Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:24 - Muslim Sindhi Bible

24 خداوند ٿو فرمائي تہ ”آءٌ تنهنجي رهاڪن کي ان بُهہ وانگر ٽيڙي پکيڙي ڇڏيندس، جيڪو بيابان جي هوا سان اڏامي ڪڻو ڪڻو ٿي ويندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

24 تنهن ڪري آءٌ انهي کي ائين پکيڙي ڇڏيندس جيئن بيابان جي واءُ ۾ بهہ اُڏامي ويندو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:24
19 Iomraidhean Croise  

پر بڇڙن جي حالت اهڙي ناهي، اهي بُهہ وانگر آهن جنهن کي واءُ اُڏائي کنيو وڃي.


هائو، غير قومون پاڻيءَ جي وڏي وهڪري وانگر ڌوڪينديون ٿيون اچن. پر خدا انهن تي عتاب نازل ڪندو، ۽ اهي ڀڄي وينديون. هائو، اهي ڄڻ تيز هوا جي اڳيان جبلن جي مٽيءَ وانگر، ۽ طوفاني واچوڙي جي اڳيان بُهہ وانگر اڏامي ويندا.


اوهين انهن کي ڳاهي وائريندا، ۽ طوفاني هوا انهن کي اُڏائي ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندي، پوءِ اوهين مون خداوند جي واکاڻ ڪندي خوشيون ڪندا. هائو، مون بني اسرائيل جي پاڪ معبود جي اوهين تعريف ڪندا.


سو جڏهن دشمن مٿن حملو ڪندا تہ آءٌ کين ائين پکيڙي ڇڏيندس، جيئن تيز هوا مٽيءَ کي پکيڙي ڇڏيندي آهي. سندن انهيءَ مصيبت جي ڏينهن آءٌ هنن کان منهن ڦيري ڇڏيندس.“


آءٌ کين اهڙين قومن منجھہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، جن کان نہ هو ۽ نہ ئي وري سندن ابا ڏاڏا واقف هئا. آءٌ سندن پٺيان لشڪر موڪليندس جيڪي تلوار سان کين ناس ڪري ڇڏيندا.“


پروردگار منهنجي سڀني بهادر سپاهين کان منهن موڙي ڇڏيو آهي، ۽ منهنجي انهن جنگي جوڌن کي چِٿڻ لاءِ هڪڙو وڏو لشڪر موڪليو اٿس. آءٌ يهوداہ جي پياري ۾ پياري وسندي هئس، پر ڌڻيءَ مون کي ائين لتاڙي ڇڏيو آهي، جيئن چيچڙي ۾ انگورن کي لتاڙبو آهي.


هن جا بهترين سپاهي جنگ ۾ مارجي ويندا ۽ باقي بچي ويل چئني طرفن ڏانهن ٽڙي پکڙي ڀڄي ويندا. تڏهن اوهين ڄاڻي وٺندا تہ اهو مون خداوند جو ئي فرمان آهي.‘“


باقي بچيل يروشلم وارن جو ٽن مان هڪ حصو شهر ۾ وبا ۽ ڏڪار سبب مري کپي ويندو، ٻيو حصو شهر جي ٻاهران تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ باقي ٽئين حصي کي آءٌ چئني پاسن ڏانهن ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس، ۽ تلوار کڻي انهن جو پيڇو ڪندس.


انهن جو پهريون حصو گھيري جي انهن ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ سر تي نڪتل شهر جي نقشي جي وچ ۾ باهہ سان ساڙي ڇڏ. ٻيو حصو کڻي شهر جي چوڌاري هيڏي هوڏي پکيڙي انهن وارن کي تلوار سان ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏ. وارن جي آخري ٽئين حصي کي تون هوا ۾ پکيڙي ڇڏ، تن وارن يعني ماڻهن جو آءٌ تلوار کڻي پيڇو ڪندس.


تنهن هوندي بہ آءٌ انهن مان ڪجھہ ماڻهن کي قتل ٿيڻ کان بچائيندس ۽ کين ٻين قومن ۽ ملڪن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندس،


تنهنڪري هو صبح جي ڪڪر جيان گم ٿي ويندا، يا جيئن صبح ٿيڻ سان ماڪ گم ٿي ويندي آهي. اهي ائين کڄي ويندا جيئن واچوڙو ڳاهہ جي پِڙ تان بُهہ اڏائي کڻي ويندو آهي، يا هو دونهين مثل جلدي ختم ٿي ويندا.


آءٌ اوهان کي غير قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندس ۽ پنهنجي تلوار ڪڍي اوهان جو پيڇو ڪندس. تڏهن اوهان جو ملڪ ويران ٿي ويندو ۽ شهر کنڊرات بڻجي ويندا.


انهيءَ کان اڳ جو خدا جو سخت قهر اوهان کي اچي وڪوڙي، ۽ اوهان کي بُهہ وانگر اڏائي ڇڏي. هائو، انهيءَ کان اڳ جو خداوند جي غضب جو اهو ڏينهن اوهان تي اچي ڪڙڪي.


انهن مان ڪن کي تلوار سان قتل ڪيو ويندو ۽ ڪن کي قيد ڪري ٻين قومن ۾ وٺي ويندا. جيستائين غير قومن جو مدو پورو نہ ٿيندو، تيستائين اهي يروشلم کي لتاڙينديون رهنديون.“


خداوند اوهان کي ڌرتيءَ جي هڪڙي ڇيڙي کان وٺي ٻئي ڇيڙي تائين سڀني قومن ۾ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيندو. اُتي اوهين انهن ڪاٺيءَ ۽ پٿر جي ڌارين معبودن جي پوڄا ڪندا، جن کي اوهان يا اوهان جي ابن ڏاڏن بہ ڪين ٿي ڄاتو.


مون سوچيو هو تہ آءٌ کين اهڙو تہ ڪڻو ڪڻو ڪري ڇڏيان، جو بني بشر مان سندن نالو نشان ئي مٽجي وڃي.


خداوند اوهان کي قومن ۾ ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيندو ۽ جن قومن ۾ هو اوهان کي وٺي ويندو، تن ۾ اوهان جو باقي بچيل تعداد گھٽ ٿي ويندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan