Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

9 خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ انهيءَ وانگي آءٌ يهوداہ جي وڏائي ۽ يروشلم جي وڏي مغروري خراب ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:9
19 Iomraidhean Croise  

مغرورن کي تباهي وَ برباديءَ تائين پهچايو ويندو. هائو، هٺيلن کي ڪنڌ ڀر ڪيرايو ويندو.


اسان يهوداہ وارن موآب جي رهاڪن جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، اهي تمام مغرور ٿي ويا آهن. اسين سندن هٺ، تڪبر ۽ وڏائيءَ کان واقف آهيون. پر سندن ٻٽاڪون فضول آهن،


اهو منصوبو قادرِمطلق خداوند ئي رٿيو، انهيءَ لاءِ تہ هو انهيءَ شهر جي مغرورن جي شان وَ شوڪت کي چٽ ڪري ڇڏي، جيڪي سڄيءَ دنيا ۾ معزز سمجھيا ٿي ويا.


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ


شروعات مون يروشلم شهر ۽ يهوداہ جي ٻين شهرن، انهيءَ جي بادشاهن ۽ عملدارن کان ڪئي، تان‌تہ اهي شهر ويران ٿي حيرت، ڪراهت ۽ لعنت جو سبب بڻجن، جيئن اهي اڄوڪي ڏينهن آهن.


اسان اوهان جي مغروريءَ بابت ٻڌو آهي، تہ اوهين ڏاڍا مغرور ٿي ويا آهيو. هائو، اسان اوهان جي وڏائيءَ، مغروريءَ، گستاخيءَ ۽ اوهان جي دل جي هٺ بابت ٻڌو آهي.


اهي مغرور ۽ هٺيليون هيون ۽ اهڙا ڪم ڪنديون هيون جن کان مون کي نفرت هئي. تنهنڪري مون انهن کي تباهہ ڪري ڇڏيو، جنهن بابت تون چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿي.


ڇا تون اڳي پنهنجي مغروريءَ وارن ڏينهن ۾ پنهنجي ڀيڻ سدوم جي وسنديءَ جي خواريءَ جو ذڪر ٽوڪ طور نہ ڪندي هئينءَ؟


آءٌ اوهان جو شهزوريءَ وارو هٺ ڀڃي ڇڏيندس ۽ اوهان جي لاءِ آسمان کي پتل جهڙو ۽ زمين کي لوهہ جهڙو ڪري ڇڏيندس.


پر يقيناً خداوند بني اسرائيل جون رونقون اڳي وانگر وري بحال ڪندو، توڙي جو تباهي ڪندڙن کين ويران ڪري ڇڏيو آهي، ۽ سندن شاخون وڍي ڇڏيون آهن.


اي يروشلم وارؤ! انهيءَ ڏينهن اوهين ڪنهن بہ اهڙي ڪم جي ڪري، جنهن جي ڪرڻ سان اوهان منهنجا گنهگار بڻيا هوندا وري خوار خراب نہ ٿيندا، ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان جي شهر منجھان انهن سڀني کي تڙي ڪڍندس، جيڪي مغروريءَ وچان فخر ڪن ٿا. منهنجي پاڪ جبل صيئون تي وري ڪڏهن بہ مغروري ڏسڻ ۾ نہ ايندي.


آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ پهريون نہ، پر هي ٻيو ماڻهو سچار ٿي گھر موٽيو، ڇاڪاڻ تہ جيڪو پاڻ کي وڌ ٿو سمجھي سو گھٽ ڪيو ويندو ۽ جيڪو پاڻ کي گھٽ ٿو ڪري سو وڌايو ويندو.“


پر انهيءَ غيرتمنديءَ کان وڌيڪ خدا اسان تي فضل ٿو ڪري. انهيءَ ڪري ئي پاڪ ڪلام چوي ٿو تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


اهڙيءَ طرح اي جوانؤ! اوهان تي لازم آهي تہ اوهين اڳواڻن جي تابع رهو. اي ڪليسيائن وارؤ! اوهين سڀيئي هڪٻئي اڳيان نماڻائيءَ واري طبيعت سان پيش اچو، ڇاڪاڻ تہ پاڪ ڪلام ۾ لکيل آهي تہ ”خدا مغرورن جي مخالفت ٿو ڪري، پر نماڻن تي فضل ٿو ڪري.“


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan