Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:18 - Muslim Sindhi Bible

18 خداوند مون کي فرمايو تہ ”تون يهوداہ جي بادشاهہ ۽ سندس والدہ راڻيءَ کي چئُہ تہ ’پنهنجي پنهنجي تخت تان هيٺ لهو، ڇو تہ اوهان جو شان وَ شوڪت وارو تاج اوهان جي مٿي تان لاٿو وڃي ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

18 تون بادشاهہ کي ۽ ملڪہ والدہ کي چئُہ، تہ اوهين پاڻ کي نماڻو ڪريو ۽ هيٺ لهي ويهو. ڇالاءِ جو اوهان جي مٿي جا ڇٽ، يعني اوهان جي وڏائيءَ جو تاج، هيٺ لهي آيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:18
30 Iomraidhean Croise  

تڏهن يهوداہ جو بادشاهہ يهوياڪين، سندس ماءُ، سندس خدمتگار، سندس سپهہ‌سالار ۽ سندس عملدار سڀ نڪري اچي نبوڪدنضر جي آڏو پيش پيا. بابل جي بادشاهہ پنهنجي بادشاهيءَ جي اٺين سال يهوداہ جي بادشاهہ کي قيدي بڻائي وٺي ويو.


نبوڪدنضر يهوياڪين کي قيدي بڻائي بابل ڏانهن وٺي ويو. هو بادشاهہ يهوياڪين جي ماءُ، سندس زالن، سندس عملدارن ۽ ملڪ جي سڀني مکيہ ماڻهن کي پڻ قيدي بڻائي وٺي ويو.


هن مصيبت ۾ پوڻ کان پوءِ منسيءَ پنهنجي ابن ڏاڏن جي خدا جي آڏو عاجزي ڪئي ۽ کانئس مدد گھريائين.


هن جي دعا ۽ سندس دعا جو قبول ٿيڻ، سندس توبهہ‌تائب ٿيڻ کان اڳ ڪيل سڀ گناهہ ۽ نافرمانيون، ۽ هن جا مختلف هنڌن تي ٺهرايل غير معبودن جا پوڄا گھر، سندس يسيرہ ديويءَ جا ٿنڀا کوڙائڻ ۽ ٻين بتن کي ٺهرائڻ، سي سڀ ”غيبدانن جي تواريخ جو ڪتاب“ ۾ لکيل آهن.


هن پنهنجي پيءُ منسيءَ وانگر خداوند اڳيان عاجزي نہ ڪئي، بلڪ گناهن مٿان گناهہ ڪندو رهيو.


پوءِ موسيٰ ۽ هارون فرعون وٽ آيا ۽ چيائونس تہ ”خداوند عبرانين جو خدا فرمائي ٿو تہ ’ڪيستائين تون منهنجي آڏو عاجز ٿيڻ کان انڪار ڪندين؟ منهنجي قوم کي وڃڻ ڏي تہ اهي وڃي منهنجي عبادت ڪن.


اهڙيءَ طرح پڳ ۽ ٽوپيون سنهي سڻيءَ مان ۽ سنهي وٽيل سڻيءَ جي ڪپڙي مان سٿڻون ٺاهيائون.


انهيءَ سبب جو دولت هميشہ ساٿ نہ ٿي ڏئي، نڪي تخت وَ تاج ئي پيڙهين تائين قائم ٿو رهي.


تاج، ٻانهن جا زيور، ڪمربند، عطردانيون ۽ تعويذ،


شهر جا دروازا پنهنجي ويرانيءَ تي ڄڻ تہ روئندا رڙندا. هائو، يروشلم اهڙيءَ عورت وانگر ٿيندو، جيڪا اجڙي وڃي خاڪ ۾ ويٺي هجي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي بابل جي وسندي! تون جيڪا هڪ ڪنواري ڇوڪريءَ مثل آهين، ۽ ڪنهن تو کي هٿ بہ نہ لاتو آهي، سا هيٺ لهي مٽيءَ تي ويهہ. هائو، تون تخت تان لهي پٽ تي ويهہ، ڇاڪاڻ تہ آئيندہ تو کي نازڪ ۽ نازنين ڪنواري ڪڏهن بہ نہ سڏيو ويندو، بلڪ هاڻي تون غلام ٿيندينءَ.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”اي يهوداہ جا بادشاهہ يهوياڪين ولد يهويقيم! آءٌ جيئرو خداوند قسم کڻي چوان ٿو تہ جيتوڻيڪ تون منهنجي شاهي اختياريءَ جي نشان طور منڊيءَ مثل آهين تہ بہ آءٌ تو کي پنهنجي آڱر مان لاهي ڦٽو ٿو ڪريان.


تون ۽ تنهنجي ماءُ يهوداہ ۾ ڄاوا هئا، پر آءٌ اوهان ٻنهي کي ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ اڇلائي ٿو ڇڏيان، جتي اوهين مري کپي ويندا.


هي ان کان پوءِ جي ڳالهہ آهي جڏهن يهوياڪين بادشاهہ، سندس راڻي ماءُ، سندس درٻاري عملدار ۽ يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جا اڳواڻ ڪاريگرن ۽ رازن سميت يروشلم مان جلاوطن ڪيا ويا هئا.


جڏهن هنن اهي سڀ ڳالهيون ٻڌيون تڏهن خوف وچان هڪٻئي ڏانهن نهارڻ لڳا ۽ باروڪ کي چوڻ لڳا تہ ”اسين هي سڀ ڳالهيون ضرور بادشاهہ کي ٻڌائينداسين.“


پياري يروشلم جو سڄو شان وَ شوڪت، ماضيءَ جو قصو بڻجي چڪو آهي. انهيءَ جا اڳواڻ اهڙن هرڻن وانگر ٿي پيا آهن، جن لاءِ ڪوبہ چراگاهہ ڪونہ آهي. سو اهي بک وگھي ايتري قدر پاهہ ٿي پيا آهن، جو شڪارين کان توڙي جو هو جان بچائڻ لاءِ ڀڄڻ چاهين تہ بہ ڀڄي نہ ٿا سگھن.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


پياري يروشلم جا سڀيئي ماڻهو، پوڙها مرد توڙي نوجوان ڇوڪريون، ڌرتيءَ تي خاڪ ۾ ماٺ ڪيو ويٺا آهن. اهي پنهنجي مٿن ۾ مٽي ٿا وجھن، ۽ پنهنجي بدن تي کٿا ڍڪيا اٿائون. اهي ايترو تہ بي‌حال ٿي پيا آهن جو سندن مٿا وڃي زمين سان لڳا آهن.


اسان جي حڪمراني اسان کان کسي ويئي آهي. اسان جي اهڙي حالت اسان جي گناهن جي ئي ڪري ٿي آهي. ڪاش! اسان جي قوم گناهہ نہ ڪري ها.


تنهنجي نڪ ۾ نٿ وڌم ۽ تنهنجي ڪنن ۾ واليون پارايم ۽ تنهنجي مٿي تي هڪڙو سهڻو تاج رکيم.


آءٌ خداوند خدا تو کي حڪم ٿو ڏيان تہ تون هاڻي پنهنجي شاهي پڳ ۽ تاج لاهي ڇڏ، ڇاڪاڻ تہ هر شيءِ بدلجي ويندي. جيڪي پست آهن تن کي بلند ڪيو ويندو ۽ جيڪي بلند آهن تن کي پست ڪيو ويندو.


مئل جي لاءِ آهستگيءَ سان پيو آهون ڀرجانءِ، روڄ راڙو نہ ڪجانءِ، نڪي پنهنجي مٿي تان پٽڪو يا وري پيرن مان جتي لاهي ڇڏجانءِ، نڪي ڏک ظاهر ڪرڻ لاءِ پنهنجي چهري کي ڍڪجانءِ ۽ نہ وري روئڻ پٽڻ وارن جي کاڌي مان ڪجھہ کائجانءِ.“


اوهان جا پٽڪا اوهان جي مٿن تي ٻڌل هوندا ۽ اوهان جون جتيون اوهان جي پيرن ۾ هونديون. اوهين نہ روئندا، نڪي رڙندا، بلڪ اوهين پنهنجي بدڪارين جي ڪري ڳڻتيءَ ۾ پيا ڳرندا ۽ هڪٻئي ڏانهن نهاري آهون پيا ڀريندا.


پر جڏهن سندس دل تڪبر وچان سخت ٿي ويئي ۽ هو هٺيلو ٿي هلڻ لڳو، تڏهن کيس شاهي تخت تان لاٿو ويو ۽ سندس شان وَ شوڪت کانئس کسي ويئي.


نينواہ جي بادشاهہ بہ جڏهن انهيءَ اعلان بابت ٻڌو تہ هو پنهنجي تخت تان اُٿي کڙو ٿيو. هن پنهنجي شاهي پوشاڪ لاهي کٿو ڍڪيو ۽ خاڪ تي ويهي رهيو.


ڏسو، آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀ کان وڏو اُهو آهي جيڪو پاڻ کي هن ٻار وانگر نماڻو ۽ نهٺو ٿو ڪري


خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.


تنهنڪري خدا جي قدرت واري هٿ هيٺ پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي مناسب وقت تي سرفراز ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan