Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:26 - Muslim Sindhi Bible

26 سو اي يروشلم جي وسندي! خداوند پاڻ تنهنجا ڪپڙا لاهيندو ۽ تنهنجو شرم اُگھاڙيندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

26 تنهن ڪري آءٌ بہ تنهنجي دامن تنهنجي ئي منهن تي کوليندس، ۽ تنهنجي اوگهڙ ظاهر ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:26
9 Iomraidhean Croise  

ماڻهو تنهنجي اوگھڙ ڏسندا. هائو، تنهنجي شرمندگي ڏسڻ ۾ ايندي. آءٌ بدلو وٺندس ۽ ڪوبہ مون کي روڪي نہ سگھندو.“


پوءِ جي تون پنهنجيءَ دل ۾ چوندينءَ تہ ”مون سان ائين ڇو ٿيو آهي؟“ تہ پوءِ ٻڌ، اهو سڀ ڪجھہ تنهنجي گناهن جي گھڻائيءَ ڪري آهي، جو ڪپڙا ڦاڙي تو کي اگھاڙو ڪيو ويو آهي، ۽ تو سان زوريءَ زنا ڪئي ويئي آهي.


پر آءٌ اوهان ادومين کي بلڪل اگھاڙو ڪري ڇڏيندس، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڳجھين پناهہ‌گاهن مان بہ ڪڍي ٻاهر ڪندس. اوهين پنهنجي مٽن مائٽن توڙي سڄي نسل سميت ناس ٿي ويندا. اوهان ۾ ڪو اهڙو رهندو ئي ڪين جيڪو ڪنهن ٻئي کي چئي سگھي تہ


يروشلم جي وسندي اگھاڙي ٿي پيئي آهي، ۽ اڳ جيڪي ماڻهو کيس عزت ڏيندا هئا سي هاڻي کيس ڌڪارين ٿا. سو اها هاڻ آهون ڀريندي رهي ٿي، ۽ پنهنجو منهن ڍڪي ٿي. اها انهيءَ ڪري خوار خراب ٿي آهي، ڇاڪاڻ تہ هن سخت گناهہ ڪيو آهي.


ڏس، انهيءَ جي بدلي آءٌ تنهنجا اهي سڀ يار جن تو سان مزا پئي ماڻيا، هائو، اهي سڀ جن کي تو پيار پئي ڪيو آهي ۽ اهي سڀ بہ جن کي تو پئي ڌڪاريو آهي، سي آڻي گڏ ڪندس. آءٌ انهن کي هر طرف کان آڻي تنهنجي خلاف گڏ ڪندس. هنن جي اڳيان آءٌ تنهنجي اوگھڙ ظاهر ڪندس، انهيءَ لاءِ تہ ڀلي تہ اهي تو کي پوريءَ طرح اگھاڙو ڏسن.


هو بہ تو سان نفرت وارو سلوڪ ڪندا ۽ تنهنجو محنت سان ڪمايل سمورو ڦل تو کان کسي ويندا. هو تو کي صفا اگھاڙو ڪري ڇڏي ويندا، تڏهن تنهنجي سخت بدڪاري، شهوت‌پرستي ۽ تنهنجيون زناڪاريون سڀني جي اڳيان ظاهر ٿي پونديون.


هاڻي آءٌ هن جي يارن آڏو کيس اگھاڙو ڪري خوار خراب ڪندس، ۽ ڪوبہ کيس منهنجي هٿان ڇڏائي نہ سگھندو.


آءٌ سندس اهي انگورن جا باغ، ۽ انجير جا وڻ برباد ڪري ڇڏيندس، جن بابت هن چيو آهي تہ ’هي منهنجي يارن جو ڏنل عيوضو آهن.‘ آءٌ انهن باغن کي جھنگ بڻائي ڇڏيندس، جن کي جھنگلي جانور برباد ڪري ڇڏيندا.


قادرِمطلق خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي نينواہ ڪڃري! آءٌ تنهنجي خلاف آهيان. آءٌ تنهنجو دامن تنهنجي ڳچيءَ تائين مٿي کڻي قومن کي تنهنجي اوگھڙ ۽ بادشاهتن کي تنهنجو شرم ڏيکاريندس.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan