Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 14:12 - Muslim Sindhi Bible

12 جيتوڻيڪ هو روزا رکندا تہ بہ آءٌ سندن دانهن نہ ٻڌندس. توڙي جو هو ساڙڻ واريون قربانيون ۽ اناج جون قربانيون پيش ڪندا تہ بہ آءٌ اهي کانئن قبول نہ ڪندس. اٽلندو آءٌ جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان کين ناس ڪري ڇڏيندس.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

12 جڏهن هو روزو رکندا تڏهن آءٌ هنن جي دانهن نہ ٻڌندس؛ ۽ جڏهن هو سوختني قرباني چاڙهيندا ۽ نذرانا پيش ڪندا، تڏهن آءٌ اُهي قبول نہ ڪندس: پر آءٌ انهن کي ترار سان، ۽ ڏڪار سان، ۽ وبا سان ماري کپائي ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 14:12
32 Iomraidhean Croise  

جڏهن مٿن ڪا مصيبت ايندي، تہ خدا ڪو سندن دانهن ٻڌندو ڇا؟


تڏهن اوهين مدد لاءِ مون کي پڪاريندا، پر آءٌ اوهان کي ڪو جواب ئي ڪونہ ڏينديس. اوهين هر هنڌ مون کي ڳوليندا وتندا، پر لهي ڪين سگھندا،


سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.


خداوند بدڪارن جي قربانين کان نفرت ٿو ڪري، خاص طور جڏهن اهي بدنيتيءَ سان پيش ڪيون وڃن.


جيڪو خدا جي شريعت جي نافرماني ٿو ڪري، تنهن جي دعائن گھرڻ کان خدا نفرت ٿو ڪري.


تڏهن بہ اهي ائين چوندا ٿا رهن تہ ’اسين ڇو روزا رکون، جڏهن تہ خداوند انهن تي ڪو ڌيان ئي نہ ٿو ڏئي؟ اسين ڇو پنهنجي جان کي ڏک ڏيون، جڏهن تہ هو انهيءَ جي خبر ئي نہ ٿو رکي؟‘“ خداوند کين ورندي ڏيئي چوي ٿو تہ ”حقيقت هيءَ آهي جو پنهنجي روزي جي ڏينهن اوهين رڳو پنهنجو مطلب پورو ٿا ڪريو، ۽ پنهنجي نوڪرن کان سخت ڪم ٿا وٺو.


تنهنڪري هاڻ، آءٌ خداوند مٿن اهڙي مصيبت آڻيندس، جنهن کان هو بچي نہ سگھندا. توڙي جو هو دانهون ڪري مون کي پڪاريندا تہ بہ آءٌ سندن دانهون نہ ٻڌندس.


تنهنڪري، اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گھرجانءِ، ۽ نہ وري انهن جي لاءِ ميڙ منٿون ڪجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون کي پڪاريندا تڏهن آءٌ هنن جي ڪابہ نہ ٻڌندس.


پوءِ خداوند مون يرمياہ کي چيو تہ ”توڙي جو موسيٰ ۽ سموئيل بہ کڻي مون وٽ اچن، تہ بہ هن قوم ڏانهن منهنجي دل ڪين ورندي. سو تون هنن کي منهنجي اکين اڳيان ٽاري ڇڏ.


اهي موتمار بيمارين وگھي مرندا. هنن تي نہ تہ ڪو روئڻ پٽڻ وارو هوندو ۽ نہ وري کين ڪو دفن ڪرڻ وارو هوندو، بلڪ اهي زمين تي گند ڪچري وانگر پيا هوندا. هو جنگ ۽ ڏڪار سان ناس ٿي ويندا ۽ سندن لاش پکين ۽ جھنگلي جانورن جو کاڄ بڻبا.


آءٌ هن شهر جي گھڻن ئي رهاڪن کي وبا ۾ مبتلا ڪري ماري ڇڏيندس، پوءِ اهي ماڻهو هجن توڙي جانور.


آءٌ انهن کي جنگ، ڏڪار ۽ وبا سان سٽي وجھندس، تان جو جيڪو ملڪ مون هنن کي ۽ سندن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي تنهن مان هو مٽجي ويندا.“


ڏس، ڪيئن نہ يروشلم تي قبضي ڪرڻ لاءِ شهر جي ديوار سان لڳولڳ دِڪا ٺاهيا ويا آهن. جنگ، ڏڪار ۽ وبا هيٺ آيل شهر بابلين جي حوالي ڪيو ويندو، جيڪي مٿس حملو ڪري آيا آهن. جيئن تو چيو هو تيئن ٿيڻ وارو آهي، تون پاڻ ئي ڏسي سگھين ٿو.


مون کي ان لوبان جي ڪهڙي پرواهہ آهي جيڪو شبا ملڪ مان ٿو آندو وڃي، ۽ انهن مصالحن جي ڪهڙي پرواهہ اٿم، جيڪي منهنجي لاءِ ڏورانهن ملڪن مان آندا ٿا وڃن؟ هنن جا ساڙڻ وارا نذرانا قابلِ قبول ناهن، نہ ئي وري سندن جانورن جون قربانيون مون کي وڻن ٿيون.


خداوند وڌيڪ فرمائي ٿو تہ ”آءٌ پنهنجي قوم کي بلڪل چٽ ڪري ڇڏيندس. اهي انگور جي اهڙي ول جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انگور نہ بچيو هجي. اهي انجير جي اهڙي وڻ جيان ٿيندا، جنهن ۾ ڪو انجير نہ بچيو هجي ۽ جنهن جا پن بہ سڪي سڙي ويندا. جيڪي ڪجھہ مون کين ڏنو آهي، سو سڀ کانئن کسيو ويندو.“


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


يا فرض ڪر تہ آءٌ انهيءَ ملڪ ۾ وبا موڪليان ۽ خونريزيءَ وسيلي ملڪ تي پنهنجو قهر نازل ڪريان، انهيءَ لاءِ تہ انهيءَ ملڪ جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪري ڇڏيان.


سو هاڻ آءٌ خداوند چوان ٿو تہ آءٌ پنهنجيون اهي چار ئي وڏيون آفتون يعني جنگ، ڏڪار، خونخوار جھنگلي جانور ۽ وبا يروشلم تي نازل ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ اتي جي انسانن توڙي حيوانن کي ماري چٽ ڪريان ۽ پوءِ بني اسرائيل ملڪ جو حال ڪيڏو نہ وڌيڪ خراب هوندو!


تنهنڪري آءٌ بہ ساڻن قهر واري هلت ڪندس. آءٌ هنن سان هرگز درگذر نہ ڪندس، نڪي مٿن ڪو رحم ڪندس، بلڪ توڙي جو هو وڏيون رڙيون ڪري مون آڏو فرياد ڪندا تہ بہ آءٌ مٿن ڪو ڌيان ڪونہ ڏيندس.“


هو پنهنجي رڍن ٻڪرين ۽ ڍورن ڍڳن جون قربانيون ڪري، مون خداوند کي راضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا، پر آءٌ ساڻن راضي نہ ٿيندس، ڇاڪاڻ تہ مون کانئن منهن موڙي ڇڏيو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ اوهان جي عيدن کي مڪروہ ٿو ڄاڻان، ۽ مون کي انهن کان نفرت آهي. اوهان جي پاڪ گڏجاڻين مان مون کي حقارت ٿي اچي.


سو اي اڳواڻؤ! اهو وقت اچڻ وارو آهي، جڏهن اوهين خداوند آڏو مدد لاءِ ٻاڏائيندا، پر هو اوهان کي ڪو جواب نہ ڏيندو. اوهان جي بدڪارين جي ڪري هو اوهان کان منهن موڙي ڇڏيندو.


تڏهن مون قادر‌مطلق خداوند کين چيو تہ ’جڏهن مون اوهان کي سڏيو تہ اوهان نہ ٻڌو، سو جڏهن اوهان مون کي سڏيندا تہ آءٌ بہ اوهان جو سڏ نہ ورنائيندس.‘


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


ٻي ڳالهہ اوهين هيءَ بہ ٿا ڪريو جو قربان‌گاهہ وٽ ڏاڍو روئو رڙو ٿا ۽ آهون دانهون ٿا ڪريو، ڇاڪاڻ تہ خداوند اوهان جي نذرانن جو لحاظ نہ ٿو ڪري ۽ نہ ئي وري هو انهن مان راضي ٿو ٿئي.


تڏهن ڇا ڏسان تہ پيلي رنگ جو گھوڙو بيٺو آهي! انهيءَ جي سوار جو نالو موت آهي ۽ پاتال سندس پٺيان پئي آيو. موت ۽ پاتال کي اهو اختيار ڏنو ويو تہ اهي جنگ، ڏڪار، بيماريءَ ۽ وحشي جانورن جي وسيلي ڌرتيءَ جي چوٿين حصي جي ماڻهن کي ماري ڇڏين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan