Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:17 - Muslim Sindhi Bible

17 پر جيڪڏهن اوهين نہ ٻڌندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان جي مغروريءَ جي ڪري لڪي لڪي روئندس. هائو، ان وقت منهنجيون اکيون زار وَ قطار روئنديون ۽ ڳوڙها ڳاڙينديون، جڏهن خداوند جي پياري قوم قيد ڪئي ويندي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

17 پر جي اوهين نہ ٻڌندا تہ منهنجو روح ڳجهيءَ طرح اوهان جي مغروريءَ جي ڪري رئندو؛ ۽ منهنجون اکيون زار زار رئنديون ۽ ڳوڙها وهائينديون، ڇالاءِ جو خداوند جو ڌڻ قيد ٿي ويو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:17
25 Iomraidhean Croise  

منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ ماڻهو تنهنجي شريعت تي عمل نہ ٿا ڪن.


اي بني اسرائيل جا ڌنار! تون جيڪو ڌڻ وانگر اسان جي رهبري ڪرين ٿو، ۽ پردار آسماني مخلوق تي تخت‌نشين آهين، اسان جو فرياد ڪن ڏيئي ٻڌ. اسان کي پنهنجو جلال ڏيکار.


پوءِ هنن گذريل وقت کي ياد ڪيو تہ خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي ڏينهن ۾ ڇا ڇا ٿيو هو. تڏهن چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اهو خداوند ڪٿي آهي، جنهن پنهنجي قوم کي اڳواڻن سميت سمنڊ مان بچائي ڪڍي آندو هو؟ اهو خداوند ڪٿي آهي، جنهن انهن تي پنهنجو پاڪ روح نازل ڪيو هو؟


خداوند مون کي حڪم ڏنو تہ آءٌ يهوداہ وارن بابت پنهنجي ڏک جو اظهار ڪريان تہ ”منهنجيون اکيون رات ڏينهن لڳاتار ڳوڙها ٿيون ڳاڙين، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم، جيڪا خداوند جي ڪنواري ڌيءَ مثل آهي، تنهن کي هڪ وڏو زخم، هڪ وڏي چوٽ رسي آهي.


آءٌ کل خوشيءَ وارين محفلن ۾ نہ ٿو وڃان، نڪي پنهنجو وقت تفريح ڪندي ٿو گذاريان. اٽلندو آءٌ تنهنجي ڏنل ذميوارين جي ڪري پنهنجي منهن ٿو گذاريان، ڇاڪاڻ تہ هن قوم تي تنهنجي ناراض هجڻ ڪري آءٌ بہ ساڻن ڏاڍو ڪاوڙيل آهيان.


پر اي خداوند! مون تہ ڪڏهن بہ تو تي زور نہ ڏنو آهي تہ ”تون هنن تي ڪا مصيبت آڻ.“ مون تہ ڪڏهن بہ هنن لاءِ مصيبت جي ڏينهن جي خواهش نہ ڪئي آهي. جيڪي منهنجي واتان نڪتو هو سو تون ڄاڻين ٿو.


پر جيڪڏهن اوهان انهن حڪمن کي نہ مڃيندا تہ پوءِ آءٌ خداوند پنهنجي ذات جو قسم کڻي چوان ٿو تہ هي محل ويران ٿي ويندو.“


خداوند، بني اسرائيل جو خدا پنهنجي قوم جي اڳواڻن، جيڪي ڌڻ جي ڌڻيءَ مثل آهن تن جي باري ۾ فرمائي ٿو تہ ”ويل آهي انهن اڳواڻن لاءِ! جيڪي منهنجي قوم کي تباهہ ۽ ڇڙوڇڙ ڪري ڌڪي ٿا ڪڍن ۽ انهن جي سار سنڀال نہ ٿا لهن. ائين هو جيڪا بڇڙائي ڪن ٿا، تنهن جي آءٌ کين سزا ڏيندس.


ڪاش! منهنجي اندر ۾ لڙڪن جو کوهہ هجي ها، ۽ منهنجيون اکيون ڳوڙهن جو چشمو هجن ها. انهيءَ لاءِ تہ آءٌ رات ڏينهن پنهنجي قوم جي ڪوس تي روئندو رهان ها.


اهو ئي سبب آهي جو آءٌ روئان رڙان پيئي ۽ منهنجي اکين مان ڳوڙها بس ئي نہ ٿا ڪن. ڪوبہ اهڙو ڪونهي جيڪو مون کي دلاسو ڏئي، نڪي وري ڪو همتائڻ وارو ئي آهي. دشمنن مون تي فتح حاصل ڪري منهنجي رهاڪن کي برباد ڪري ڇڏيو آهي.


اها هر رات زاروزار روئي ٿي، ۽ سندس ڳلن تان ڳوڙها وهندا ٿا رهن. هن جي ناجائز چاهڻ وارن مان ڪوبہ ناهي، جيڪو کيس دلاسو ڏئي. سندس سڀني دوستن ساڻس دغا ڪئي آهي، ۽ سندس دشمن ٿي پيا آهن.


جيتوڻيڪ سندس دامن گناهن جي گندگيءَ سان ڀريل هو، تڏهن بہ هن کي پنهنجي انجام بابت ڪو فڪر ڪونہ هو. پر هاڻ اها وسندي نهايت هيبتناڪ نموني سان هيٺ ڪيرائي ويئي آهي. کيس دلاسي ڏيڻ وارو ڪوبہ ڪونهي، توڙي جو هوءَ دانهون ڪري چوي ٿي تہ ”اي خداوند! آءٌ مصيبت ۾ آهيان، منهنجي مدد ڪر، ڇاڪاڻ تہ دشمن مون تي غالب پئجي ويا آهن.“


اي پياري صيئون جا ڪوٽ! تون پروردگار آڏو دل جي گھراين سان فرياد ڪر. رات ڏينهن تنهنجا لڙڪ نديءَ وانگر وهندا رهن. هائو، بنا رڪجڻ جي تنهنجي اکين مان لڙڪ سدائين وهندا رهن.


آءٌ وڌيڪ ٻاڏائيندي چوان ٿو تہ اي خداوند! منهنجي اکين مان پاڻيءَ جون نديون ٿيون وهن، ڇاڪاڻ تہ منهنجي قوم وارا تباهہ وَ برباد ٿي رهيا آهن.


”اي حزقي‌ايل، آدم جو اولاد! ڏس، آءٌ هڪڙي ڌڪ سان تنهنجي دل جي پياري تو کان کسي وٺندس، پر انهيءَ لاءِ نہ تون ڪو سوڳ ڪجانءِ ۽ نہ وري روئي ڳوڙها ڳاڙجانءِ.


هائو، اهي انسان ئي منهنجو ڌڻ آهن جن جي آءٌ سار سنڀال ٿو ڪريان ۽ آءٌ ئي سندن خدا آهيان. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


جيڪي شهر هاڻي ويران پيا آهن، سي ماڻهن سان ايترا تہ ڀرجي ويندا جيترو يروشلم شهر عيدن تي خداوند لاءِ مخصوص ڪيل رڍن سان ڀرجي ويندو هو. پوءِ اوهين ڄاڻي وٺندا تہ آءٌ ئي خداوند آهيان.“


خداوند کيس فرمايو تہ ”تون يروشلم جي سڄي شهر وچان لنگھي وڃ ۽ انهن ماڻهن جي پيشانيءَ تي نشان ڪر، جيڪي شهر ۾ ڪراهت جهڙن ڪمن ٿيڻ ڪري دانهون ڪن ٿا ۽ روئن رڙن ٿا.“


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


پوءِ سموئيل پنهنجي مرڻ گھڙيءَ تائين وري سائول سان ملڻ نہ ويو، تنهن هوندي بہ سائول لاءِ افسوس ڪندو رهيو. جڏهن تہ سائول کي بني اسرائيل تي بادشاهہ بڻائڻ ۾ خداوند کي رنج پهتو هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan