائڻ لاءِ هڪ کڏ کوٽي آهي، ۽ منهنجي راهن ۾ ڪوڙڪي اڏائي اٿن.


انهيءَ سبب ڌرتي ماتم ڪندي ۽ آسمان ڪاراٽجي ويندو. آءٌ اهو فيصلو ڪري چڪو آهيان ۽ پنهنجو ارادو نہ بدلائيندس.“


قومن ۾ هن جي خواري مشهور ٿي ويندي، ۽ دنيا هن جي روڄ راڙي سان ڀرجي ويندي. اي مصر وارؤ! اوهان جا جنگي جوڌا هڪٻئي مٿان ٿاٻڙجي ٿا ڪِرن.


منهنجي قوم کي ايذاءُ رسيو آهي، ڄڻ تہ آءٌ ايذايو ويو آهيان. آءٌ ڏکويل ٿي پيو آهيان ۽ منهنجي دل ٽٽي پيئي آهي.


خداوند پياري صيئون جي ڪوٽن کي ڪيرائڻ لاءِ پڪو ارادو ڪري ڇڏيو هو. هن انهن ڪوٽن جي مڪمل تباهيءَ لاءِ اهڙي رٿ رٿي، جو انهيءَ مطابق سڀيئي ٺُلهہ توڙي ڀتيون ڪري چٽ ٿي ويون.


صيئون جا دروازا بہ هيٺ ڪري ڌرتيءَ ۾ دٻجي ويا آهن، ۽ سندن تالا هڻڻ وارا گز ڀڄي ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويا آهن. صيئون جا سڀيئي رهنمائي ڪندڙ گم ٿي ويا آهن. بادشاهہ ۽ شهر جا امير غير قومن ۾ جلاوطن ڪيا ويا آهن، شريعت جي تعليم ڏيڻ لاءِ ڪوبہ ڪونهي، ۽ نبين کي خداوند جي طرفان ڪا رويا ڪا نہ ٿي ملي.


بک جي ساڙيندڙ باهہ سبب، اسان جي کل تئي جهڙي ڪاري ٿي ويئي آهي.


تنهنڪري هي سڄو ملڪ خشڪ بيابان بڻجي ويندو، ۽ ان ۾ رهندڙ هر ساهوارو، پوءِ اهو ماڻهو هجي توڙي پکي، جانور هجي توڙي کڻي سمنڊ جون مڇيون، سڀ مري کپي ويندا.“


ٻنيون ويران ٿي ويون آهن، بلڪ سڄو ملڪ تباهہ وَ برباد ٿي ويو آهي. هائو، اناج، انگور ۽ زيتون سڪي سڙي ويا آهن.


اي ڪڙميؤ! اوهين ڏاڍا غمگين ٿي وڃو، اي انگورن جا باغبانؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچايو، ڇاڪاڻ تہ ڪڻڪ، جَوَ، بلڪ ٻنيءَ جو هر فصل چٽ ٿي ويو آهي.


اوهين ملڪ جي اڳواڻن بلڪ سڀني رهاڪن کي خداوند پنهنجي خدا جي هيڪل وٽ گڏ ڪريو. سڀني کي خاص روزي رکڻ جي هدايت ڪريو، ۽ خداوند آڏو اوهين سڀيئي عاجزيءَ سان ٻاڏايو.


انهن جي آڏو خوف وچان ماڻهو ڏڪڻ لڳندا. هائو، انهن کي ڏسي ماڻهن جا منهن پيلا ٿي ويندا.


منهنجي حڪم سان ئي اوهان جي ملڪ ۾ خشڪ سالي آئي آهي. هائو، اوهان جي جبلن مان، پوک وارين ٻنين مان، انگورن ۽ زيتون جي باغن مان، زمين جي هر فصل ۽ پيداوار مان، انسانن توڙي جانورن مان، اوهان جي هر پورهئي مان، بلڪ هر شيءِ مان برڪت کسي ويئي آهي.‘“


تڏهن مون قادر‌مطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘


شهر وارا سڀيئي ماڻهو ڳوڙهين جي بيماريءَ ۾ وٺجي ويا ۽ ڪيترائي ماڻهو مرڻ لڳا. جيڪي اڃا بچيل هئا تن جون دانهون آسمان تائين ٿي پهتيون.


”سڀاڻي هن وقت ڌاري آءٌ بنيامين جي ملڪ مان هڪڙو ماڻهو تو ڏانهن موڪليندس. تون انهيءَ کي منهنجيءَ قوم بني اسرائيل جي مٿان اڳواڻ ٿيڻ لاءِ تيل سان مسح ڪجانءِ. هو منهنجيءَ قوم کي فلستين جي هٿان ڇڏائيندو، ڇاڪاڻ تہ مون پنهنجيءَ قوم تي آيل مصيبت ڏسندي سندن دانهن ٻڌي آهي.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan