15 اي بني اسرائيل! خداوند جو فرمان ٻڌو، هٺيلا نہ ٿيو، بلڪ انهيءَ تي عمل ڪريو.
15 اوهين ٻڌو ۽ ڪن ڏيو؛ مغرور نہ ٿيو؛ ڇالاءِ جو خداوند فرمايو آهي.
هر مغرور انسان کان خداوند کي نفرت آهي، يقيناً اهي سزا کان بچي نہ سگھندا.
خداوند فرمايو تہ ”اي زمين وَ آسمان! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. جنهن قوم کي مون خداوند پنهنجي ٻارن وانگر پالي وڏو ڪيو، سا مون کان باغي ٿي ويئي آهي.
تہ بہ ڇا اوهان ۾ ڪو اهڙو آهي، جيڪو انهيءَ تي ڌيان ڏئي ۽ ايندڙ وقت بابت غور سان ٻڌي؟
”انهيءَ پوتڙي وانگر آءٌ يروشلم وارن، بلڪ سڄي يهوداہ وارن جي وڏي مغروريءَ کي ناس ڪري ڇڏيندس.
رڳو ايتري پڪ ڄاڻجو تہ جيڪڏهن اوهين مون کي ماري وجھندءُ تہ اوهين پنهنجي ۽ يروشلم شهر جي سڀني رهاڪن جي سر تي هڪڙي بيگناهہ جو خون آڻيندءُ، ڇاڪاڻ تہ سچ پچ خداوند ئي مون کي اوهان ڏانهن موڪليو آهي تہ اهي سڀ ڳالهيون اوهان کي ٻڌايان.“
ٻڌو، اي عمر رسيدؤ! بلڪ هن ملڪ يهوداہ جا سڀ رهاڪؤ! اوهين ڪن ڏيئي ٻڌو. ڇا اوهان جي يا اوهان جي ابن ڏاڏن جي ڏينهن ۾ ڪڏهن ڪا ههڙي ڳالهہ ٿي آهي؟
پر خداوند مون کي ڌڻ چارڻ کان ڇڏائي فرمايو تہ ’اسرائيل ملڪ واري منهنجي قوم ۾ وڃي منهنجو پيغام ٻڌاءِ.‘
خداوند جي آڏو پاڻ کي نماڻو ڪريو تہ هو اوهان کي سرفراز ڪندو.
جنهن کي ڪن آهن سو پاڪ روح جون ڳالهيون ٻڌي جيڪي هو ڪليسيائن کي فرمائي ٿو.“