2 سو مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو پوتڙو خريد ڪري پنهنجي چيلهہ سان ٻڌي ڇڏيو.
2 تڏهن مون خداوند جي حڪم موجب هڪڙو ڪمربند خريد ڪري چيلهہ سان ٻڌو.
اوهين دل وَ جان سان خداوند تي توڪل رکو ۽ رڳو پنهنجي سمجھہ تي نہ ڀاڙيو.
انهيءَ کان ٽي سال اڳ ۾ خداوند يسعياہ ولد آموص کي فرمايو هو تہ ”اي يسعياہ! جتيءَ سميت پنهنجي بدن تان هر شيءِ لاهي ڇڏ.“ يسعياہ ائين ئي ڪيو ۽ ٽن سالن تائين بلڪل اگھاڙو گھمندو ڦرندو رهيو.
پوءِ ٻيو ڀيرو خداوند مون کي فرمايو تہ
پر اي آدمزاد! جيڪي آءٌ تو کي چوان ٿو، سو تون ٻڌ. تون هنن باغين وانگر باغي نہ ٿيءُ، بلڪ پنهنجو وات کول ۽ جيڪي آءٌ تو کي ڏيان ٿو سو تون کاءُ.“
يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي.
جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.