Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 13:16 - Muslim Sindhi Bible

16 اوهين خداوند پنهنجي خدا جي تعظيم ڪرڻ سکو، انهيءَ کان اڳ جو هو اونداهي آڻي ۽ اوهان جا پير اونداهين ٽڪرين تي ٿاٻڙجڻ لڳن. هائو، انهيءَ کان اڳ جو جڏهن اوهين روشنائيءَ جا منتظر هجو، تڏهن هو ان کي موت جي پاڇي ۾ بدلائي گھُگھُہ اونداهيءَ ۾ ڦيرائي ڇڏي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Sindhi Bible

16 خداوند پنهنجي خدا کي جلال ڏيو انهيءَ کان اڳي تہ هو اونداهي ڪري ۽ اوهان جا پير اوندهہ وارن جبلن تي آٿڙن؛ ۽ جڏهن اوهين روشنائيءَ لاءِ منتظر رهو تڏهن هو انهي کي ڦيرائي موت جو پاڇو ڪري، ۽ ڀڀ اونداهي ڪري وجهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 13:16
36 Iomraidhean Croise  

شال اوندهہ ۽ موت جو پاڇو اچي انهيءَ ڏينهن تي قبضو ڪري، شال مٿس اونداهيءَ وارو ڪڪر ڇانيل رهي. شال انهيءَ ڏينهن کي هيبتناڪ شيون اچي ڊيڄارين، هائو، اهي جيڪي ڏينهن کي اونداهو ٿيون ڪري ڇڏين.


اوهين، جن کي خداوند بچايو آهي، تن مان ڪي اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي ۾ ويٺا هئا. اهي لوهہ جي ٻيڙين ۾ ٻڌل هئا ۽ مصيبت ۾ ٿي گذاريائون.


هو کين اونداهيءَ ۽ موت جي پاڇي مان ڪڍي آيو، ۽ سندن قيد جي بندن کي ڀڃي ڇڏيائين.


خداوند جي نالي جي لائق اوهين سندس تعريف ڪريو. سندس شان وَ شوڪت ڏسي کيس سجدو ڪريو.


تڏهن بہ تو اسان کي بي‌وس بڻائي ويرانين ۾ ڇڏي ڏنو آهي، ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو اٿيئي.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”پنهنجو هٿ آسمان ڏانهن کڻ تہ مصر جي ملڪ تي اوندهہ ڇانئجي وڃي، اهڙي اوندهہ جو ماڻهو هٿوراڙيون هڻن.“


سو جيترن سالن تائين اوهين جيئرا رهو تہ خوشيون ملهائيندا رهو. پر ياد ڪجو تہ ڪڏهن نہ ڪڏهن موت جي اونداهي بہ اچڻي آهي جيڪا هن دنيا ۾ رهڻ جي مقابلي ۾ ڊگھي عرصي تائين هلندي. اهو سڀ ڪجھہ جيڪو مستقبل ۾ آهي سو بہ هڪ راز آهي.


جڏهن اهو ڏينهن ايندو، تڏهن اهي بني اسرائيل مٿان اهڙي گجگوڙ ڪندي اچي ڪڙڪندا، جيئن سمنڊ جي گجگوڙ هوندي آهي. ملڪ ۾ هر طرف رڳو اونداهي ۽ مصيبت ڏسڻ ۾ ايندي، ڇاڪاڻ تہ سندن قدمن سان اٿيل مٽيءَ جي ڪڪرن جي ڪري روشني بہ اونداهيءَ ۾ بدلجي ويندي.


اسين انڌن وانگر هٿوراڙيون ٿا هڻون. هائو، اسين ائين هٿوراڙيون ٿا هڻون، ڄڻ تہ اسان کي اکيون آهن ئي ڪونہ. اسين ٽاڪ منجھند جي روشنيءَ ۾ بہ ائين ٿاٻا ٿا کائون، جيئن رات جو اونداهيءَ ۾. اسين ڄڻڪ مئلن جي اونداهي دنيا ۾ پيا رهون.


تڏهن ماڻهن چيو تہ ”هاڻي اسان ڄاتو تہ اسان جي پنهنجي بڇڙائيءَ جي ڪري انصاف اسان کان پري آهي، ۽ اسان جن پنهنجن گناهن جي ڪري خدا اسان کي ظالمن هٿان نہ ٿو بچائي. اسين سوجھري لاءِ نهاريون پيا، پر ڇا ڏسون؟ رڳو اونداهي ئي اونداهي آهي. هائو، اسين روشنائيءَ لاءِ واجھايون پيا، پر گھُگھُہ اونداهي ئي اسان جو مقدر آهي.


ڏس، هيءَ ڌرتي ۽ ٻيون قومون اونداهيءَ سان ڍڪجي وينديون، مگر تو تي خداوند جو نور چمڪڻ لڳندو. سندس موجودگيءَ جي تجلي تو مٿان هوندي.


توڙي هيٺ زمين ڏانهن نهاريندا، پر کين هر طرف مصيبت، اونداهي ۽ ڏک جي پِيڙا ئي نظر ايندي. آخرڪار مصيبتن جي گھُگھُہ اونداهي مٿن اچي غالب پوندي.


يهوداہ وارا پڪاري چون ٿا تہ ”اي خداوند! ڇا تو يهوداہ کي بلڪل رد ڪري ڇڏيو آهي؟ ڇا تون صيئون کان نفرت ٿو ڪرين؟ ڇو تو اسان کي اهڙو زخم رسايو آهي جيڪو ڇٽي ئي نہ ٿو سگھي؟ اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي.


هنن کي تہ منهنجي يادگيري ئي ناهي رهي، توڙي جو مون کين مصر ملڪ مان ٻاهر ڪڍي آندو، بلڪ کين ويران بيابان مان پڻ ٻاهر وٺي آيس، يعني رڻ‌پٽ ۽ کڏن کوٻن جي علائقي مان ڪڍي آيس، هڪ اهڙي علائقي مان جيڪو خشڪ ۽ انڌيري وارو هو. اهو اهڙو علائقو هو جنهن مان نہ ڪو لنگھندو هو ۽ نہ وري منجھس ڪو رهندو هو.


انهيءَ ڪري آءٌ مٿن مصيبت آڻيندس. هائو، هنن جي سزا جو وقت اچي رهيو آهي. انهن جون راهون اونداهيون ۽ ترڪڻيون ٿي پونديون، کين اوڏانهن ڌڪيو ويندو جتي هو ڪري پوندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.


مون ڌرتيءَ ڏانهن نهاريو، ڇا ڏسان تہ اُها ويران ۽ سڃي لڳي پيئي آهي. آسمان ڏانهن نهاريم، ڇا ڏسان تہ ان ۾ ڪا روشني ئي ڪانهي.


منهنجي قوم ڀٽڪيل رڍن وانگر ٿي پيئي آهي. انهن جي ڌنارن کين گمراهہ ڪري ڇڏيو آهي، تہ جيئن هو جبلن تي ڀٽڪندا وتن. اهي جبلن ۽ ٽڪرين تي رلندا ٿا وتن ۽ کانئن پنهنجي آرام جي جاءِ جو رستو ئي وسري ويو آهي.


تنهنڪري آءٌ هن قوم جي اڳيان طرح طرح جون ٿاٻو ڏيندڙ شيون رکندس. انهن تي پيئر ۽ پٽ هڪجهڙو ٿاٻڙبا ۽ پاڙيسري ۽ دوست سڀ گڏ ناس ٿيندا. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.“


اسين سلامتيءَ جا طلبگار هئاسون، پر ڪا چڱائي ڪونهي ملي. اسين ڇٽي چڱا ڀلا ٿيڻ جا منتظر هئاسون، پر رڳو دهشت ئي دهشت آهي،


اسان اهڙيءَ قوم جو انتظار ڪندا رهياسين، جيڪا اسان جي ڪا مدد ڪري نہ ٿي سگھي. هائو، اسان جون اکيون انهن جي مدد لاءِ نهاري نهاري ٿڪجي پيون، پر انهن اسان جي ڪا مدد نہ ڪئي.


اهي پنهنجي همت بلڪل هاري ويهندا، ۽ خوف وچان ٿاٻڙجڻ لڳندا، ڇاڪاڻ تہ منهنجي ڪوس وجھندڙ تلوار سندن شهر جي هر دروازي تي وڄ جيان چمڪندي ۽ قتل ڪرڻ لاءِ تيار هوندي.


هائو، آءٌ بلڪل اهڙيءَ طرح سندن سار سنڀال لهندس جيئن ڪو ڌنار پنهنجي ٽڙي پکڙي ويل رڍن ٻڪرين کي وري آڻي گڏ ڪندو آهي. آءٌ پنهنجي رڍن ٻڪرين کي انهن سڀني جاين تان آڻي وري گڏ ڪندس، جن جاين ڏانهن اهي اونداهي ۽ مصيبت واري ڏينهن ڇڙوڇڙ ٿي ويون هيون.


اڳتي وري ڪڏهن بہ اوهان کي غير قومن جا طعنا سهڻا نہ پوندا، نڪي اوهان جي سر تي انهن جي ملامت پوندي. هائو، اوهان تي اڳتي وري ڪڏهن بہ منهنجي قوم جا ٻار نہ ماريا ويندا. اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.‘“


اهو ڏينهن اونداهيءَ ۽ انڌاري وارو هوندو، هائو، جھڙالو ۽ گھُگھُہ اونداهيءَ وارو ڏينهن. جيئن پرهہ ڦٽڻ مهل روشني جبلن تي پکڙجي ٿي، تيئن ئي انهيءَ ڏينهن هڪڙو وڏو ڪٽڪ پکڙجي ويندو. اهڙو طاقتور ڪٽڪ نہ اڳي ڪڏهن آيو آهي، ۽ نہ وري ڪيترين ئي پيڙهين تائين ڪڏهن ايندو. هائو، انهن کان ڪابہ شيءِ بچي نہ سگھندي.


ياد رکو! جيڪو جبلن جو جوڙيندڙ ۽ واءُ کي گھلائيندڙ آهي، جيڪو انسانن کي پنهنجي ارادي کان خبردار ڪري ٿو، جيڪو صبح جي سوجھري کي رات جي اونداهيءَ ۾ ٿو ڦيرائي، جنهن جي پيرن هيٺان سڄي ڌرتي آهي، انهيءَ جو ئي نالو خداوند قادرِمطلق خدا آهي.“


ويل آهي اوهان لاءِ! جيڪي خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو. اوهين ڇو خداوند جي ڏينهن جي خواهش ٿا ڪريو؟ اهو تہ اونداهيءَ جو ڏينهن آهي، نہ روشنيءَ جو.


تہ جيڪڏهن اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ڏيندا ۽ منهنجي نالي جي تعظيم جي پرواهہ نہ ڪندا، تہ پوءِ آءٌ اوهان تي لعنت موڪليندس ۽ اوهان کي جيڪي فضيلتون ڏنيون اٿم، تن تي بہ لعنت وجھندس. سچ پچ تہ مون اڳي ئي انهن تي لعنت وجھي ڇڏي آهي، ڇاڪاڻ تہ اوهين منهنجي ڳالهين تي ڌيان نہ ٿا ڏيو.


عيسيٰ کين چيو تہ ”اڃا ٿوري دير تائين روشني اوهان وٽ آهي ۽ جيستائين روشني اوهان وٽ آهي اوهين اڳتي هلندا رهو. ائين نہ ٿئي جو اونداهي اچي اوهان تي ڪڙڪي ۽ پوءِ اونداهيءَ ۾ هلندي اوهان کي خبر ئي نہ پوي تہ ڪيڏانهن وڃي رهيا آهيو.


تڏهن يشوع عڪن کي چيو تہ ”اي پٽ! خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي وڏائي بيان ڪر ۽ سندس اڳيان قبولدار ٿيءُ. جيڪي تو ڪيو آهي سو مون کي ٻڌاءِ، اهو مون کان نہ لڪاءِ.“


۽ ”اهو ٿاٻڙائڻ وارو پٿر، يعني ماڻهن لاءِ ٿاٻو کائڻ واري ڇپ ٿيو آهي.“ سو اهي ماڻهو خدا جي فرمان تي ايمان نہ آڻڻ سان ٿاٻڙجن ٿا ۽ انهيءَ جي لاءِ ئي اهي مقرر بہ ڪيا ويا آهن.


سو اوهين پنهنجي بيماريءَ وارين ڳوڙهين ۽ جيڪي ڪوئن اوهان جي فصل ۾ تباهي آندي آهي تن جا مجسما سون مان ٺاهجو. اهڙيءَ طرح اوهين بني اسرائيل جي خدا جي تعظيم ڪريو تہ من هو اوهان تان، اوهان جي معبودن تان ۽ اوهان جي ملڪ تان پنهنجو هٿ هلڪو ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan