Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:25 - Muslim Sindhi Bible

25 اهو ئي تنهنجي رهاڪن جو مقدر آهي، اهو ئي هنن جو حصو آهي، جيڪو مون سندن لاءِ مقرر ڪيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هنن مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ باطل معبودن تي ڀروسو ڪيو اٿائون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

25 خداوند ٿو فرمائي تہ اهو آهي تنهنجو حصو، تنهنجو ورثو، جو مون ماپي توکي ڏنو آهي؛ ڇالاءِ جو تو مون کي وساري ڇڏيو آهي، ۽ ڪوڙ تي ڀروسو رکيو اٿيئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:25
22 Iomraidhean Croise  

خدا جي طرفان شرير ماڻهن لاءِ اهو ئي حصو آهي، خدا سندن مقدر ۾ اهو ئي لکي ڇڏيو آهي.“


هو بڇڙن ماڻهن تي ٻرندڙ ٽانڊا ۽ گندرف وسائيندو، ۽ جھولي جي گرم هوا سندن مقدر بڻبي.


بيشڪ جيڪي بہ بدڪار آهن، تن جي مقدر ۾ رڳو قبر جي اونداهي لکيل آهي، يعني اهي سڀ قومون جن خداوند کي وساريو آهي.


خداوند فرمايو تہ ”اهو ڏينهن ايندو، جڏهن اسرائيل وارن جو شان وَ شوڪت ختم ڪيو ويندو، ۽ انهن جي خوشحالي مفلسيءَ ۾ بدلجي ويندي.


جيئن تہ اوهين ٻٽاڪون ٿا هڻو تہ اوهان موت سان ٺاهہ ڪري ڇڏيو آهي، ۽ پاتال سان عهد اقرار ڪري ڇڏيو اٿوَ، تنهنڪري جڏهن دشمن لشڪر سزا واري طوفاني ٻوڏ جيان ايندو، تہ اهو اوهان تائين نہ پهچندو. ائين ڪرڻ سان اوهان ڪوڙ کي پنهنجي پناهہ‌گاهہ بڻايو آهي، ۽ دغا جي آڙ ۾ لڪي ويٺا آهيو.


اهو خداوند ئي آهي، جنهن انهن زندہ مخلوقات کي علائقا ورهائي ڏنا آهن، ۽ هر ڪنهن کي سندس حصو عطا ڪيو اٿس. اهي پيڙهي بہ پيڙهي اتي رهندا، ۽ اهو علائقو هميشہ جي لاءِ انهن جو رهندو.


هائو، آءٌ خود سندن بدڪارين، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جو بدلو گڏي ڏيندس. هنن سڀني جبل وارين غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾ سندن لاءِ قربانيون پيش ٿي ڪيون، ۽ ٽڪرين تي منهنجي خلاف بڪواس پئي ڪئي. سو آءٌ هنن کي سندن ڪيل ڪمن مطابق سزا ڏيندس.“


اهو ڏسندي هر بت‌پرست ماڻهو بي‌سمجھہ ۽ اڻ‌ڄاڻ ثابت ٿئي ٿو. هر سونارو پنهنجي اُڪريل مورت مان نااميد ٿئي ٿو، ڇو تہ سندس اُڪريل مورتيون دوکو آهن، منجھن ساهہ ئي ڪونهي.


تنهن هوندي بہ منهنجي قوم مون کي وساري ڇڏيو آهي. هو بيڪار بتن جي اڳيان قربانيون پيش ٿا ڪن. هو منهنجي اصلي واٽ کان گمراهہ ٿي ويا آهن ۽ بتن جي پوڄا ڪندي پنهنجي لاءِ سوڙهن ۽ ڪچن رستن کي چونڊيو اٿائون.


انهيءَ سبب جو منهنجي قوم ٻہ گناهہ ڪيا آهن: هڪ تہ هو زندگيءَ جي چشمي يعني مون کان ڦري ويا آهن، ٻيو پنهنجي لاءِ ڀڳل حوض ٺاهيا اٿائون، جن ۾ پاڻي ڪونہ ٿو ٽِڪي سگھي.“


ڀلا ڪا ڪنواري پنهنجا زيور يا ڪا ڪنوار پنهنجي سهاڳ جو جوڙو وساري ڇڏيندي آهي؟ پر منهنجي قوم بي‌شمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


جيئن تہ بني اسرائيل پنهنجي رستي کان هٽي ويا آهن، ۽ خداوند پنهنجي خدا کي وساري ڇڏيو اٿن، سو سندن روئڻ ۽ منٿن ڪرڻ جو آواز پهاڙن تائين ٻڌڻ ۾ اچي ٿو.


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


اوهان جا عملدار رشوت وٺي ناانصافيءَ وارو فيصلو ٿا ڪن. اوهان جا ڪاهن پئسن جي لالچ ۾ شريعت جي تعليم ٿا ڏين، ۽ اوهان جا نبي سڏائيندڙ دولت وٺي اڳڪٿيون ٿا ڪن. انهيءَ هوندي بہ اوهين دعويٰ ٿا ڪريو تہ ”خداوند اسان سان گڏ آهي، سو اسان تي ڪا آفت ڪا نہ ايندي.“


انهيءَ شهر جا رهاڪو خداوند جو فرمان ڪونہ ٿا ٻڌن، نہ ڪو سڌارو ئي قبول ڪن ٿا. هو خداوند تي ڀروسو ڪونہ ٿا رکن، نڪي هو پنهنجي خدا جي ويجھو ئي اچن ٿا.


پوءِ تہ سندس مالڪ اچي کيس چهبڪن سان خوب مار ڏيندو ۽ رياڪارن ۾ شمار ڪري ڪڍي ڇڏيندس. تڏهن هو روئندو رڙندو ۽ پنهنجي حال تي ڏند ڪرٽيندو.“


انهن خدا جي سچائيءَ کي ڇڏي ڪوڙ کي قبول ڪيو ۽ خدا جي خلقيل شين کي عزت ڏيئي انهن جي پوڄا ڪئي. هائو، خالق کي ڇڏي ڏنائون، جنهن جي واکاڻ شل هميشہ ٿيندي رهي. آمين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan